عثمان بزدار خلاف وڏي مهم هلائي وئي، پر سروي ۾ عثمان بزدار ڪامياب ترين وڏو وزير بڻجي ويو: وزيراعظم

0
331
سڄي قوم 27 مارچ تي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت صحت جي نظام ۾ جيڪو ڪرڻ پئي وڃي اهڙو نظام شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي هجي

اسلام آباد ۾ هيلٿ ڪارڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن هيلٿ ڪارڊ جي حوالي سان وڏو قدم کنيو آهي، هر خاندان وڙ 10 لک رپين جو هيلٿ ڪارڊ هوندو، صحت ڪارڊ تي سرڪاري اسپتالن کان علاوه خانگي اسپتالن ۾ به علاج ڪرائي سگهجي ٿو

هن چيو ته مون کي برطانيه جو صحت نظام متاثرڪيو، برطانيه جي صحت جو نظام دنيا جو بهترين نظام آهي، پر جيڪو اسان ڪرڻ وارا آهيون اهو شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي به هجي

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ نظام صرف اشرافيه لاءِ ٺهي ويو هو پر هيلٿ ڪارڊ جي مدد سان ڪو به شخص خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهي ٿو، ماضي جي حڪمرانن کي کنگهه به ٿيندي هئي ته علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ هليا ويندا هئا، جڏهن ته ميانوالي جهڙا  پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاءِ راولپنڊي وڃڻو پوندو هو

وزيراعظم چيو آهي ته صحت ڪارڊ تي 400 ارب رپيا خرچ ٿي رهيا آهن، عثمان بوزدار جي خلاف جيتري مهم هلي ايتگري ڪنهن وڏي وزير خلاف نه هلي، جڏهن سروي آيو ته عثمان بوزدار سڀني کان ڪامياب ترين وزيراعليٰ بڻجي ويو

اڳوڻي حڪمرانن تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته اڳوڻا وڏا وزير ٽوپي پائي گهمندا هئا، کين غريب ماڻهن جو احساس ئي نه هوندو هو، اسپتالن ڏانهن ويندڙ رستي ۾ مري ويندا هئاپي ٽي آءِ پنجاب جي مشاورتي

وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي عوام ڏيندي آهي، جڏهن عوام ملڪ کي پنهنجو سمجهي ٿو ته قوم اٿي بيهندي آهي، مدر اينڊ چائلڊ اسپتال ٺاهي رهيا آهيون، اسان جي دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجنداسين ته فلاحي رياست ڪهڙي هوندي آهي، هن چيو ته خانگي اسپتالن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، پرائيويٽ اسپتالن کي سستي زمينون به ڏنيون پيون وڃن

ھي به پڙھندا

الله جو شان آهي جو نواز ليگ ۽ فضل الرحمان حڪومت کي ڪرپٽ چون، هن کي چئبو آهي آسمان تي ٿُڪڻ: فواد چوڌري