سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران برسات متاثرن جي امداد نه ٿيڻ خلاف 23 آگسٽ تي مظاهرن جو اعلان

0
262

ڄامشورو: سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران برسات متاثرن جي امداد نه ٿيڻ خلاف 23 آگسٽ تي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آھي، سمورن ضلعن ۾ ڊي سيز جي آفيسز آڏو احتجاج ڪيو ويندو

سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 30 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي، 16 آڪٽوبر تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ چار سئو ڀيرا وڏيون برساتون پيون آهن:وڏو وزير

زين شاهه، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين ڄامشوري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صوبي ۾ برسات متاثر لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن

سنڌ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن جو چوڻ ھو تھ  سنڌ سرڪار بي گهر ٿيل ماڻهن کي نوان گهر ٺهرائي ڏي، غريب هارين جا قرض معاف ڪيا وڃن، برسات متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ ٻئي راشن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي

اياز لطيف پليجو ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ برسات متاثرن جي واھر ناھي ٿي، احتجاجن جو احتجاج ڪيون ٿا، ڪراچي ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف  جلسو ڪيو ويندو، سنڌ سرڪار مخصوص علائقن تائين محدود آھي، سڄي سنڌ ٻڏي وئي آھي، گھر تباھ ٿي ويا آھن پر حڪمران ننڊ پيل آھن

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن دوران اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه کانپوءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ شاخن ۽ واهن کي گهارا