ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ بچل بوداڻي ۾ اياز گل ۽ جمن خاصخيلي جڏهن ته ڳوٺ تارا باغ جي اڪبر خاصخيلي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ خاصخيلي راڄوڻي اتحاد پاران پريس ڪلب آڏو شير محمد خاصخيلي، غلام رسول خاصخيلي، اسلم قريشي، بشير خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ 59 ھين ڏينھن به بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي اڳواڻن دانھيندي چيو ته خاصخيلي برادري جي قتل ٿيل ٽن بيگناهه ھارين جي قتل ۾ ملوث بااثر مک جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ان لاءِ پوري خاصخيلي برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي جيستائين انصاف نه ملندو احتجاج جاري رهندو.