سنڌي ٻوليءَ ۾ ”تعليم ڏيندڙ“ لاءِ بدلجندڙ لفظ

0
307

                 مختلف ٻولين ۾ تعليم ڏيندڙ لاءِ الڳ لفظ آهن. مثال طور عربيءَ ۾ ”مدرس“، گجراتي ۾ چون ”سکشه“، فارسيءَ ۾ ”معلم“، انگريزي ۾ ”ٽيچر“، هندي ۾ ”وديا گرو“ وغيره. انهن سڀني لفظن جي گهڻو ڪري معنيٰ آهي:”سکيا ڏيندڙ“ آهي.

                 انگريزن جي دور کان اڳ سنڌ ۾ فقط ميرن، اميرن، پيرن، وڏيرن، واپارين، سيدن ۽ قاضين وغيره جي ٻارن کي مناسب حد تائين تعليم ڏني ويندي هئي. مڪتبن لاءِ الڳ عمارتون به گهٽ هونديون هيون. ڪي مڪتب مسجدن جي اندر حجرن ۾ هوندا هئا ته ڪي مسجد يا ڪنهن ٻي جاءِ تي وڻن جي ڇانو ۾ تڏا وڇائي ٻارن کي سبق ڏيندا هئا. اتي تعليم ڏيندڙ استاد کي ”آخوند“ چيو ويندو هو.آخوند فارسيءَ جي خوند (آ+ خوند) مان نڪتل آهي، جنهن ۾ آ فارسي زبان جو سابقو آهي ۽ خوند تخفيف آهي. آخوند گهڻو ڪري ديني تعليم ڏيندا هئا. اهڙي طرح مسلمان ٻار کي ديني تعليم ڏيندڙ کي ”ملو“ ۽ هندو ٻار کي ”اوجهو“ به چوندا هئا. مثال طور سيوهڻ يا دادو وارا ٻار کي مڪتب ۾ وهارڻ تي چوندا هئا ”ٻار اڄ ملي ويٺو“ يا شڪارپور وارا ٻار کي ”اوجها“ ۾ وهارڻ چوندا هئا: ”ٻار اڄ اوجهي ويو آهي“.

انگريزن جي دور ۾ تعليم ڏيندڙ لاءِ نوان اصطلاح وجود ۾ آيا ۽ شروع ۾ پڙهائيندڙ لاءِ ”منشي“ جو لفظ به ڪتب ٿيندو هو، جيڪو پوءِ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪن لاءِ مخصوص ٿي ويو. پر اڳتي هلي انگريز عملدارن تعليم ڏيندڙ کي ”ماستر“ جي نالي سان پڪاريو. جڏهن ته ”ماستر“ انگريزي جي لفظ ماسٽر (MASTER)مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ”آقا“ يا ”مالڪ“. پر هتي ان جي معنيٰ مالڪ نه پر ”سنڀاليندڙ“ ٿيندي. اهو لفظ صرف اسڪول تائين محدود نه هو. اسڪول جي سنڀاليندڙ کي ”اسڪول ماستر“ يا ”هيڊ ماستر“ ، اسٽيشن جي سنڀاليندڙ کي ”اسٽيشن ماستر“ ۽ پوسٽ جي سنڀاليندڙ کي ”پوسٽ ماستر“ چئبو آهي.

انگريزن جي آخري دور ۾ ماستر جو عيوضي لفظ”استاد“ بڻيو، ”استاد“ اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ (اسم مذڪر) آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، ”سيکارڻ وارو“ يا ”عقل جو سائين“ يا ”پنهنجي فن ۾ ڪامل شخص“. اُستاد کي انگريزي زبان ۾ ٽيچر (TEACHER) چئجي ٿو. پر لفظ استاد، اسڪول جي سکيا ڏيندڙ کان اڳتي نڪري ڪنهن به شيءَ جي استادي ڏيڻ واري تائين وڌي ويو، ايستائين جو غلط گُر سيکاريندڙ کي به استاد يا گاڏي جي ڊرائيور کي ”استاد“ مڃيو ويو. مشهور ۽ ڪلاسيڪل راڳيءَ کي به استاد چيو وڃي ٿو.

نوٽ: هن تحقيق سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ تصحيح ڪري سگهجي ٿي.