قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ملواح شاخ کي 30 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙ ايراضي تي پچي راس ٿيل ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، اھڙي عمل خلاف ڳنوار مھر جي ڳوٺاڻن حاجي رضا محمد مھر، محمود جوکيو، نياز حسين مھر ۽ پھلوان مھر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي ناهي ايندو، پر هاڻ جڏھن منڍ جي بااثر زميندارن کي پاڻي جي ضرورت ناهي ته شاخ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇوڙ  ڪري هٿ سان گهارو وڌو ويو آهي، هنن چيو ته اطلاع باوجود ڪو به آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ ناهي پهتو، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.