سنڌ جي مشھور اداڪارا ۽ ماروي فيم غزل صديق ٽائيم نيوز جي مارننگ شو کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

0
451
سنڌ جي مشھور اداڪارا

ڪراچي: سنڌ جي مشھور اداڪارا ۽ ماروي فيم غزل صديق ٽائيم نيوز جي مارننگ شو کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، پنهنجي مارننگ ۾ مداحن ڌڙاڌڙ ڪالز ڪري غزل صديق سان ڪچهري ڪئي

 غزل صديق مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته اڄڪلهه هوءَ ڪُٽنب سوڌو ڪئنيڊا ۾ رهي ٿي، پر ڪراچي جهڙو مزو دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ ناهي، اهو ٻڌي خوشي ٿيندي آهي جو منهنجي ڊرامن کي اڃا تائين پسند ڪيو وڃي ٿو

منهنجي وجود سان معاشري ۾ ڪا تبديلي اچي ته خوشي ٿيندي، ٽائيم نيوز جي مارننگ شو ۾ مداحن غزل صديق کان خوبصورتي جو راز به پُڇيو