پائيدار ترقي جا مقصد

0
1025
مقامي حڪومت ۽ پائيدار ترقي

                 پائيدار ترقي جا مقصد يعني اهڙي ترقي جنهن جا نتيجا ديرپا هجن ۽ نه صرف انساني زندگي تي ان جا سٺا اثر پون پر ماحول ۾ پڻ بهتري اچي ۽ سمنڊ جي اندر رهندڙ مخلوق ۽ ماحول به متاثر نه ٿين. هي مقصد گڏيل قومن جي اداري 2015ع ۾ اختيار ڪيا هئا. هنن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن سڄي دنيا جو ڌيان ان ڳالهه تي ڏيارجي ته اسان گڏجي دنيا مان غربت ۽ ناانصافي جو خاتمو آڻي سگهون، قدرتي ماحول جو بچاءُ ڪريون ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪري سگهون. اسان جو ملڪ پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي جنهن کي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻا آهن.

                 پائيدار ترقي جي مقصدن جي ڪل تعداد سترهن آهي جيڪي هن ريت آهن، غربت جو خاتمو، بک جو خاتمو، سٺي صحت ۽ تندرستي، معياري تعليم، صنفي برابري، صاف پاڻي ۽ صفائي، سستي ۽ صاف توانائي، مناسب ڪم ۽ معاشي ترقي، صنعت، جدت ۽ انفرااسٽرڪچر، اڻ برابري کي گهٽائڻ، پائيدار شهر ۽ ڪميونٽي، ذميوار کپت ۽ پيداوار، ماحولياتي تحفظ، پاڻي اندرموجود زندگي ۽ زمين تي رهندڙ زندگي، امن، انصاف ۽ مضبوط ادارا ۽ انهن سورهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آخري ۽ سترهون مقصد آهي شرڪت (پارٽنرشپ). جنهن جي ذريعي انهن سترهن مقصدن کي 2030ع تائين حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو ويو آهي.

انهن سترهن مقصدن کي دنيا جي 193 ملڪن سرڪاري طور تي اختيار ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڪستان، انڊيا، افغانستان، ايران، چائنا، نيپال، بنگلاديش، سري لنڪا، عراق، ازبڪستان، قطر، اومان، ٿائيلينڊ، آفريڪي ملڪ شامل آهن. مطلب ته اسان جا سڀ پاڙيسري ملڪ ترقي جي انهي ڊوڙ ۾ شامل آهن. 2030ع ۾ ڏسنداسين ته پاڪستان يا اسان جي پاڙيسري ملڪن ڪيتري بهتري آندي آهي.

بنيادي طورتي هي هڪ اهڙو ڍانچو يا رهنمائي ڪندڙ دستاويز آهي جنهن سان هر ملڪ پنهنجي حالاتن، ماحول ۽ موقعن کي سامهون رکندي منصوبه بندي ڪري سگهي ٿو۽ گڏوگڏ پنهنجون ترجيحون طئي ڪرڻ ۽ مالي وسيلا پڻ فراهم ڪرڻ جو تعين ڪري سگهي ٿو. پائيدار ترقي جو اصل مقصد دنيا مان غربت، بک ۽ بدحالي ۽ ناانصافي جو خاتمو ڪرڻ آهي. جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو انتهائي پئسي وارا ۽ عيش عشرت جي زندگي گذارين ٿا پر دنيا جي گهڻن ملڪن خاص ڪري غريب ملڪن ۾ گهڻائي غريب ماڻهن جي آهي، جن وٽ کائڻ لاءِ هڪ ٽائيم جي ماني ۽ پيئڻ جوصاف پاڻي به ميسر ناهي. انهن غريب ماڻهن جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ هي پائيدار ترقي جا مقصد ترتيب ڏنا ويا آهن. ان کان پهرين اقوام متحده ملينيم ڊولپمينٽ گولز اختيار ڪيا هئا، جيڪي تقريبن پندرهن سالن اندر حاصل ڪرڻا هئا پر جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ته ڪا خاطرخواهه ڪارڪردگي نه هئي. اهڙي صورتحال کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته دنيا جي سڀني غريب ۽ مظلوم طبقن کي خوش ڪرڻ جا هي نوان نوان طريقا اختيار ڪيا ويا آهن ۽ دنيا جا استحصال ڪندڙ فرد ۽ ملڪ سڀ گڏ ۽ متفق آهن.

پاڪستان اهو پهريون ملڪ آهي جنهن جي پارليامينٽ متفقه طور تي قرارداد پاس ڪري پائيدار ترقي جي مقصدن کي اختيارڪيو آهي. تنهن کان پوءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ اينڊ اسپيشل انيشيٽو وفاقي وزارت پاران وفاقي ۽ صوبائي سطح تي يونٽ جوڙيا آهن. اهي يونٽ سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ قائم ڪيا ويا آهن. جنهن جي ذميواري آهي ته انهن سترهن پائيدار ترقي جي مقصدن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪن.

جيڪڏهن سنڌ صوبي جي ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪجي ته بين الاقوامي ترقياتي اداري جي سهڪار سان جولاءِ 2016ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن تي مشتمل هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي هئي، جنهن جو ڪنوينرسنڌ اسيمبلي جو ميمبر پيرمجيب الحق آهي. انهي کان علاوه مئي 2017ع ۾پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۾ هڪ سپورٽ يونٽ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي نمائندن جو ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته عوامي نمائندن کي عوام جي مسئلن متعلق گهڻي معلومات آهي ۽ پائيدار ترقي جي مقصدن کي بهتر انداز ۾ عمل درآمد به ڪرائي سگهجي ٿو. انهي ڏس ۾ سنڌ جي ٽاسڪ فورس ۽ سپورٽ يونٽ ڪافي گڏجاڻيون ۽ ڪانفرسز ڪيون آهن ۽ مختلف وقتن تي پنهنجي ڪارڪردگي پڻ بيان ڪندا رهن ٿا.

جيڪڏهن اسان جائزو وٺون ته سنڌ ۾ غربت، بک ۽ بدحالي، بيروزگاري، ماحولياتي تبديلين جا نقصانڪار اثر، معياري تعليم، صحت جون سهولتون ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي تمام وڏا ۽ اهم مسئلا آهن. انهن مسئلن جي ڪري عوام جي زندگي روزبروز بدتر ٿيندي ٿي وڃي. ٿر واري علائقي ۾ تازن ڄاول ٻارن ۽ مائرن جي موت يا وري خودڪشي جا واقعا پڻ روز جو معمول بڻيل آهن. اها سڄي صورتحال تمام ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ حڪومت پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو نظام سال 2016ع کان جوڙيو آهي انهي جي آڌار تي تجزيو ڪجي ته ڪارڪردگي ۾ ڪا خاص بهتري نه آئي آهي.

سنڌ صوبي جي ٽاسڪ فورس ۽ يونٽ جي ٽيم کي تمام گهڻي محنت ۽ سچائي سان ڪوششون ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته پنج سال گذرڻ کانپوءِ به سنڌ جون حالتون ساڳيون آهن. سنڌ جي ماڻهن جي تقدير نه بدلجي سگهي آهي. سنڌ جو عوام پاڻي جي لاءِ روڊن تي احتجاج ڪندي نظر اچي ٿو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسي سيڪڙو ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ناهي. جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي. شهرن ۾ ماڻهو پيئڻ جو پاڻي به مهانگي اگهه تي وٺن ٿا، ۽ آلوده پاڻي واپرائڻ سان ماڻهو ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا نظراچن ٿا ۽ ان جي سڄي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن تي آهي.

ساڳئي صورتحال وري تعليم جي شعبي ۾ پڻ نظراچي ٿي. ڪيترائي پرائمري اسڪول بند آهن يا وري اوطاقن طور استعمال ٿي رهيا آهن. سوين استاد پگهارون کڻن ٿا پر اسڪول نٿا اچن. جيڪي پرائمري پاس ڪن ٿا انهن لاءِ ڳوٺ جي ويجهو مڊل يا هائي اسڪول ناهي. جيڪي اسڪول هلي رهيا آهن، انهن ۾ پاڻي ۽ ليٽرين ناهن يا وري استعمال جهڙا ناهن. اهو ٽاسڪ فورس ۽ يونٽ في الحال ته يواين ڊي پي جي تعاون سان هلي رهيو آهي پر جڏهن اها امداد ختم ٿيندي ته ڇا سنڌ گورنمينٽ اهڙي منصوبه بندي ڪئي آهي جو انهي ڪم کي جاري رکي سگهن ۽ 2030ع تائين ڪجهه ئي سهي پر بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهن. ڇا صوبائي سطح تي جوڙيل هي ادارو مقامي سطح تي ۽ ڳوٺن ۾ بهتري آڻي سگهندو يا ضلعي ۽ تعلقي سطح تي پڻ اهڙا ادارا جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام عوام جي رسائي ۽ انهن جي مسئلن کي حقيقت جي بنياد تي حل ڪري سگهجي. انهي ڏس ۾ مقامي حڪومتون پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته مقامي ادارن جي مدت پوري ٿي چڪي آهي پر جڏهن اهي موجود به هئا ته انهن جي ڪمن جو دائرو ۽ مالياتي امداد تمام محدود هئي. جنهن جي ڪري بنيادي سهولتون موثر انداز ۾ ماڻهن تائين نه پهچي سگهيون آهن.

سنڌ حڪومت ۽ انهي ٽاسڪ فورس جي ٽيم کي هڪ ڳالهه سمجهڻي پوندي ته عوام جي شموليت بغير ڪا به ترقي پائيدار نٿي ٿي سگهي. تنهن ڪري اهو تمام ضروري آهي ته هر يونين ڪائونسل، تعلقي ۽ ضلعي ۾ نوجوانن جا گروپ تيار ڪيا وڃن ۽ انهن جي مقامي سطح تي ڄاڻ جو حق، سماجي چڪاس (سوشل آڊٽ) ۽ جوابدهي جي موضوعن تي تربيت جو انتظام ڪيو وڃي ته جيئن جيڪي فنڊ ضلعن ۽ تعلقن ڏانهن اماڻيا وڃن ٿا ۽ استعمال ٿين ٿا انهن جي بهتر سال سنڀال ڪري سگهجي.

پر، اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن خود عوام جا نمائندا ۽ حڪومتي مشينري ماڻهن جي خدمت جي نيت ڪندا ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرض ادا ڪندا نه ته جيئن ملينيم ڊولپمينٽ گول حاصل نه ٿي سگهيا اهڙي ريت پائيدار ترقي جا مقصد به صرف ڪاغذن جي زينت هوندا ۽ سنڌ جي عوام جا سور ساڳيا رهندا.

(عروسه کٽي ملڪي ۽ بين الاقوامي ڊولپمينٽ جي ادارن ۾ گذريل 20 سالن کان ڪم ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي.)