سنڌ ۾ سياحتي معيشت کي ڪيئن اڀارجي؟

0
77
سنڌ ۾ سياحتي معيشت کي ڪيئن اڀارجي؟

 دنيا ۾ سياحت هاڻي صنعت جو درجو اختيار ڪري چڪي آهي. اهو شعبو هاڻي پرڏيهي ناڻي جي آمدني ۽ مقامي سطح تي روزگار جي وڏن ذريعن ۾ ڳڻجي ٿو. ايشيا جي ڪجهه ملڪن جا انگ اکر ان حقيقت کي ظاهر ڪن ٿا. ٿائلينڊ جي سياحت مان سالياني آمدني 31 ارب ڊالر آهي. ساڳي طرح سياحت جي شعبي مان ڀارت 24 ارب ڊالر، ويٽنام 10.7 ارب ڊالر ۽ ملائيشيا 15 ارب ڊالر ڪمائين ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ پاڪستان جي سياحت مان آمدني رڳو 1.3 ارب ڊالر هئي. ان ۾ سنڌ جو حصو بنهه معمولي به مس هوندو، ڇو ته سنڌ ۾ سياحت تي شعبي طور ڪڏهن به ڌيان ڏنو ئي ناهي ويو. سياحت رڳو ڪجهه مزارن ۽ تاريخي ماڳن جون ويب سائيٽس تي تصويرون لڳائڻ يا هڪ کاتو قائم ڪرڻ ۽ آفيسون ٺاهڻ سان ترقي نه ڪندي. ان لاءِ هڪ جامع پاليسي، رٿابندي، سهولتون، انفرااسٽرڪچر، وسيلا، امن امان ۽ متحرڪ قيادت گهرجي. سنڌ ۾ انهن سمورين شين جي اڻ هوند آهي. موهن جي دڙي، رني ڪوٽ ۽ ڪوٽڏيجي جهڙن زبردست تهذيبي ماڳن، درياهه، جبلن، ساحلي پٽي ۽ ريگستان هوندي سياحت ترقي نه ڪري، ان جو مطلب ان شعبي ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو آهي. هنن حالتن ۾ پاڪستان ۾ جيئن ته ٻاهريان سياح تمام گهٽ ٿا اچن، تنهنڪري سنڌ ۾ به انهن جو انگ محدود ئي رهندو. البته ملڪ اندر توڙي صوبي اندر خاص ڪري ڪراچي جي رهواسين کي سنڌ جي سياحتي ماڳن ڏانهن ڇڪي سگهجي ٿو.

سياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان پهرين سنڌ لاءِ هڪ سياحتي پاليسي ۽ سياحتي پلان جوڙيو وڃي. سياحتي پاليسي اندر خانگي شعبي جي ڪردار ۽ مختلف سرڪاري کاتن جي ڪوآرڊينيشن کي چٽو ڪرڻ گهرجي. سياحتي پلان ۾ مختلف ماڳن تي پهچڻ لاءِ انفرااسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، اتي موجود سهولتن (ٽوائليٽس، ريسٽورينٽس، گفٽ شاپس، ٽوئر گائيڊس)، رستن تان محفوظ سفر، رستي ۾ سهولتن، ٽوئر پئڪيجز وغيره کي چٽو ڪرڻو پوندو. انهن سڀني ڪمن لاءِ وسيلن، مقامي آبادين سان لهه وچڙ ۽ لڳاتار نظرداريءَ جي ضرورت پوندي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ ۾ شديد گرم موسم سبب صحيح معنيٰ ۾ سياحت نومبر کان فيبروري/مارچ وچ ۾ ممڪن ٿي سگهندي. چوماسي ۾ ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن جي ساوڪ ۽ قدرتي آبشارن ۽ ندين جي سياحت لاءِ پڻ ٻه مهينا کن ملي سگهن ٿا. ملڪ جي اندرئين علائقن ۾ پڻ برفباري ۽ ٿڌ سبب سياحت چار پنج مهينا ئي ٿي سگهندي آهي، تنهنڪري سياحتي رٿابندي ان حساب سان ڪرڻي پوندي.

سنڌ ۾ سياحتي ترقيءَ لاءِ هيٺيان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي:

(1) سياحت لاءِ ٽن، پنجن، ستن ڏينهن جا سياحتي پئڪيج تيار ڪرڻ. اهي پئڪيجز مختلف علائقن جهڙوڪ: ڪراچي- ٺٽو- بدين، ڪراچي- عمرڪوٽ- ٿر، حيدرآباد- عمرڪوٽ/ميرپورخاص-ٿرپارڪر، ڪراچي- گورک- لاڙڪاڻو- سکر، سکر- حيدرآباد- ٿرپارڪر وغيره لاءِ تيار ڪرڻ گهرجن.

(2) انهن رستن جي سياحتي ماڳن جا بروشر/پمفليٽ ڇاپڻ ۽ سياحتي سونهان تيار ڪرڻ.

(3) سياحتي ماڳن ۽ انهن ڏانهن ويندڙ رستن تي حفاظتي انتظام ڪرڻ.

(4) سياحتي ماڳن ڏانهن اچ وڃ لاءِ معياري ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ.

(5) رستن ۽ ماڳن وٽ صاف سٿرا ريسٽورينٽ، جتي معياري ٽوائليٽ ۽ ثقافتي شين جا اسٽال به هجن، انهن جو انتظام ڪرڻ. هيءَ سهولت مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جو وسيلو بڻجندي.

(6) رات جي رهائش لاءِ گيسٽ هائوس يا گهريلو ميزبانيءَ جو انتظام. انهن جاين تي مقامي کاڌا ۽ هنري شيون موجود هجن. انهن جاين تي شام جو ثقافتي رهاڻ، راڳ رنگ جو انتظام ڪرڻ. اهي انتظام پڻ مقامي آباديءَ لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجندا.

(7) اهي سمورا تفصيل انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ويب سائيٽ تي رکڻ. ان ويب سائيٽ تي سياحتي ماڳن بابت تفصيلي ڄاڻ، اتي جي موسمي صورتحال، ثقافتي سرگرمين بابت تازي ڄاڻ موجود هجي.

(8) مقامي نوجوانن ۽ هنرمند ڳوٺاڻن کي سياحتي معيشت مان لاڀ ماڻڻ لاءِ خاص سکيا ڏيارڻ.

(9) سياحن کي انهن ماڳن ڏانهن آڻڻ لاءِ خصوصي مهم هلائڻ. ان مقصد لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪرڻ ۽ رابطي ڪاري جو بندوبست ڪرڻ.

(10) سرڪار پاران انهن سمورن ڪمن لاءِ خانگي شعبي سان ڀائيواريءَ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ.

اهي ڪم ڪرڻ کانسواءِ سنڌ ۾ سياحتي معيشت اسري نه سگهندي. هن وقت جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زرعي معيشت پٺين پيرن تي آهي ۽ بيروزگاري اوج تي آهي، سياحت انهن علائقن ۾ هڪ چڱي موچاري نئين معيشت جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. ان سان مختلف علائقن جي رهواسين کي سنڌ جي ثقافت، تاريخ ۽ سنڌي سماج بابت سمجهڻ جو موقعو ملندو. ان سان سنڌ بابت ٻاهر پکڙيل غلط فهميون به ختم ٿينديون. بدقسمتيءَ سان سرڪاري شعبي اندر ڪارڪردگيءَ جي حالت بهتر ناهي، تنهنڪري ان ڪم ۾ خانگي شعبي کي ڀائيوار بنائڻ گهرجي. مثال طور: سياحت سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن کي ان مقصد لاءِ ڪمپنيون قائم ڪرڻ لاءِ همٿائجي ۽ انهن ڪمپنين کي شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ آفيس وغيره جي سهولت سياحت کاتي پاران فراهم ڪئي وڃي. ساڳي طرح سياحتي ماڳن جي آسپاس مقامي نوجوانن کي گيسٽ هائوس کولڻ يا گهرن اندر معاوضي عيوض مهمانيءَ لاءِ ڄاڻ ۽ سکيا فراهم ڪئي وڃي، ان ڪم لاءِ عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين کي به همٿائڻ گهرجي، جيڪي ثقافتي شين ۽ کاڌن وسيلي ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون. ان ڏس ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جهڙن ادارن جو پليٽ فارم به استعمال ڪري سگهجي ٿو، جن جي پهچ به ٻهراڙين جي عورتن تائين آهي ۽ اهي قرضن وسيلي کين ڪاروباري واهر ۽ سکيا فراهم ڪري رهيون آهن.

سياحت جي شعبي کي ڪنهن وڏي سيڙپڪاريءَ جي نه پر بهتر رٿابندي ۽ سٺي اڳواڻيءَ جي ضرورت آهي. ان مقصد لاءِ سنڌ ۾ سياحتي ترقيءَ وارو اهڙو بورڊ جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ سرڪار، خانگي شعبي ۽ سول سوسائٽي مان نمائندا کڻڻ گهرجن. ٿوري ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان سنڌ ۾ سياحتي معيشت کي اڀاري سگهجي ٿو.