مٺي پوليس جو عجيب ڪارنامو، ڏيڍ ورهين جي ٻارڙي تي ڪيس داخل

0
403

مٺي(ن پ ا) مٺي پوليس جو عجيب ڪارنامو، ڏيڍ ورهين جي ٻارڙي تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ سگهروڙ ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن جو ڏيڍ سالن جي فاضل جوڻيجو سميت 20 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران ٽي ڄڻا زخمي به ٿي پيا هئا.