پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي هڪ ٻي مبينا وڊيو به سامهون اچي وئي

0
324

ڪراچي: بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي هڪ ٻي مبينا وڊيو به سامهون اچي وئي، وڊيو ۾ شهباز گل پمز اسپتال جي وارڊ ۾ بيڊ تي ويٺل نظر اچي رهيو آهي

 وڊيو ۾ اسپتال جو اٽينڊنٽ شهباز گل کان مٽن کائڻ بابت پڇي رهيو آهي، شهباز گل اٽينڊنٽ کي ماني کائڻ کانپوءِ نبولائيز ڪرڻ لاءِ چوندي نظر اچي رهيو آهي

ان کان اڳ جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ به شهباز گل چاق ۽ چڱو ڀلو نظر اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن شهباز گل جي سامهون آيل وڊيوز کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آھي تھ شهباز گل تي تشدد نه ٿيو آهي ته پوءِ راڻا ثناءُ الله معاملي جي جاچ ڪرائڻ کان ڇو پيو گهٻرائي؟ حڪومت جون وايون بتال ٿيل آهن، حڪمرانن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪرڻو آهيپي ٽي آءِ قيادت شهباز گِل

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته شهباز گل جج آڏو پنهنجي قميص مٿي ڪري جسم تي ٿيل تشدد جا نشان ڏيکاريا، عمران خان جي لائيو تقريرن تي پيمرا جي لڳايل پابندي کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين، عمران خان کانسواءِ پاڪستان ۾ سياست جو تصور ئي ممڪن نه آهي

ھي به پڙھندا

پيمرا عمران خان جو خطاب لائيو ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

عمران خان جي تقرير تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مشاورت ٿي رھي آھي: راڻا ثناءُ الله