چونڊڪو ( ن پ ا ) چونڊڪو ڀرسان ڦارهياڙو شھر ۾ گهر ڀاتين کي نشو ڏئي ناري گهران نڪري نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي آهي. ناري ڪشميران جمالي جي پيءُ علي گل جمالي ۽ شبيران جمالي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته منظور چاڪراڻي اسان کي چانھن ۾ نشو ڏئي نياڻي ڪشميران کي اغوا ڪري ويو آھي. جوڙي چيو ته پاڙي وارن ننڊ مان اٿاريو ۽ اسان جي نياڻي ڪشميران گهر ۾ نه هئي. سوراهه پوليس جاءِ وارڌات تي پهچي نشو ڏنل گهر ڀاتين کي اسپتال کڻائي وئي. ٻئي طرف ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته ڪشميران جمالي ۽ منظور چاڪراڻي ڪراچي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي آھي. جوڙي وڊيو بيان ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.