گرمي جي لھر ۽ چئن مھينن جا پھر

0
26
گرمي جي لھر ۽ چئن مھينن جا پھر

گذريل ھفتي ٻه اشتھار نظر مان گذريا. اشتھار جيڪي ڪافي اخبارن جي مکيه صفحن جي زينت بڻيل ھئا. پھرين اشتھار کي “نيشنل ميٽرنل، نيئو نيٽل اينڊ چائلڊ ھيلٿ پروگرام” ۽، ٻئي اشتھار کي “پرووينشل ڊزاسٽر مينيجمنٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اَي) پاران جاري ڪيو ۽ ڇپرايو ويو آھي. ياد رھي ته ٻئي ادارا سنڌ حڪومت جا اھم ادارا آھن. ٻنھي اشتھارن جو مول، متو ۽ مقصد به ساڳيو آھي. ٻنھي اشتھارن جي ذريعي عوام کي خبردار ڪيو ويو آھي ته، ھو سخت گرمي ۽، تيز اس کان پاڻ کي ۽، پنھنجي پيارن کي محفوظ رکن ڇو ته، اشتھارن ۾ ڏنل احتياطي اپائن ۽، تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾، جان ۽ صحت ٻئي خطرن جي منھن ۾ وڃي سگھن ٿيون. اشتھارن ۾ ڏنل مواد جو جڏھن ڇيد (جائزو وٺڻ) ٿا ڪريون ته پھريون اشتھار اسان کي ٻڌائي ٿو ته: “منجھند ٻارھين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين اس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. خاص ڪري وڏي عمر وارن ماڻھن ۽ ٻارن کي اس ۾ نڪرڻ نه ڏنو وڃي. مجبوري جي حالت ۾ ٻاھر نڪرڻ جي صورت ۾ مٿي تي پسيل ڪپڙو رکي پوءِ نڪرڻ گھرجي.” ساڳيي اشتھار ۾ لکيل آھي ته: “لُوءِ کان متاثر ماڻھن کي ٿڌي جاءِ تي ويھارڻ گھرجي. لوڻ ۽ ليمي وارو پاڻي پيارڻ گھرجي. وڌيڪ ھي ته جسم تي ٿڌو پاڻي ھارڻ گھرجي ۽، ترت، ڪنھن ويجھي صحت مرڪز يا اسپتال ڏانھن نيئڻ گھرجي.” ھن اشتھار ۾ شامل مواد، ٻولي ۽ عوام کي خبردار ڪرڻ واري پيغام تي ڪوشش ڪري خاص ڌيان ڏنو ويو آھي، جيڪو عمل ٻولي جي بقا ۽ خدمت جي حوالي سان ھڪ سٺو سنئوڻ به آھي. اشتھار ۾ ڏنل پيغام ۽، ٻولي تي ڌيان ڏيڻ جي تعريف به ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو، عوام کي ھر ان لقاءُ کان باخبر رکڻ جيڪو ھن کي ڪنھن نه ڪنھن تڪليف ۽ مصيبت ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو، ھڪ بھتر عمل آھي. عوام خبردار رھندو ته اڳواٽ انتظام ڪري پاڻ کي موسمي شدت کان محفوظ رکي سگھي ٿو. وڏي ڳالھ ته عوام کي سخت گرمي جي شدت کان محفوظ رکڻ جي لاءِ ھن کي رستي جي باري ۾ ته ڄاڻ ڏني وئي آھي پر، اھو رستو دستياب سھولتن کان خالي نظر اچي رھيو آھي. عوام خاص طور تي ٻھراڙين جو عوام جنھن کي حڪومت پاران سواءِ “بينظير انڪم سپورٽ پروگرام” جي ٻي ڪابه مناسب سھولت نه ٿي ڏني وڃي، ان کي ھڪ ٻن اشتھارن ذريعي صرف ھي سُڌ ڏيڻ ته گرمي جي سخت لھر ۾ فلاڻا اپاءُ ۽، فلاڻيون احتياطي تدبيرون وٺڻ سان توھان محفوظ رھي سگھو ٿا؛ ڪافي ناھي. گرمي جي سخت لھر جي ڪري ڪيترائي ٻار، ٻڍا ۽ نوجوان متاثر ٿي چڪا آھن ۽، ٿي رھيا آھن. انھن جي لاءِ اداري پاران سواءِ ھڪ اشتھار ڇپائڻ جي؛ ٻيا ڪھڙا اپاءُ ورتا ويا آھن؟ سوال ھي اھم آھي. اشتھار کي جنھن اداري پاران جاري ڪيو ويو آھي، اھو خاص طور تي ماءُ، تازي ڄاول ٻار ۽ ٻار جي صحت جي سارسنڀال واري پروگرام تي ڪم ڪندڙ ادارو آھي. ڇا ھن اداري پاران متاثر ٿيندڙ ماءُ، ٻار، ۽ ھنن جي صحت جي پرگھور جي حوالي سان ھر وقت تيار/حاضر (اسٽينڊ باءِ) سھولت يعني ھيلٿ موبائل يونٽ (گشتي صحت گاڏي) يا، ايمبولينس (شِفا گاڏي) کي مقرر ڪيو ويو آھي؟ ھي ٻئي اھم پر، برَ وقتي سھولتون اسان کي سنڌ جي ھر ضلعي/تعلقي ھيڊ ڪوراٽرز جي ھر ننڍي وڏي اسپتال ۾ نظر اچن ٿيون؟ ۽ جيڪڏھن دستياب آھن ته ڇا ڪنھن ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ موقعي تي تڪڙو پھچي وينديون؟ اشتھار ۾ اسان کي اھڙو ڪجھ به نظر ڪونه آيو. ٻيو اشتھار، جنھن کي پي ڊي ايم اَي پاران جاري ڪيو ويو آھي، اھو خاص طور تي ڏينھن لڳڻ (سن اسٽروڪ) جي باري ۾ آھي. ان ۾ به اها ساڳي ئي معلومات آهي.

گذريل سياري جون موڪلون حسبِ معمول ڊسمبر جي مھيني ۾ ڪيون ويون. جنوري 2024ع جي پھرين تاريخ تي جيئن ئي اسڪول کليا تہ ٿڌ جي شدت ڊسمبر کان ٻيڻي ۽ وڌيڪ سخت ٿي وئي. ڪيترائي ئي ٻار متاثر ٿيا. پنجاب وارن ٿڌ جون موڪلون وڌائي ڇڏيون پر سنڌ ۾ اھڙو ڪجھ نظر نه آيو. ساڳي طرح سان اسان وٽ جون- جولاءِ ۾ ٿيندڙ گرمي جون موڪلون ايتريون تڪليف ڏيندڙ ناھن ھونديون، جيترين تڪليفن کي اسڪول کلڻ شرط ٻار آگسٽ- سيپٽمبر وارن مھينن ۾ اٻ ۽ ٻوسٽ جي ڪري ڀوڳيندا آھن. گرمين جا چار مھينا يعني اپريل، مئي، آگسٽ ۽، سيپٽمبر تمام گھڻا سخت گرمي، تيز اس، گرم ھوائن، اٻ، ٻوسٽ وارا ھوندا آھن. اسان جا اڪثر اسڪول ويندڙ ٻار ھنن مھينن جي شدت جو شڪار ٿيندا آھن. نوٽيس تڏھن ورتو ويندو آھي جڏھن ڳالھ ھٿن مان نڪرڻ لڳندي آھي. افسوس! ھاڻي به ائين ئي ٿيو آھي. ادارن پاران اشتھار جاري ڪري عوام کي خبردار ڪيو ته ويو آھي پر ھن نيڪ ڪم ۾ به ڪافي دير ڪئي وئي.

اپريل- مئي ۽ آگسٽ- سيپٽمبر وارن چئن مھينن جي موسمي شدت کان شايد ئي ڪو ماڻھو اڻواقف ھوندو. سال جا اپريل- مئي وارا مھينا گرمي جي شدت ۽ سخت لھر جي ڪري صدين کان مشھور آھن. سال جا آگسٽ- سيپٽمبر وارا مھينا وري سر نسرڻ جي ڪري انتھائي گُھٽَ، ٻوسٽ، اُٻ ۽ رُگھ وارن مھينن طور به صدين کان مشھور آھن. ھنن چئن مھينن جي موسمي سختي ۽ شدت کان جيڪڏھن ڪا ڌر انڪاري نظر اچي ٿي ته اھا اسان جي حڪومت ئي ھوندي آھي، جيڪا ڪڏھن به ھي محسوس ناھي ڪندي ته، اسان جا ٻار، غريب ۽ اٻوجھ عوام ھنن چئن مھينن دوران ڪھڙين ڪھڙين مصيبتن مان گذري ۽، تڪليفن کي ڀوڳي ٿو. پيئڻ جو صاف پاڻي ڳوليو نٿو ملي. گذريل چوويھ سالن کان بجلي جي اک ٻوٽ نه صرف جيئن جو تيئن برقرار آھي پر اھا “ڏينھن ٻيڻي رات چوڻي” ترقي به ڪري رھي آھي. برف مھانگي ھجڻ سبب عام عوام جي پھچ کان پري آھي. ٿڌا ۽ موسمي شربت ۽، ميوا، اَٺَ سئو ڏھاڙي ڪمائڻ واري ھڪ مزدور جي لاءِ خواب عذاب بڻجي ويا آھن. ھاڻي جڏھن مئي مھيني ۾ گرمي جي شدت وڌي آھي ته سواءِ ھن جي ته تعليم کاتي سنڌ پاران سڄي سنڌ جي اسڪولن جي لاءِ ڪا صلاحڪاري جاري ڪئي وڃي ھا، ان جي بدلي ڪجھ اسڪولن پاڻ پنھنجي معمول واري نظام الپھر (اسڪول ٽائمنگ) ۾ تبديلي آندي ۽، تڏھن آندي جڏھن ڪيترائي ٻار نھڪرين، سخت بخارن ۽ ڏينھن لڳڻ جو شڪار ٿيا. بعد ۾ ھڪ ٻن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران به روبڪاريون جاري ڪيون ويون ته، اسڪولن جي معمول واري نظام الپھر ۾ موسمي شدت کي سامھون رکي مٽا سٽا ڪئي وڃي. اسان اڃان به ھن شش ۽ پنج ۾ آھيون ته ڇا سڄي سنڌ جي اسڪولن جي نظام الپھر کي ھڪجھڙو ڪيو ويو آھي يا نه؟ يا جن جن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جي پاران روبڪاريون جاري ڪيون ويون آھن، صرف انھن ضلعن جي اسڪولن جي نظام الپھر ۾ تبديليون ڪيون ويون آھن؟ بھتر ھي ھو ته موسم جي شدت کي نظر ۾ رکندي تعليم کاتي سنڌ پاران پنھنجي ئي ڪا پڌرائي جاري ڪئي وڃي ھا ۽، پنھنجي عملداري کي ثابت ڪيو وڃي ھا. اسڪولي ٻارن جو احساس ڪيو وڃي ھا پر، ائين ڪونه ڪيو ويو. اشتھار به ٻين ادارن پاران ڏنا ويا ۽، روبڪاريون وري ڊپٽي ڪمشنرن پاران جاري ڪيون ويون. بھرحال اسان اسڪولن جي نظام الپھر ۾ نرمي ڪرڻ واري ھن عمل کي ساراھيون ٿا ۽، اميد ٿا ڪريون ته آگسٽ- سيپٽمبر وارن ٻن مھينن جي موسمي شدت کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ ئي اسڪولن کي آگاھ ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ جو، مسئلو جيڪڏھن موسمن جون شدتون آھن ته اتي وڏي ۾ وڏو مسئلو اسان جي اسڪولن ۾ سھولتن جو فقدان ھجڻ پڻ آھي. ٻار اسان جو مستقبل آھن. جتي اسان کي ھنن جي پڙھائي جو اونو آھي، اتي ھنن جي صحت جو خيال رکڻ به اسان جي اولين ذميداري ھجڻ گھرجي. وقتي قدمن کي کڻڻ کان بھتر آھي ته اھڙيون جٽادار پاليسيون تيار ڪيون وڃن، جيڪي اسان جي ھر مشڪل ۽ ھر الجھن ۾ اسان جي رھنمائي ڪن. سو ضروري آھي ته ھڪ مستقل پاليسي پيراميٽر طور ھنن چئن مھينن دوران اسڪولن جي نظام الپھر ۾ نرميون رکيون وڃن ۽ ٻارن جي تعليم سان گڏ ھنن جي صحت جو به خيال بھرحال رکيو وڃي. ٻيو ھي ته ايندڙ ڏينھن ۾ گرمي جي شدت ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.