جياپي جي جنگ ۽ مهانگائي جا ائٽم بم

0
191

                 آخري انگن اکرن موجب ڊالر  مهانگائي جي آسمان تي اڏامندي اڏامندي 170 رپين تي وڃي پهتو آهي. جيتوڻيڪ ڪورونا وبا سبب پيل پابندين جي ڪري وڏن شهرن جي سون جون بازارون به اڪثر بند هيون پر پوءِ به سون جي رڳو هڪڙي تولي جي قيمت هڪ لک يارهن هزار ٿي وئي آهي. پاڻ هتي پائونڊ ۽ چاندي جا نوان انگ اکر به پيش ڪري سگهون ٿا پر هن ملڪ جو عام ماڻهو ڊالر ۽ سون جي قيمت پڇڻ بدران اٽي، کنڊ ۽ بصر پٽاٽن جي وڌندڙ اگھه سبب پريشان هوندو آهي ان ڪري ملڪ ۾ وڌيل مهانگائي سبب پيدا ٿيل تازي صورتحال ۾ حالت اها وڃي بيٺي آهي ته عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ ايترو ته پريشان آهي، جو هو بيماري سيماري ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو علاج ڪرائڻ بدران ماني جي تلاش ۾ سرگردان آهي، پر تبديلي سرڪار ساڳي ديده دليري سان مهانگائي جي ميدان ۾ ڪاهيندي ٿي اچي.

                 تبديلي جي نالي تي آيل عمران خان جي هن حڪومت ۾ مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي نه فقط مجبور ٿي ويا آهن، پر اهي بيوس ٿي خودڪشيون ڪري به رهيا آهن. اخبار ۾ ڇپيل ۾ ان خبر جي پٺيان لڪل درد کي پڙهڻ شايد اسان جي وس ۾ نه هجي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته گهر جون ضرورتون پوريون ڪري نه سگهندڙ هڪ رڪشا ڊرائيور ڪوٽڙي جي پل تي پنهنجو رڪشو بيهاري پاڻ کي سرعام سنڌوءَ جي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو. اهڙا ۽ ان جهڙا ٻيا کوڙ واقعا هر روز جي اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي پڙهي ۽ ڏسي سگهجن ٿا، جن جي گهرائي ۾ وڃڻ سان انسان جو روح به ڪنبي وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي، نواز ليگ توڙي حڪومت مخالف سڀ ڌريون به ملڪ ۾ آيل مهانگائي جي طوفان جو ذميوار عمران خان کي ئي قرار ڏئي رهيون آهن پر پاڻ رڳو موجوده وزيراعظم جي ان بيان کي ٻيهر ٻڌون جيڪو سوشل ميڊيا تي اڄ به موجود آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ هڪ رپيو گهٽ ٿئي ته سمجهو ته وزيراعظم چور آهي، بجلي جو بل وڌي ته سمجهو وزيراعظم چور آهي، اهو بيان ٻڌڻ سان  اسان کي سندس ئي دليلن سان سموري ڳالھه کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي. اها ٻي ڳالھه آهي ته ان بيان کان پوءِ يوٽرن وٺندي وري ڪو ٻيو بيان به مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هوندو. هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال سبب پڻ عام ماڻهو پريشان آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت ڪورونا کان ماڻهن کي بچائڻ بدران ان وبا کي به ڪمائي جو ذريعو بڻائي ورتو آهي. تازو نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب به اهو الزام لڳايو آهي ته ڪورونا فنڊ ۾ وزيراعظم عمران خان 1200 ارب ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار 1500 ارب جي ڏهاڙي لڳائي آهي. مريم اورنگزيب موجب حڪمران عوام لاءِ آيل 500 ارب جي دوا به کائي ويا آهن. جيتوڻيڪ نواز حڪومت دوران نواز شريف ۽ سندس فيملي تي پڻ ميگا ڪرپشن جا الزام لڳندا رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مٿن ڪيئي ڪيس پڻ هلندڙ آهن بهرحال مريم اورنگزيب موجب هن حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي رڳو مال ٺاهڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪانهي، حڪمران رڳو پنهنجا کيسا ڀري رهيا آهن. موجوده حڪومت جي مخالف ڌرين جو هن وقت هڪڙو ئي موقف آهي ته مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته ملڪ کي عمران خان مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. عمران خان وڏيون وڏيون دعوائون ڪري اقتدار ته سنڀاليو پر هو ملڪ هلائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻن موجب عمران خان کي خبر ئي ناهي ته ملڪ  جا تقريبن اڌ ڪاروباري ادارا پنهنجي ملازمن جي هڪ چوٿائي پگهار گهٽ ڪري چڪا آهن. صرف هڪ سال ۾ عمران خان حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب وڌيڪ 25 لک پاڪستاني غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي  ويا آهن، ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ مهانگائي جي سالياني شرح 25 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

عام ماڻهو جي جياپي جو واحد اسم پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني آهي جڏهن ته هن حڪومت جي گذري ويل فقط ٽن سالن ۾  اٽي جي قيمتن ۾ ذري گهٽ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي. يقينن اها صورتحال مسڪين ماڻهن جي وات مان مانيءَ جو گره کسڻ جي مترادف آهي. خبر ناهي ته هن ملڪ جي موجوده حڪمرانن کي ڪهڙا ڪامورا ڪهڙيون رپورٽون پيش ڪري رهيا آهن، جن کي پڙهي هو سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهيا آهن پر معاشي تنگي سبب ماڻهو عملي طرح خودڪشيون ڪري رهيا آهن. عمران خان جون ڪشڪول کڻي پنڻ خلاف ڪيل تقريرون به ڪنهن کان ناهن وسريون پر عملي طرح ڏٺو وڃي ته پنڻ وارا ڪم جيڪي هن حڪومت ڪيا آهن سي اڳ شايد ڪنهن به نه ڪيا هجن. ڏٺو وڃي ته هي ملڪ قدرتي وسيلن سان به مالا مال آهي، ملڪ جا قدرتي وسيلا ملڪ ۾ رهندڙ آباديءَ جا بنيادي مسئلا ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ کان پوءِ به گهڻا آهن. پر بدقسمتي سان هن ملڪ جي ڪنهن به اداري يا سگهارن فردن ڪڏهن به سنجيدگي سان ان ڳالھه تي ويهي ويچاريو ناهي ته غريب ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻڻ گهرجن، اهو ئي سبب آهي ته عام ماڻهن جي چيلھه چٻي ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي حالت به ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي، جنهن جو اثر وري به عوام تي ئي ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري اهڙا بنيادي مسئلا آهن جيڪي سڌو سنئون غريب ماڻهن جي زندگين سان لاڳاپيل آهن، ان ڪري هن وقت غريب ماڻهو مهانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ملڪ جي مسڪين ماڻهن مهانگائي سبب مسڪرائڻ ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي ڏينهن جي محنت ۽ مزدوري کان پوءِ به ڏهاڙيدار ماڻهو پنهنجي ٻچن سميت بُکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن. بکن ۾ پاھ ٿيل عام ماڻهن لاءِ روز مرهه جي زندگي ۾ گوشت ۽ مڇي کائڻ به ذري گهٽ ناممڪن بڻيل آهي، پر بدقسمتي سان سوين ڪينالن جي حويلي بني گالا ۾ رهندڙ ملڪ جو وزير اعظم سڀ “ڪجھه سهي آهي” جو راڳ ڳائي رهيو آهي.

عمران خان ته هن وقت بلڪل به رومي سلطنت جي ان بادشاھ جهڙو لڳي رهيو آهي جيڪو ملڪ کي لڳل باھ وقت به بانسري وڄائي رهيو هيو. سو حقيقت ته اها آهي ته رکي سکي ماني کائي پيٽ ڀريندڙ عام ماڻهو لاءِ مڇي ۽ گوشت هڪ خواب مثل آهي پر بجلي، گئس ۽ تيل جي اگهن به عام ماڻهن جي جيئڻ جا گس بند ڪري ڇڏيا آهن. هر هفتي عام واهپي جي شين جا اگھه وڌي رهيا آھن. سرڪاري انگ اکر ڪهڙا به هجن پر حقيقت ته اها آهي ته هن وقت ملڪ ۾ ذري گهٽ پنجاھ  سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن جيڪا انتهائي تشويشناڪ صورتحال آهي. حڪمران ملڪ مان غربت جي لڪير کي مٽائڻ ۾ ته مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، البته سندن عمل مان لڳي ايئن رهيو آهي ته غريب عوام کي مٽائڻ جو پڪو پھه ڪيو ويو آهي. سوچڻ جي ڳالھه آهي ته غربت جي عذاب کي سهندڙ غريب ماڻهو حڪومت طرفان سندن مٿان هر روز مهانگائي جا ائٽم بم ڪيرائڻ واري عمل کي وڌيڪ ڪيترو وقت برداشت ڪري سگهندو؟