هڪجهڙو نصاب،گذريل پاليسيون ۽ ناڪامين جا سبب

0
337

                 قومي تعليمي پاليسي 1979ع: پاڪستان هڪ حوالي سان وڏو خوشنصيب ملڪ آهي جو هن ملڪ کي ڪو نه ڪو فوجي سربراهه پنهنجي ڊگر تي هلائڻ، پاڻ کي هر بي ايماني کان پاڪ ۽ ملڪ جي هر سياسي سربراهه کي مها بي ايمان سمجهندي ملڪ جون واڳون فوج جي حوالي ڪري، پاڻ ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻجي ويهي رهندو آهي. سال 1979ع ۾ ان وقت جي فوجي سربراهه ۽ ملڪ جي مها آمر جنرل ضياالحق (1924–1988) به هڪ تعليمي پاليسي ڏني. پاليسي کي پڌرو ڪرڻ کان اڳ 1978ع ۾ پاليسي جو دستور العمل (ورڪ پلان) مسودو ڪابينا جي آڏو پيش ڪيو ويو. 1979ع ۾، اسلام آباد ۾، قومي تعليمي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو ته جيئن ملڪ ۾ لاڳو يا جاري تعليمي نظام جو جائزو وٺي سگهجي. جائزي کانپوءِ فبروري 1979ع ۾ فوجي حڪومت پاران قومي تعليمي پاليسي کي پڌرو ڪيو ويو. هن پاليسي جا مک نقطا هي هئا: اسلام سان وفاداري جو سچو پهه ڪرڻ؛ “مسلم امه” جو تصور اڀارڻ ۽ ان لاءِ موثر اپاءَ وٺڻ؛ سائنس ۽ هنري تعليم جو ڦهلاءُ عام ڪرڻ؛ صنفي برابري ڪرڻ لاءِ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ الڳ الڳ تعليمي ادارا قائم ڪرڻ.

مٿين نقطن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هي حڪمت عمليون تيار ڪيون ويون: نصاب جو جائزو وٺي ان کي “عين اسلامي” اصولن آڌار بڻائڻ؛ مدرسن، ۽ عام روايتي تعليمي ادارن کي هڪ ٻئي ۾ ضم ڪرڻ؛ اردو کي زبانِ تعليم بڻائڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪرڻ؛ خواندگي جي تعليم لاءِ نيات جي شرڪت کي وڌيڪ موثر بڻائڻ؛ سائنسي، ۽ هنري تعليم جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ وغيره. ڀلا ڀاڳ جنرل صاحب جا، جو هيءَ پاليسي به ڪو ٻوٽو ٻاري ڪونه سگهي.

قومي ايجوڪيشن پاليسي 1992ع: 1991ع ۾ ان وقت جي وزيرِ تعليم جي سربراهي ۾، اسلام آباد ۾، اپريل مهيني ۾، هڪ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس جي خوبي هي هئي جو هن ۾ ملڪ جي مڃيل لکارين، مشهور اخباري مُديرن، سائنسدانن، استادن ۽ وڪيلن سان گڏ زندگي جي مڙني شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي، ۽ پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪندي ڪجهه مفيد مشورن سان گڏ بهترين تجويزون پڻ ڏنيون، ۽ هڪ تعليمي پاليسي عمل نامو (فريم ورڪ) تيار ڪري ورتو. ان تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ بحث به ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح سال 1992ع جي ڊسمبر مهيني ۾ هن پاليسي کي پڌرو ڪيو ويو. هن پاليسي جا مک نقطا هي هئا: تعليم وسيلي اسلامي قدرن جي ڦهلاءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ؛ عورتن جي تعليم کي همٿائڻ؛ سيڪنڊري سطح تائين ٽيڪنيڪل ۽ هنري تعليم کي متعارف ڪرائڻ؛ طلب ۽ رسد (مارڪيٽ يا سوشيو اڪنامڪ اورئينٽيڊ) تي مبني نصاب تيار ڪرڻ؛ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ؛ ڪلاس رومز ۾ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جوڳي امدادن (آڊيو وزيوئول ايڊز) جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ؛ ناخواندگي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ خانگي شعبي جي شرڪت مان فائدو وٺڻ. سون تي سهاڳو وري هي ته هي پاليسي به لاڳو ڪونه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت جي صدر جناب غلام اسحاق خان (19152006–ع) ميان محمد نواز شريف جي حڪومت کي هي چئي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو ته، “حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.”

قومي ايجوڪيشن پاليسي 1998–2010ع : جنوري 1998ع ۾، وزيراعظم ميان نواز شريف وزارتِ تعليم کي صلاح ڏيندي چيو ته، ملڪ جي تعليمي نظام لاءِ هڪ نئين تعليمي پاليسي کي تيار ڪيو وڃي. 18 فبروري تي پهريون نظرثاني ٿيل مسودو ڪابينا جي آڏو پيش ڪيو ويو، ۽ پاليسي جو مڪمل متن مارچ، 1998ع ۾، عوام آڏو پڌرو ڪيو ويو. هن پاليسي جي خاص ڳالهه هي هئي ته، هن جي لاءِ هڪ عملدرآمدي مدت مقرر ڪئي وئي هئي يعني سال 1998ع کان وٺي سال 2010ع تائين لاڳو ڪندي اسان هن پاليسي جا مقصد حاصل ڪري وٺنداسين. هن پاليسي جون خاص خاص ڳالهيون هي هيون: قرآني تعليم ۽ اسلامي اصولن کي ملڪ جي تعليمي نظام جو لازمي حصو بڻايو ويندو؛ عالمگير تعليمي مقصدن کي هر طرح سان حاصل ڪيو ويندو؛ هر ٻار جي تعليمي گهرجن کي پورو ڪيو ويندو؛ بنيادي تعليم کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ان جي دائري ڪار کي وڌيڪ ڦهلايو ويندو؛ مٿين سطح جي تعليم جي موقعن کي صنفي برابري جي بنياد تي ورهايو ويندو؛ پٺتي پيل علائقن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو؛ نصاب جي تياري ۽ ان ۾ وقت آهر ضروري تبديليون ڪرڻ لاءِ ان کي جاري رکيو ويندو؛ نوڪري_دوران تربيت (ان_سروس ٽريننگ) کي هٿي وٺرائي ويندي، جيئن استادن سان گڏ تعليم جي معيار کي ملڪ ۾ وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي.

هن کان علاوه سائنسي ۽ فني تعليم تي وڌيڪ زور ڏيڻ، ديني مدرسن جي نصاب کي وقتائتو ڪرڻ، ۽ انهن ۾ ڪمپيوٽر جا ڪورس شروع ڪرڻ، استادن جي لاءِ قبل از ۽ بعد از نوڪري تربيتي ڪورسن جو آغاز ڪرڻ، چٽا ڀيٽي لاءِ مختلف قسم جي ڪتابن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ، نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي شروعات ڪرڻ ۽ ان جي ترقي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ اسڪولن جي نگراني لاءِ موثر نظام قائم ڪرڻ وغيره. پر ٿيو ڇا اهوئي ڦِر ڦِر سوٽو دٻلي درياءَ تي. هڪ ٻئي فوجي آمر جنرل پرويز مشرف پاڻ کي ملڪ ۽ عوام جو مسيحا تصور ڪندي سول حڪومت تي راتاهو هنيو ۽ اهڙي طرح هي پاليسي به پنهنجي جواني وڃائي ويٺي.

قومي تعليمي پاليسي 2009ع: اسان جڏهن ملڪ ۾ تعليمي پاليسين جي ڳالهه ڪيون ٿا ته، اتي هي ڪيئن ٿا وساري سگهون ته، هن ملڪ ۾ هڪ اهڙي پاليسي به آهي جنهن کي اسين سڀ “قومي تعليمي پاليسي 2009ع” جي نالي سان ڄاڻون سڃاڻون ٿا، ۽ منهنجي ڄاڻ مطابق قومي تعليمي پاليسي 2009ع، پاڪستان جي مڙني تعليمي پاليسين ۾ اهو واحد، اڪيلو تعليمي پاليسي دستاويز آهي جيڪو پنهنجي مڪمل پيراميٽرز سان گڏ دستياب آهي.

پاليسي جو موجد ته، جنرل پرويز مشرف آهي پر، هن پاليسي کي جاري سيد يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ ڪيو ويو. هن پاليسي جو پس منظر ڪجهه هن ريت آهي. سال 2001ع ۾، 9/11 جي دهشتگردي جي ڀيانڪ واقعي جو اثر پاڪستان تي به پيو، ۽ آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وجهندي پاڪستان کي چيو. “پاڪستان دهشت گردي جي سرگرمين کي روڪي، پنهنجي تعليمي نصاب جو جائزو وٺي، ان ۾ خاص تبديلي آڻي، نصاب ۾ تبديلي جي لاءِ آمريڪا پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.” جنرل مشرف هن صورتحال جو فائدو وٺندي، ۽ پاڻ کي آمريڪا جو سچو سپاهي ڄاڻائيندي پاڪستان کي آمريڪا جي دهشت گردي خلاف جنگ جو مضبوط اتحادي ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ طالبان تيار ڪندڙ پنهنجي فيڪٽري تان بظاهر هٿ کڻي ويو. پرويز مشرف آمريڪا جي مدد سان هڪ نئين ايجوڪيشن پاليسي تيار ڪرڻ لاءِ ۽ ان ۾ آمريڪا جي خواهش پٽاندڙ هدف مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي. تعليمي پاليسي تيار ڪرڻ لاءِ پاليسي کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو ويو. اهڃاڻڪاري، وقت پٽاندڙ ۽ عمل درآمدي.

اهڃاڻڪاري: پراڻين سڀني پاليسين جو جائزو ورتو ويو، ۽ ساوا چِٺا (گرين پيپرز) تيار ڪيا ويا. ننڍي پيماني تي هڪ مطالعو هي به ڪيو ويو ته، نيشنل ايجوڪيش پاليسي 1998–2010ع جا ڪيترا اهڙا هدف آهن جيڪي حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن مقصد لاءِ ڪيتريون ئي تعليمي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، ڪيترائي ڀيرا ماهرن سان مشورا ڪيا ويا ۽ اهڙي طرح هرڪنهن جي نقطه نظر کي جاءِ ڏني وئي.

وقت پٽاندڙ: تعليمي ماهرن سان پاليسي جي خاص پهلوئن تي گڏجاڻيون ڪرايون ويون. جهڙوڪ نقطه نظر ڇا هجڻ گهرجي؟ ناخواندگي جي “جِنَ” کي ڪيئن قابو ڪجي، غيررسمي (نان فارمل)، ٻاراڻي، صنفي برابري، مدرساتي، فني ۽ هنري تعليم سان گڏ مٿئين درجي واري تعليم ۾ نون لاڙن کي ڪيئن متعارف ڪرائجي. هن مرحلي دوران تعليم جي حوالي سان ڪم ڪندڙ مشهور تنظيمن ۽ بين الاقوامي ساٿارين سان مشوراتي گڏجاڻيون پڻ ڪيون ويون ته، جيئن انهن جي موقف کي به پاليسي ۾ جاءِ ڏئي سگهجي.

عملدرآمدي: اڇو چٺو (وائيٽ پيپر) ڊسمبر 2006ع ۾ تيار ڪيو ويو. هن چٺي جو بار بار جائزو ورتو ويو ته جيئن انهن راين، خيالن ۽ ڳالهين کي به پاليسي جو حصو بڻائجي جيڪي مختلف فورمن، ساٿارين، تنظيمن ۽ ماهرن پاران آيون، انهيءَ دوران سال 2008ع ۾جنرل صاحب کي ان وقت جي حڪومت سان اختلافن سبب ملڪ جي سربراهه طور تي استيعفا ڏيڻي پئجي وئي. اهڙي طرح هن پاليسي کي وزيراغظم سيد يوسف رضا گيلاني جي حڪومتي عرصي دوران سال 2009ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.

هنن هڙني تعليمي پاليسين ڪو ٻوٽو ڇو ڪونه ٻاريو؟ يا هنن پاليسين تي عملدرآمد ۾، ڪهڙيون رڪاوٽون يا ڏکيائيون سامهون آيون؟ يا ڪهڙا مسئلا درپيش رهيا؟ اهي ڪهڙا عنصر هئا جيڪي هنن پاليسين جي ناڪامي جو ڪارڻ بڻيا؟ هنن سوالن تي ڳالهائڻ، بحث مباحثو ڪرڻ يا هنن نقطن تي ڪا اهم تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ کانسواءِ ، حسبِ معمول وفاقي حڪومت پنهنجي هَٺَ کي مان ڏيندي، هاڻي وري هڪ جهڙي نصاب کي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي، سنڌ جو تعليم ۽ خواندگي کاتو سيڪريٽريز جي مٽاسٽا کانسواءِ يا، ۽ هيڏي هوڏي ڪرڻ جي، سال 2010ع کان وٺي 2021ع تائين پنهنجو نظرثاني ٿيل نصاب يا پنهنجي هڪ به تعليمي پاليسي آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هجڻ ته ائين گهرجي ها ته، ارڙهين ترميم کان ستت پوءِ، سنڌ جي تعليم کاتي کي سنڌ جي ثقافتي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي سامهون رکندي پنهنجو هڪ نئون نصاب جيڪو جديد لاڙن کي سامهون رکي تيار ڪيو وڃي ها جهڙوڪ: جي سي ايِ – او / اي ليولز جي بنياد تي، ۽ پنهنجي تعليمي پاليسي ضرور آڻڻ گهرجي ها پر، پورا يارنهن سال گذري ويا ۽ هن حوالي سان کاتي جي ڪارڪردگي جو حال هڪ وڏو سوال آهي! (پورو ٿيو)