سنڌ سرڪار جي ڪاميٽي پاران ڪارونجهر ليز ڪرڻ جي سفارش: چونڊيل نمائندن جا اعتراض: ٻيهر جائزي جو فيصلو

0
707

ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي معدني وسيلن واري کاتي سرڪار جي جوڙيل ڪاميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪارونجهر جبل جون ليز ون جاري ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ننگر پار ڪر مان چونڊيل پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو ۽ خاص معاون
ويرجي ڪولهي جي اعتراضن بعد ڪاميٽي جي رپورٽ رد: ڪاميٽي ڪارونجهر جو نيئن سر جائزو وٺي، عوامي شنوائي ذريعي شهرين کان تجويزون حاصل ڪري ٻيهر رپورٽ پيش ڪندي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي معدني وسيلن واري وزير شبير بجاراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، خاص معاون ويرجي ڪولهي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مختلف کاتن جي عملدارن تي مشتمل ڪاميٽي رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته ننگرپارڪر تعلقي ۾ مجموعي طور 24 قديمي آثار آهن، جن ۾ ڪجهه جين ڌرم جا قديمي مندر به شامل آهن، ان کانسواءِ ڪارونجهر ۾ مختلف مذهبن جون 104 عبادتگاهون پڻ موجود آهن، جن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، جهنگلي جيوت کاتي جي هڪ وائلڊ لائيف سينچري آهي، ڪاميٽي موجب معدنيات واري کاتي پاران چائنا ڪلي (چيني مٽي ) ۽ گرينائيٽ پٿر جي ليز ننگرپارڪر کان 12 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڏنل آهي، ڪاميٽي موجب ڪارونجهر جبل ۽ ان جي پسگردائي ۾ گرينائيٽ جا 26 ارب ٽن جا ذخيرا موجود آهن، جن جي ليز ڏيڻ سان خوشحالي ايندي ۽ مقامي ماڻهن کي به روزگار جا موقعا ملندا، اجلاس ۾ موجود خاص معاون ويرجي ڪولهي چيو ته ڪارونجهر جي ليز ڏيڻ سان ترقي ۽ خوشحالي جا خواب ته ڏسي سگهجن ٿا پر مقامي ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو، اسين ترقي جي خلاف ناهيون پر مقامي ماڻهن جو گذارو ڪارونجهر جبل ۽ اتي موجود چراگاهن تي آهي، جتي چوپايو مال وڃي چري ٿو، انهن ماڻهن جي راءِ ڪٿي آهي؟ ثقافت واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته سياحتي ۽ ثقافتي لحاظ کان ڪارونجهر شاهوڪار جبل آهي، جتي هزارين سياح گهمڻ اچن ٿا، ڪارونجهر جبل کي ڪاٽڻ سان ٿر جو فطري حسن متاثر ٿيندو، اجلاس ۾ موجود ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته گرينائيٽ جي حاصلات لاءِ جبل ڪاٽڻ سان نه رڳو فطري حسن متاثر ٿيندو پر ماحولياتي نقصان ٿيندو، هن سوال اٿاريندي چيو ته سرڪاري ڪاميٽي ماحولياتي اسٽڊي ڇو ناهي ڪرائي؟ هن چيو ته اڳ ۾ ئي چائنا ڪلي جي ليز سبب تمام گهڻو نقصان ٿئي رهيو آهي، هوڏانهن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي قاسم سراج سومرو چيو ته ڪاميٽي جي رپورٽ اڻپوري هئي، اسان ڪاميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها سمورن رخن ۾ جائزو وٺي، ڪارونجهر جبل جي مڪمل اسٽڊي ڪرائي وڃي، عوامي ٻڌڻي ذريعي ترقي بابت سرڪاري تجويزون مقامي ماڻهن آڏو رکيون وڃن، شهرين جون تجويزون نوٽ ڪري ايندڙ اجلاس ۾ جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪارونجهر جون ليزون ڏيڻ بابت سفارش کي رد ڪيو ويو آهي، في الحال ننگرپارڪر ۾ گرينائيٽ توڙي چائنا ڪلي جي ڪا به ليز ناهي، ايندڙ اجلاس ۾ جامع رپورٽ اچڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان به ترقي چاهيون ٿا پر اها اهڙي ترقي اهڙي هجي، جنهن سان مقامي ماڻهن کي نقصان نه پهچي ۽ ٿر جو فطري حسن به متاثر نه ٿئي. اسان انڊر گرائونڊ مائننگ بابت به غور ويچار ڪنداسين.