ڪراچي ( رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي  25 سرڪاري  يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي مقرري لاءِ  نوان قاعدا ۽ ضابطا تيار: منظوري لاءَ سنڌ جي وڏي وزير کي موڪليا ويا، ان ڏس ۾ سنڌ  جي پبلڪ سيڪٽر وارين يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي خالي پيل جاين تي مقرري لاءِ اميدوارن جي اھليت بابت ھيڪ سنڌ جي جوڙيل اسڪروٽني ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي، ڪاليجز جي سيڪريٽري خالد حيدر شاھ،  يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري مريد راھمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪاميٽي پاران يونيورسٽين جي وي سيز جي مقرري لاءِ  اھليت بابت قاعدا ۽ ضابطا جوڙڻ تي غور ويچار ڪيو ويو، ڪاميٽي جي ميمبرن  وي سي شپ لاءِ اميدوار جي عمر جي حد 62 سال، انتظامي تجربو 10 سال ۽ سندس پروفيسر يا پروفيسر ٿيڻ واري اسٽيج تي موجود ھجڻ لازمي قرار ڏنو، اڳ ۾ يونيورسٽين جي وي سيز جي مقرري لاءِ  عمر جي حد 65 سال مقرر ٿيل هئي، جڏهن ته انتظامي تجربي  ۽ پروفيسر ھجڻ يا نه ھجڻ جا لازمي شرط شامل نه ھئا، اسڪروٽني ڪاميٽي نون وي سيز جي  چونڊ وقت مقرري لاءِ  نوان قاعدا لاڳو ڪرڻ  جي سفاش سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي، وزيراعليٰ کان منظوري بعد سنڌ هيڪ (ھائر ايجوڪيشن ڪميشن) پاران لمس،  آءِ بي اي سکر، دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ نصرت ڀٽو يونيورسٽي سکر ۾ مستقل وائيس چانسلرن  جي مقرري لاءِ  اشتھار ڏنو ويندو ـ