ڊي آءِ جي ايس ايس يو ڪنهن سياسي مقصد لاءِ اسلام آباد ناهي ويل: ترجمان

0
179
ڊي آءِ جي ايس ايس يو
ڊي آءِ جي ايس ايس يو ڪنهن سياسي مقصد لاءِ اسلام آباد ناهي ويل: ترجمان

اسلام آباد: ڊي آءِ جي سڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن ڊاڪٽر مقصود احمد ميمڻ 23 مارچ يوم پاڪستان جي موقعي تي پريڊ لاءِ سنڌ پوليس جي دستا پاران خصوصي انتظامن جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ موجود آهي

پوليس ذريعن مقصود ميمڻ جي ڪنهن ٻئي مقصد يا سنڌ هائوس جي سياسي حوالي سان اسلام آباد ۾ موجودگي جي ترديد ڪئي آهي. ايس ايس يو ترجمان ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ جي مصروفيتن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد جي دوري جا تفصيل جاري ڪيا

ترجمان موجب ڊي آءِ جي مقصود ميمڻ اسلام آباد پريڊ گرائونڊ جو دورو ڪيو ۽ پريڊ انتظامن جو جائزو ورتو. ترجمان موجب يوم پاڪستان جي پريڊ ۾ سنڌ پوليس جو 371 اهلڪارن جو خاص دستو حصو وٺندو. پريڊ 2022 ۾ 182 اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ڪمانڊوز شرڪت ڪندا. ڪراچي ضلعي پوليس جا 131 ٽريفڪ پوليس اهلڪار پريڊ 2022 جو حصو آهن.