تيز برساتن سبب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڄ کان 6 ڏينهن تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان

0
289
تيز برساتن سبب لاڙڪاڻي

لاڙڪاڻو: تيز برساتن سبب لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڄ کان 6 ڏينهن تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ڊي سي 22 کان 27 آگسٽ تائين نجي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي

سکر ضلعي ۾ به تيز برساتن سبب اڄ کان ٻن ڏينهن لاءِ سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارا بند رهندا، ڊي سي سکر پاران شهرين کي برساتن دوران غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي آھي

شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ رڳو اڄ سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا بند رهندا، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن دوران اڄ وڌيڪ 13 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن سوين گهر اُجاڙي ڇڏيا، گھرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊھڻ سبب 35 ڄڻا اجل جو شڪار