سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي تعلقي مان برساتي پاڻي فوري نيڪال ڪرڻ لاءِ عدالت ڊي سي ميرپورخاص ۽ آبپاشي کاتي کي حڪم ڏئي ڇڏيو، ميرپور خاص جي سيشن عدالت اھڙو حڪم ڳوٺاڻي عيدو مري  جي درخواست تي ڏنو آھي ۽ انتظامي ڌرين کي 27 مارچ تي عدالت پڻ طلب ڪيو، عدالت چيو ته فوري طور تي برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، ماڻھو کليل آسمان هيٺ سخت تڪليف ۾ ويٺل آھن، انھن کي کاڌ خوراڪ ۽ ريليف جا پيڪج ڏنا وڃن، عدالت حڪم ڏنو ته برساتي پاڻي بيھڻ ڪري گندي پاڻي مان بيماريون جنم وٺڻ لڳيون آھن، ڊي ايچ او ميرپورخاص فوري طور متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي ۽ اھڙي رپورٽ چيف سيڪريٽري ڏانھن پڻ موڪلي وڃي، واضح رهي ته سنڌڙي تعلقي جي يو سي سرهل، يو سي سامارو، يوسي اسماعيل ڪنڀر ۽ ٻين هنڌن تي 8 مهينن کان برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا.