ٽنڊوآدم (ن پ ا) تعلقي ٽنڊوآدم جي ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي ۾ خاصخيلي برادري جي هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن اياز گل خاصخيلي، جمن خاصخيلي ۽ مسمات ستڀرائي جي قتل خلاف خلاف ٽنڊوآدم ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاران سلطان خاصخيلي ۽ غلام قادر خاصخيلي، انور خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايم اي جناح روڊ ٽنڊوآدم تي 13 هين ڏينهن به بک هڙتال جو سلسلو جاري رهيو. پوليس ٻنهي واقعن ۾ ملوث مک جوابدارن زاهد عمراڻي ۽ گل حسن مڪراني کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن چيو ته جيڪا به پوليس ٻنهي قاتلن کي گرفتار ڪندي آئون ان پوليس پارٽي کي هڪ لک رپيا نقد انعام ڏيندس.