افغانستان جا 10 سربراهه- سندن حڪومتي دور ڪيئن پڄاڻي تي پهتو؟

0
646
افغانستان جا 10 سربراهه

افغانستان جي تاريخ جنگ و جدل سان ڀري پئي آهي، جتي رتوڇاڻ ۽ حڪومتن جا تختا اونڌا ٿيڻ جي روايت پراڻي آهي، تازو ئي طالبان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ اچو ته افغانستان جي گذريل 10 حڪمرانن جي دور تي مختصر نظر وجهون.

 

 

افغانستان جا 10 سربراهه

بادشاهه محمد ظاهر شاهه

بادشاهه ظاهر شاهه افغانستان جي تاريخ جو سڀ کان طويل عرصي تائين اقتدار ۾ رهندڙ حڪمران هو. هو افغانستان جو آخري بادشاهه هو. افغانستان تي 40 سال حڪومت ڪئي. ظاهر شاهه 8 نومبر 1933ع تي تخت سنڀاليو، هو 1973ع ۾ اٽلي جي شهر روم ۾ موڪلون گذاري رهيو هو ته پويان سندس سوٽ دائود خان هن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. هو 2002ع تائين جلاوطن رهڻ کانپوءِ واپس موٽيو ۽ 2007ع ۾ وفات ڪري ويو.

 

افغانستان جا 10 سربراهه

دائود خان

ظاهر شاهه جو تختو اونڌو ڪندڙ دائود خان سندس ئي پاران مقرر ٿيل افغانستان جو وزيراعظم هو، بعد ۾ هو فوجي انقلاب کانپوءِ ملڪ جو صدر بڻيو. 1978ع ۾ هو پاڻ ۽ سندس گهرڀاتي خوني ثور انقلاب جي ور چڙهي ويا، کين بيدردي سان ماريو ويو.

 

افغانستان جا 10 سربراهه

نور محمد ترڪئي

نور محمد ترڪئي ثور انقلاب جي بانين منجهان هڪ هو، جيڪو دائود خان کانپوءِ افغانستان جو صدر بڻيو ۽ رڳو هڪ سال تائين کيس حڪمراني نصيب ٿي. اهو هڪ سال ٻهراڙي ۾ رهندڙ انهن افغانين لاءِ خوني ثابت ٿيو جن ثور انقلاب ۽ ترڪئي حڪومت جي مخالفت ڪئي. 1979ع ۾ کيس سندس ئي اتحادي هفيظ الله امين جي چوڻ تي اقتدار تان هٽائي 8 آڪٽوبر تي گوليون هڻي ماريو ويو.

 

افغانستان جا 10 سربراههحفيظ الله امين

حفيظ الله امين ثور انلقاب جو مک اڳواڻ هو، جيڪو صدر طور رڳو ٽي مهينا ڪرسي تي ويهي سگهيو. حفيظ الله جا امريڪي سي آءِ اي سان لاڳاپا هجڻ جي شڪ ۾ کيس ڊسمبر 1979ع ۾  سوويت يونين آپريشن اسٽارم 333 ۾ موت جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.

 

افغانستان جا 10 سربراهه   ببرڪ ڪارمل

حفيظ اللھ امين جي جاءِ ثور انقلاب جي ئي ٽئين اڳواڻ ببرڪ ڪارمل سنڀالي، جنھن کي سوويت يونين جي ڪٺ پتلي چيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ تھ انھن جي ئي مدد سان ھو اقتدار ۾ آيو. ببرڪ ڪارمل 7 سالن تائين حڪومت ڪئي. سندس خلاف افغان مجاھدين امريڪا ۽ سعودي عرب جي مدد سان سرگرم رھيا، سوويت يونين مجاھدين جي اڀرڻ جو ذميوار ببرڪ ڪارمل کي قرار ڏنو ۽ مٿس دٻاءُ وجھي کيس استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو.

افغانستان جا 10 سربراهه نجيب اللھ

ببرڪ ڪارمل کانپوءِ سوويت يونين جي مدد سان ڊاڪٽر نجيب اللھ اقتدار ۾ آيو. جنھن کي 1992ع ۾ طالبان پڪڙي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش چوڪ تي لٽڪائي ڇڏيو ھو.

 

افغانستان جا 10 سربراهه

برھان الدين رباني

سوويت يونين جي افغانستان ۾ شڪست کانپوءِ مجاھدين برھان الدين رباني کي ھڪ سال لاءِ افغانستان جو صدر نامزد ڪيو پر ھو 1994ع تائين اقتدار ۾ رھيو. ان وچ ۾ ڪابل خانھ جنگي جي ور چڙھيل رھيو، جنھن طالبان کي اسرڻ جو موقعو فراھم ڪيو. 2011ع ۾ طالبان جي خودڪش حملي ۾ برھان الدين رباني مارجي ويو.

   افغانستان جا 10 سربراههملا محمد عمر

90ع واري ڏھاڪي ۾ طالبان اڀرڻ شروع ڪيو ۽ افعانستان طالبان جي قبضي ۾ اچي ويو. ملا عمر 1996ع ۾ امير بڻيو. امريڪا طالبان جي حڪومت کي تسليم نھ ڪيو ۽ کليل نموني سان مخالفت بھ نھ ڪئي. ملا عمر 2013ع ۾ وفات ڪئي، سندس موت جي خبر ٻن سالن بعد منظر عام تي آئي.

  افغانستان جا 10 سربراههحامد ڪرزئي

حامد ڪرزئي 2001ع کان سيپٽمبر 2014ع تائين افغانستان جو صدر رھيو، ھو اڃان تائين ڪابل ۾ آھي.

 

افغانستان جا 10 سربراهه

   اشرف غني

اشرف غني افعانستان جو 14ھون صدر ھو، جيڪو سيپٽمبر 2014ع کان آگسٽ 2021 تائين اقتدار ۾ رھيو ۽ پوءِ طالبان پاران ڪابل تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو.