پاڪستان سان مختلف شعبن ۾تعاون جاري آهي: آمريڪا

0
232

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪا چيو آھي تھ پاڪستان سان مختلف شعبن ۾تعاون جاري آهي، آمريڪي پرڏيھي وزير نيڊ پرائيس جو چوڻ آھي تھ وينڊي شرمين جي آرمي چيف سان ملاقات ٿي هئي

ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڏنل رقم جي مانيٽرنگ جو طريقيڪار موجود آهي، آمريڪي پرڏيھي وزارت موجب امريڪا ۽ يو ايس ايڊ جا نمائندا متاثر علائقن جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪندا آهن

نيڊ پرائيس موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي 10 ضلعن جو دورو ڪيو ويو آهي، يو ايس ايڊ جي ٽيم گذريل مهيني دورا ڪيا، جيئن ضرورت ۽ امداد جو جائزو وٺي سگهجي، يو ايس ايڊ مقامي پارٽنرز سان گڏ به ڪم ڪندي آهي