ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس جي وردي تبديل ڪرڻ وارو معاملو بدستور رولڙي جو شڪار، آءِ جي سنڌ جي درخواست کانپوءِ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي وردي تبديل ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو، سمري حڪومت حوالي، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب آءِ جي سنڌ مشتاق مهر چيف سيڪريٽري کي هڪ خط لکي سفارش ڪئي هئي ته سنڌ پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي يونيفارم ساڳئي هجڻ سبب سنڌ پوليس بابت غلط تاثر اڀري ٿو، اينٽي انڪروچمينٽ فورس جا اهلڪار حددخليون هٽائڻ وڃن ٿا ته ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي پوليس اهلڪار آهن، ان ڪري ضروري آهي ته اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي وردي تبديل ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ جي اهڙي درخواست تي روينيو کاتي اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي وردي تبديل ڪرڻ بابت سمري تيار ڪري حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، سمري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سندن فورس جا بيج الڳ آهن پر يونيفارم ساڳئي آهي، جنهن ڪري حددخلين خلاف آپريشن دوران مونجهارا پيدا ٿيندا آهن ، آءِ جي سنڌ به 2 دفعا گذارش ڪري چڪو آهي ته اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي وردي تبديل ڪئي وڃي. سمري ۾ ڄاڻايو ويو ته اينٽي انڪروچمينٽ فورس 2010ع ۾ ٺهي، پوليس واري ساڳئي وردي هجڻ ڪري آپريشن دوران مونجهارو ٿئي ٿو. ان ڏس ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي ڊائريڪٽر طارق رزاق ڌاريجو موجب سليڪشن ڪاميٽي يونيفارم جو رنگ به چونڊيو آهي، نئون يونيفارم برائون (ڀوري) رنگ جو هوندو، يونيفارم جا سيمپل سنڌ حڪومت کي اماڻيا ويا آهن، وردي جي رنگ جي حتمي منظوري وفاقي گھرو وزارت ڏيندي. ڊائريڪٽر طارق رزاق ڌاريجو موجب مٿان کان منظوري ملڻ بعد سنڌ ڪابينا کان به منظوري وٺڻي پوندي، انهي ۾ ڪجهه وقت لڳندو، جنهن بعد اهلڪار فيلڊ ۾ نئين وردي سان نظر ايندا