پاڪستاني بجيٽ جي تياري، آءِ ايم ايف ۽ احتجاج

0
30
پاڪستاني بجيٽ جي تياري، آءِ ايم ايف ۽ احتجاج

ڪجھ ڏينھن کان فيس بڪ تي دوست حڪومت کان مطالبا پيا ڪن ته جيڪڏهن آزاد ڪشمير وارن کي سستي بجلي ڏيڻ جو واعدو ڪيو اٿوَ، ته سنڌ مان پاڪستان جو 70 سيڪڙو گئس ۽ پيٽرول نڪري ٿو، اھي ٻئي شيون سنڌ واسين کي سستي اگھ تي ڏنيون وڃن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ھاڻي سئي گئس، سنڌ جي شھرن ۾ ائين ملندي آهي، جيئن مريضن کي دوا ملي ٿي؛ صبح جو 6 وڳي کان رات جو 10 وڳي تائين. اڱاري جي ڏينهن وچ ۾ بند ٿيندي آهي ۽ رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ ڏينهن جي وقت ڪونه ملندي، ڀلي ننڍڙا ٻار ۽ مريض بک مرن. پئٽرول جي ماپ ھر پئٽرول پمپ جي مختلف آھي، رنگ مختلف آهي ۽ ڪٿي ايراني ته ڪٿي روسي پر اگھ اسان جي لاءِ ساڳيو. آزاد ڪشمير ۾ مطالبا فيس بڪ جي سورمن ڪونه مڃرايا ھئا پر اھا جدوجهد جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي (JAAC) پاران ھلائي وئي.

                 بجلي بابت احتجاجن جي تاريخ پراڻي آهي. جنهن وقت آزاد ڪشمير جي ميرپور واري علائقي ۾ منگلا ڊيم ٺاھڻ جو ٺيڪو برطانوي فرم کي مليو، تڏھن احتجاج سبب متاثر ٿيندڙ آبادي مان ھزارين ماڻهن کي برطانيا ۾ مزدوري واريون نوڪريون ڏنيون ويون. ساڳي وقت حڪومت پاڪستان سستي بجلي ڏيڻ جو واعدو به ڪيو. گذريل ڪافي سالن کان آزاد ڪشمير جو عوام سستي بجلي جي گُھر پيو ڪندو آيو آهي، پر ڪو به تدارڪ ڪونه ٿيو. ھن دفعي JAAC جي 10 نقاطي پروگرام ۾ بجلي سان گڏ سستو اٽو ۽ ڪڻڪ، آزاد ڪشمير ۾ بيورڪريسي جو تعداد ۽ سندن عياشي کي گھٽ ڪرڻ شامل ھو. سندن 6 ڏينهن واري جدوجهد ۾ 3 احتجاج ڪندڙ ۽ ھڪ پوليس وارو مارجي ويو. پاڪستان حڪومت شروعات ۾ ملڪ اندر انھن خبرن کي دٻايو ويو، پر ھندستان جي ميڊيا ۾ بجلي ۽ اٽي واري احتجاج کي جڏھن پاڪستان کان عليحدگي واري تحريڪ جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تڏهن پاڪستاني ميڊيا کي صحيح صورتحال ٻڌائڻ جي اجازت ملي. آزاد ڪشمير جي مخصوص جاگرافيائي ۽ سياسي حيثيت جي ڪري وزير اعظم شھباز شريف، بجلي اٽي ۽ ڪڻڪ جي سبسڊي جي مد ۾ 23 ارب رپيا آزاد ڪشمير جي حڪومت کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ باقي مسئلن جي حل لاءِ ڪاميٽي ٺاھڻ جو چيو.

آزاد ڪشمير واري ھاڻوڪي جدوجهد کان ڪجھ مھينا اڳ گلگت- بلتستان ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران 34 ڏينهن کان وڌيڪ سستي ڪڻڪ ۽ اٽي سان گڏ 15 نقطن تي احتجاج ڪيو ويو. جنھن ۾ NFC  ايوارڊ ۾ حصو، ميڊيڪل يونيورسٽي، سستي بجلي جي فراهمي ۽ ڀاشا ڊيم جي آمدني مان 80 سيڪڙو گلگت- بلتستان جي شيئر جھڙا مطالبا شامل ھئا. گلگت- بلتستان کي 2022ع کان سستي ڪڻڪ مھيا ڪئي پئي وئي، جيڪا سبسڊي گلگت- بلتستان حڪومت، آءِ ايم ايف جي سبسڊي ختم ڪرڻ واري پاليسي سبب واپس ورتي ھئي. جدوجهد جي نتيجي ۾ گلگت- بلتستان حڪومت آءِ ايم ايف سان ھلندڙ ڳالھين جي ابتڙ ھڪ دفعو ٻيھر سبسڊي ڏني. اھا گلگت- بلتستان جي ڪامياب تحريڪ آزاد ڪشمير جي جدوجهد جو سبب بڻي.

انھن ٻن جدوجهدن کان اڳ ھڪ ٻي پُرامن ڪامياب عوامي جدوجهد “حق دو تحريڪ” مولانا ھدايت رحمان بلوچ جي قيادت ۾ گوادر بلوچستان ۾ شروع ٿي. 2021ع ۾ شروع ٿيندڙ ھن تحريڪ ۾ ھزارين عورتون ۽ ٻار به شامل ھئا. سندن مطالبا ھئا ته غير قانوني ٻاھرين ملڪن جي وڏن جھازن پاران مڇي مارڻ ۽ مڇي جي نسل کي ختم ڪرڻ بند ڪيو وڃي، مقامي مھاڻن کي ڪوسٽ گارڊ طرفان ڌمڪائڻ ۽ سندن ٻيڙيون ضبط ڪرڻ بند ڪيون وڃن ۽ ايران جي بارڊر تي مقامي سطح جي ڪاروبار کي ھٿي ڏني وڃي. بلوچستان ۾ ھلندڙ ھن تحريڪ کي مھينن جا مھينا قومي ميڊيا ۽ حڪومت نظرانداز ڪيو، پر آخر ۾ کاٻي ڌر ۽ جماعت اسلامي جي شموليت ۽ پبلسٽي سبب حڪومت کي احتجاج ڪندڙن سان مذاڪرات ڪرڻا پيا ۽ ڪجھ مطالبا مڃڻا پيا. انھيءَ ڪاميابيءَ سبب 2024ع جي اليڪشن ۾ مولانا ھدايت رحمان بلوچ صوبائي اليڪشن جي سيٽ کٽي بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر ٿي ويو. ھنن ٽنھي جدوجهدن جي پٺيان گڏيل عوامي تنظيمون ۽ عوام جا مطالبا ھئا، جيڪي حڪمرانن کي مجبوري سان مڃڻا پيا.

ھن وقت اسلام آباد ۾ آءِ ايم جي مرضي مطابق بجيٽ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن جو ھڪ اھم نقطو آهي ته حڪومت سبسڊي جي مد ۾ رکيل پئسا ختم ڪري۽ ٽيڪسن ۾ ڏنل ڇوٽ (Exemption)  کي ختم ڪري. وفاقي فنانس منسٽر اورنگزيب خان اعلان ڪيو ته، خيبر پختونخوا جي فاٽا ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪا انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ مليل آھي، اُھا ھن بجيٽ ۾ ختم ڪئي ويندي. اھا ڇوٽ فوجي آپريشن کانپوءِ فاٽا ۽ اھڙن متاثر صوبائي علائقن ۾ صنعتن ھڻڻ جي لاءِ 5 سالن لاءِ ڏني وئي ھئي. اھا ڇوٽ 30 جون 2023ع تي ختم ٿي پر قائم ٿيل نئين صنعتن، جنهن ۾ اسٽيل ملون ۽ گيھ ٺاھڻ وارا ڪارخانا شامل آهن، اُنھن سيلز ٽيڪس ۾ 5 سال وڌيڪ ڇوٽ جي گُھر ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان جي ٻين اسٽيل ملن ۽ گيھ جي ڪارخانن مطالبو ڪيو ته خيبر پختونخوا ۾ سيلز ٽيڪس ۽ ٻين ٽيڪسن جي ڇوٽ سبب ۽ بجلي جي چوري جي ڪري سندن پئداوار اسان کان 25 سيڪڙو سستي مارڪيٽ ۾ وڪامي ٿي ۽ اسين مقابلو ڪري نٿا سگهون. جنهن جي ڪري سڀني ڪارخانن کي ھڪ جھڙا موقعا ڏيو. پر حڪومت گذريل بجيٽ ۾ 30 جون 2024ع تائين ٽيڪسن جي ڇوٽ برقرار رکي. ھن وقت جڏھن وفاقي فنانس منسٽر اڳوڻن فاٽا جي علائقن ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آهي ته خيبر پختونخوا جي وزير اعليٰ علي امين گنڊاپور ڌمڪي ڏني آهي ته گلگت- بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ته صرف فلم جا ننڍڙا ٽريلر ھئا. جيڪڏهن اوهان اڳوڻن فاٽا ۽ ٻين علائقن ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪندؤ ته ماڻهو ھٿيار کڻي ٻاھر نڪرندا. اھو بلڪل ممڪن آهي ته فاٽا جي علائقن جا سرمائيدار اھڙي تحريڪ جي ھر طرح سان مدد ڪن. اسان وٽ سدائين بجيٽ کان پھريائين ۽ پوءِ يا نون ٽيڪسن وقت سرمائيدار، جاگيردار ۽ واپاري حڪومت مخالف تنظيمن جي مدد سان تحريڪون ھلائيندا آھن. گوادر بلوچستان، گلگت- بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوامي جدوجھد جھڙيون ڪامياب تحريڪون گذريل ويھن سالن ۾ گھٽ ھليون آھن.

حڪمران پنھنجا مفاد برقرار رکڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا حربا استعمال ڪن ٿا، اُن جو ذڪر، پي ٽي آءِ دور جي اڳوڻي ايف بي آر  چيئرمين شبر زيدي نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ھڪ انٽرويو ۾ ڪيو. جنهن ۾ ھن چيو ته، “اسان جي رياستي ناڪامي اھا آھي ته اسين اميرن ۽ طاقتورن تي ٽيڪس لڳائي ڪونه ٿا سگھون. جڏهن مون ملتان جي شاھوڪار زميندارن کي سندن آمدني مطابق ٽيڪس نوٽيس ڏياريا ته پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جا 40 ايم اين اي، شاھ محمود قريشي، جيڪو اُن وقت وزير خارجه ھو، اچي ڌمڪايو ته نوٽيس واپس وٺو، ماحول خراب نه ڪريو. مون کي نوٽيس واپس وٺڻا پيا. ساڳي طرح جڏهن خيبر پختونخوا ۾ تماڪ پئدا ڪندڙ وڏن زميندارن کي نوٽيس ڏنا ته وفاقي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين ايم اين ايز دٻاءُ وڌو. سڀ کان وڏو مسئلو تڏهن ٿيو، جڏھن مون رئيل اسٽيٽ پراپرٽي مافيا کان صحيح ٽيڪس وٺڻ جي لاءِ نوٽيس ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڊفينس اٿارٽي جي پلاٽن ۽ بنگلن جي مارڪيٽ ريٽ جي جاچ ڪرائي ته جيئن صحيح ٽيڪس وصول ڪري سگهجي، پر نتيجو مون کي آرمي جي چيف آف اسٽاف، جنرل باجوا صاحب گھرايو ۽ چيائين ته اسان جي ڪافي آفيسرن ۾ اوھان جي جاچ پڙتال واري ڪم سبب بيچيني پئي پکڙجي، اوھان اھو سلسلو بند ڪريو. اھڙي حالت ۾ ٽيڪس وڌائڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ھڪڙو طريقو بچيو، ان ڊائريڪٽ ٽيڪس، بس اھو ڪري سگھياسين”.

ھن دفعي جڏهن آءِ ايم ايف سان وڏي قرض وٺڻ جون ڳالهيون ٿين پيون، تنھن جي ڪاميابي جو دارومدار انھيءَ تي آهي ته ڇا ھن ملڪ جي وڏن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ملڪي ۽ غير ملڪي آمدنين تي ٽيڪس لڳي سگھندو؟ ڇا رئيل اسٽيٽ جو سيڪٽر ٽيڪس نيٽ ۾ ايندو ۽ پلاٽن جي صحيح ماليت جي حساب سان ٽيڪس ورتو ويندو؟ ڇا ڪارخانيدارن ۽ ڪاروبارن کي جيڪا ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ۽ سبسڊي ڏنل آھي، اُھا ختم ٿيندي؟ جيڪڏهن سمورا ٽيڪس ھن ملڪ جي غريب عوام مٿان اڻسڌي ٽيڪس جي صورت ۾ لڳندا ۽ بجلي سندن قوت خريد کان مٿي چڙهي ويندي ته پوءِ گوادر، گلگت- بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جھڙا عوامي احتجاج شايد خيبر پختونخوا، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به شروع ٿي وڃن. جنهن جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف ڳالھيون ختم ڪري واپس موٽي ويندي. ھن وقت اليڪشن ڪميشن جي فارم 47 واري ٿاڦيل حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تمام گھڻي ڪمزور پوزيشن ۾ آھي ۽ ھي حڪمران ملڪ ھلائي ڪونه سگهندا. ھن وقت ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال اھڙي آھي جو آءِ ايم ايف جي انڪار کانپوءِ حڪومت ڪرڻ لاءِ حڪمران ٽولن جي ڪابه سياسي ڌر تيار ڪونه ٿيندي ۽ ملڪ مارشل لا يا انارڪي ڏانهن ويندو.