سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي 24 ميمبرز جي موجودگيءَ جو انڪشاف، ضمير موجب ووٽ ڏينداسين: راجا رياض

0
177
قومي اسيمبلي اجلاس: سپريم ڪورٽ ڀٽو جي آئين کي ڦاهي چاڙهيو آهي
قومي اسيمبلي اجلاس: سپريم ڪورٽ ڀٽو جي آئين کي ڦاهي چاڙهيو آهي

اسلام آباد: سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي 24 ميمبرز جي موجودگيءَ جو انڪشاف، جهانگير ترين گروپ جو راجا رياض، نواب شير وسير، نور عالم خان، باسط بخاري ۽ ٻيا سنڌ هائوس ۾ ويٺل آهن. هو پارليامينٽ لاجز ۾ پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجهن ان ڪري کين سنڌ هائوس اچڻو پيو

ميمبر قومي اسيمبلي راجا رياض چيو ته اسان وٽ پي ٽي آءِ جا 12 نه پر 24 ايم اين ايز آهن، پرويز الاهي جي ايم اين ايز جي انگ بابت ڄاڻ درست ناهي، وڌيڪ ايم اين ايز اچڻ لاءِ تيار آهن پر ن ليگ کين ايڊجسٽ ناهي ڪيو

هن چيو ته اسان پنهنجي ضمير موجب فيصلو ڪيو آهي، ضمير جي حساب سان ووٽ ڏينداسين، خان صاحب سان اختلاف آهي ان ڪري ضمير موجب فيصلو ڪيو آهي، خان صاحب ضمانت ڏي ته ضمير موجب فيصلو ڪندڙن مٿان پوليس حملو نه ڪيو ويندو ته پوءِ اسان پارليامينٽ لاجز منتقل ٿي وينداسين

ان حوالي سان ميمبر اسيمبلي نواب شير وسير جو چوڻ هو ته پارليامينٽ لاجز واري واقعي سبب اسان سنڌ هائوس منتقل ٿي ويا آهيون، ووٽ وجهڻ لاءِ اسان فواد چوڌري کي ڀاڪر پائي وينداسين. اسان کي فواد چوڌري کان پڇڻ جي ضرورت ناهي. نواب شير وسير وڌيڪ چيو ته اهي ڊاڙون آهن، هو اسان کي گهوڙا، گڏهه، خچر چون ته ڀلائي جي ڪهڙي توقع ڪيون، سياستدان کي اهڙي ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي

ھي بھ پڙھندا

!پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ هائوس وڃڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو