ملير (رپورٽر) سنڌ اسمبليءَ ۾ گڏيل مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته جيالا سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا هڻي رهيا آھن، مرتضيٰ وهاب ڪوڙ ڳالهائڻ جي پگهار وٺي ٿو. اهڙن خيالن جو اظھار هن ملير جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزير اعظم ٻه ڀيرا سنڌ جي عوام کي ميگا پروجيڪٽس جي مد ۾ اربين رپين جا فنڊ ڏنا آهن. حليم عادل شيخ چيو ته ملير ندي لڳ درساڻو ڇنو کان ملير ايڪسپريس وي جي رستي تي لينڊ مافيا کان قبضو ڪرائي پلاٽنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وسيلن تي پيپلا پاڻ ڌاڙا هڻي رهيا آهن. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب 15 لک پگهار رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ جي مد ۾ وٺي ٿو. هو ٿرپارڪر ۾ وڃي ڏسي ته عمران خان 2 لک پنجهتر هزار خاندانن کي صحت ڪارڊ ڏنا آهن، جڏهن ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ بخار جي گوري به نٿي ملي، ٿر ۾ ٻارڙا علاج نه ٿيڻ ڪري مري رهيا آهن. 13 سالن دوران سنڌ جي ترقيءَ لاءِ 7 هزار 8 سؤ 80 ارب رپيا آيا. مرتضيٰ وهاب عوام کي ٻڌائي ته اها رقم ڪٿي خرچ ٿي آهي. وزير اعظم جي منشور ۾ آهي ته سنڌ ترقي ڪري عوام خوشحال ٿئي. وفاق پاران سنڌ لاءِ ڏنل پيڪيج ڪرپٽ سياستدانن کي هضم نه ٿي رهيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏي شگر مافيا سنڌ ۾ آهن، جنهن جي ڪري ئي کنڊ مهانگي ٿي آهي