سمنڊ ۽ سياست

0
197
سمنڊ ۽ سياست

 ملڪ جي مشهور ناول “ڦاٽندڙ انبن جو مقدمو” (Case of Exploding Mangoes) جي مصنف محمد حنيف تازو ‘بي بي سي’ لاءِ لکيل پنهنجي ڪالم ۾ سامونڊي طوفان “بائپر جواءِ” جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، “سمنڊ مان اٿندڙ ان طوفان اهو سوچي به پنهنجي رخ تبديل ڪيو ته ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي تباهه ڪرڻ لاءِ باقي بچيو ئي ڇاهي؟” جڏهن ته عقيدن واري دنيا جي دائري ۾ رهندڙ انسان اڄ به اهو سوچين ٿا ته بائپر جواءِ تباهيءَ جو پيغام بڻجڻ بدران سنڌ واسين جي لاءِ رحم ۽ قياس جو نياپو ڏئي ڪنهن ٻي پار هليو ويو.

                 جهڙي ريت ڪولمبيا جي ايمازون ٻيلن ۾ چاليهه ڏينهن تائين زنده رهندڙ ٻارن لاءِ هن وقت به ان قبيلي جا ماڻهو بضد آهن ته انهن هوائي حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي حفاظت ٻيلي جي روح ڪئي، ڇا تهڙي طرح طوفانن جي به ڪا آتما هوندي آهي؟

انگريز شاعر ٽي ايس ايليٽ پنهنجي جڳ مشهور نظم “کوکلا ماڻهو” (Hollow Men) ۾ لکيو هو ته:

“مون کي ديوتائن جي باري ۾ گهڻي ڄاڻ ناهي

پر مان سمجهان ٿو ته درياه به ديوتا آهن –

سرڪش ۽ سانورا ديوتا”

جڏهن ٽي ايس ايليٽ جيئرو هو، تڏهن درياه ڊيمن ۽ بئراجن جي قلعن ۽ ڪڙين ۾ قيد نه ٿيا هئا. پر سمنڊ اڄ به اها سرڪش ۽ آزاد هستي آهي، جنهن کي دنيا جي ڪا به سرڪار پنهنجي وس ۾ نه ٿي ڪري سگهي.

جيتوڻيڪ اسان ان دور ۾ نه ٿا رهون، جنهن  دور جا ماڻهو سمجهندا هئا ته طوفانن جا به ڪي ديوتا هوندا آهن ۽ طوفان توڙي زلزلا انهن جي حڪمن سان هلندا آهن. اسان جديد دور جا انسان آهيون. اسان کي معلوم آهي ته جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، ان جا سائنسي سبب آهن ۽ انهن سائنسي سببن کي ڪو به اڳيان پويان ڪري نه ٿو ڪري سگهي. ان ڪري اسان کي سائنس کي نظر ۾ رکندي سرڪار جي ڪا به مهرباني نه مڃڻ گهرجي، ڇو ته هن حڪومت طوفان جو رخ تبديل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي. جن طوفانن کي آمريڪا ۽ روس جهڙا ملڪ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، انهن طوفانن جو اسان جهڙو ملڪ ڇا مقابلو ڪندو، جيڪو هن وقت پنهنجي مٿان موجود قرضن جون قسطون ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. جنهن سان آءِ ايم ايف جهڙوڪ راند کيڏي رهي آهي. جيڪو مجبور آهي ته ڪهڙي ريت ڊي فالٽ ٿيڻ کان بچي سگهي. اهو ملڪ سامونڊي طوفان آڏو سينو ڪيئن ٿو ساهي سگهي، جنهن ملڪ جو موسمياتي کاتو به پنهنجي صلاحيت جي حوالي سان کٽل هجي.

بائپر جواءِ جي حوالي سان ٽي ڳالهيون اهم آهن: هڪ ته ان طوفان جي سلسلي ۾ اسان کي اسان جي ملڪ جي موسمياتي کاتي صحيح طرح سان ڪا پروڙ نه ڏني، جنهن جي ڪري تمام گهڻي پريشاني به پيدا ٿي ۽ افراتفريءَ جو عالم به ڏسڻ ۾ آيو. جيڪڏهن اسان جو موسمياتي کاتو اسان کي درست معلومات فراهم ڪري ها ته هوند انهن ماڻهن کي ذهني ۽ جسماني تڪليف نه پهچي ها، جيڪي ماڻهو تمام گهڻي خوف ۽ خفي مان گذريا. ڪراچيءَ جي ماڻهن کي خفي جو سامان نه کڻڻو پيو. ڪراچيءَ جي ماڻهن کي صرف خوف ۽ خدشو هو ته متان شهر ۾ طوفان نه ڪاهي پئي. ٻيو ته ڪراچي شهر جي اليٽ ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ رهي ٿي. جيڪڏهن سمنڊ ۾ اٿل پٿل اچي ها ته ان جا سڌا سنوان اثر انهن ٻن علائقن جي مٿان پون ها. ان حوالي سان سامونڊي طوفان سبب ڪراچيءَ جو اليٽ ڪلاس تمام گهڻو پريشان هو. پر اصل عذاب انهن ماڻهن جي مٿان آيو، جيڪي اڳ ئي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اهي ماڻهو جيڪي ڪيٽي بندر، شاهبندر، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽيءَ تي رهن ٿا، انهن ماڻهن جون زندگيون ته اڳ ۾ ئي تڪليف جو شڪار آهن، هن ڀيري انهن جي تڪليف ۾ تمام گهڻو اضافو آيو. اهو ان ڪري آيو، ڇو ته اسان جي موسمياتي کاتي جي معلومات درست نه هئي. جيڪڏهن اها درست ۽ بلڪل ٺيڪ هجي ها ته انهن ماڻهن کي پنهنجا گهر ۽ ڳوٺ ڇڏڻا نه پون ها. هاڻي جيڪڏهن سرڪار جي مٿان اها تنقيد ڪبي ته اها تعريف نه ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪندي ۽ چوندي ته ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن ته عوام جو ڀلو ٿي ڪيو. جيڪڏهن طوفان رخ نه مٽائي ها ته پوءِ؟ اهو سوال هن دور جي ڪنهن به سرڪار کي نه ٿو سونهين، ڇو ته هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ برسات ۽ طوفانن جي باري ۾ معلومات ڏينهن ۽ ڪلاڪن جي حوالي سان نه پر منٽن جي حساب سان درست هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ادارو غلط ۽ ناقص معلومات فراهم ڪندو آهي ته ان جي خلاف جاچ ٿيندي آهي ۽ ان کي ان جي سزا ملندي آهي پر اسان وٽ ان قسم جي ڪنهن سزا جزا جو تصور به نه آهي. ان ڪري ئي اسان جا حال هيڻا آهن.

بائپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جو ٻيو پهلو اهو هو ته ان جي اچڻ جي سلسلي ۾ سرڪار جو جيڪو به فوڪس رهيو، اهو صرف ۽ صرف ڪراچيءَ تي رهيو. جڏهن ته ڪيٽي بندر ۽ ساحلي پٽيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي ڪا به مدد نه ڪئي وئي. انهن کي صرف پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مدد سان يا انهن جي زور سان گهرن مان ڪڍي گاڏين ۾ وهاري زوريءَ زبردستيءَ ڪيمپن ۾ موڪليو ويو ۽ انهن جا گهر ۽ ڳوٺ ۽ دوڪان بنا ڪنهن حفاظت جي رهيا. جڏهن ته ڪيمپن ۾ به انهن جي بهتر پرگهور نه لڌي وئي. انهن کي مناسب خوراڪ ته ڇا پر انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به دستياب نه ڪيو ويو. ان ڪري سرڪار کي ڪو حق حاصل ناهي جو اها دعويٰ ڪري سگهي ته هن پنهنجو فرض پورو ڪيو. هن پنهنجو فرض بلڪل به پورو نه ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو محض اتفاق جي ڪري ٿيو ۽ اسان کي هن دور ۾ به لکڻ ڏيو ته سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي دل ۾ ڪا ڪهل پئي. ڇو ته اهو طوفان ڏسي رهيو هو ته سرڪار طرفان غريب ۽ مسڪين عوام جي تحفظ جا ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن. جيڪڏهن اهڙي حال ۾ انهن جي مٿان طوفان ڪڙڪي پيو ته انهن جو ڇا حشر ٿيندو؟ ان حوالي سان اتفاق سان ئي سهي پر طوفان ٽارو ڪري ويو ۽ طوفان جي ٽاري ڪرڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اهي پوسٽون به پڙهڻ جي لاءِ مليون ته ڪامورن جي ڪرپشن سان ڀرپور عيد اچڻ کان رهجي وئي.

سنڌ حڪومت جيڪڏهن ان طوفان جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ها ته اڄ اهي ڳائجن ها پر رڪارڊ گواه آهي ته حڪومت ڪجهه نه ڪيو. حڪومت ٻيو ته ٺهيو پر اسپتالن ۾ گهربل عملو ۽ دوائون به فراهم نه ڪيون. ان ڪري حڪومت کي ان جو ڪريڊٽ ڪنهن به صورت ۾ ڏئي نه ٿو سگهجي ته هن اهو ڪجهه ڪيو، جيڪو ڪجهه هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان جو حق اسان کي سرڪار نه ڏنو ۽ سرڪار جي ان سياسي ۽ انتظامي عمل کي به ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ مهل پنهنجي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه ڪيو ويو ته اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ اسان کي وڌيڪ تڪليف پلئه پوي.

طوفان ته ٽري ويو، ان جو سبب سرڪار جون ڪوششون هجن يا حضرت عبدالله شاه غازيءَ جي ڪرامت هجي يا ان جو سبب سائنس جا اٽل اصول هجن. طوفان ته گذري ويو پر اصل ڳالهه اها آهي ته اسان گذري ويل طوفان کان ڪجهه سکڻ گهرون ٿا يا نه؟ سرڪار ۽ انتظاميا کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هن ڀيري سامونڊي طوفان پنهنجي مڪمل شدت سان ڪراچيءَ کان وٺي بدين تائين سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي مارو نه ڪيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ايندڙ وقت ۾ به اهو ڪجهه نه ٿئي. ايندڙ وقت ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اسان کي ايندڙ وقت جي سلسلي ۾ تياريون ڪرڻ گهرجن، ڇو ته هن مهل سائنس ۽ نه صرف اسان جي ملڪي پر اسان کي عالمي سائنس به ٻڌايو آهي ته انسان جي ڪرتوتن سبب هاڻي فطرت ۾ تمام گهڻي اٿل پٿل آهي ۽ هاڻي طوفان يا برساتون صرف موسم جي حوالي سان نه پر هونءَ به هڪ قسم جو معمول سمجهڻ گهرجن. اسان کي تيار رهڻ گهرجي ته ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به طوفان جو حملو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪٿي به زلزلو اچي سگهي ٿو. اسان جيڪڏهن انهن قدرتي آفتن کي روڪي نه ٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙا اپاءَ ته وٺي سگهون ٿا، جن جي ڪري اسان کي پنهنجن ماڻهن جي بچاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي. ان سلسلي ۾ اسان کي صحت ۽ خوراڪ جي پاسي تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇو ته آفتن جي صورت ۾ اهي ٻه ڳالهيون اهم هونديون آهي. انهن جي وڌيڪ ضرورت درپيش ايندي آهي. پر اسان جي بي پرواهيءَ جي حالت اها آهي ته اسان ان پهلوءَ کي به پنهنجي پيش ڪيل بجيٽ ۾ نه رکيو آهي. جڏهن ته سنڌ ماحولياتي تبديلين جي تمام گهڻي سزا ڀوڳي چڪي آهي ۽ اسان کي پوري دنيا جي سائنسي ادارن به اهو اطلاع ڏنو آهي ته پاڪستان به انهن ملڪن منجهان آهي، جنهن کي ايندڙ وقت ۾ ان قسم جي قدرتي آفتن جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ڇا ان سلسلي ۾ اسان جي سرڪار جو اهو فرض نه ٿو بڻجي ته اها پنهنجي غلطين مان سبق سکي ۽ اهو ڪجهه ڪري جيڪو آفت جي وقت ڪم اچي سگهي.

عبدالقادر جوڻيجي جي ناقابل فراموش ڊراما سيريل “ڪاروان” ۾ پهريون ڪردار ان روحي بانو کي ادا ڪرڻو هو، جيڪا هن زماني جي اسٽيج تي گهڻي وقت تائين سياڻپ جي اداڪاري نه ڪري سگهي ۽ نيٺ ديوانگيءَ جي دنيا ۾ واپس وري وئي. هن جيڪي “ڪاروان” جا پهريان پريليوڊ (Prelude) رڪارڊ ڪرايا هئا، تن ۾ هوءَ هر وار پريشان ٿي چوندي ٻڌي ٿي وڃي ته، “هڪ ڏينهن سمنڊ جاڳندو. پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو”.

پاڻيءَ وارو سمنڊ ته ڪنهن پوڙهي وانگر جاڳي ۽ گوڙ مچائي ٻيهر سمهي پيو آهي پر سوال ان انساني سمنڊ جو آهي، جنهن جي جاڳ جا خواب اڄ به سياست جي ساحل تي بيوفائي بڪي رهيا آهن ۽ ڪجهه پڇي رهيا آهن!!