سنڌ  جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن سان گڏوگڏ والدين جي ويڪسينيشن لازمي قرار

0
385
اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس
سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن سان گڏوگڏ والدين جي ويڪسينيشن لازمي قرار!!

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 20 آگسٽ کان اسڪولڻ سميت اهم فيصلا ڪيا ويا، سنڌ  جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن سان گڏوگڏ والدين جي ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي، چيو ويو ته والدين کي گھرجي ته اھي پنھنجا ويڪسينيشن ڪارڊ تعليمي ادارن ۾ جمع ڪرائين.

سنڌ جي ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ سندن والدين جا ويڪسينيشن ڪارڊ جمع ڪرائڻ به لازمي هوندا. سنڌ جي تعليم کاتي پاران NCOC کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن 16 سالن تائين جي ٻارن جي ويڪسينيشن ڪرائي سگهجي.