راڻاسر جي ريل مان لکيل خط

0
27
راڻاسر جي ريل مان لکيل خط

خانه بدوش لوڪن جي لوڪ گيت جهڙا منهنجا دلبر دوست!

 تو پنهنجي شاعري جو مجموعو “دل جي خانه بدوشي” مون کي ان وقت ڏنو هو، جڏهن مانواري سائين عابد ڪاظمي سان گڏ پنهنجي پهرين ملاقات مٺي ۾ ٿي هئي. مون کي تنهنجي شاعريءَ سان گڏ ڪتاب جي نالي به موهيو هو. خانه بدوش ماڻهو صدين جي سفر ۾  وقت جي المين، اداسين، تلخين ۽ تنهاين کي پنهنجي اندر ۾ سميٽي ٻاهر ڪيئن آزاد ۽ ارڏا ٿي جيئندا آهن، انهن جي پيرن جي هيٺان ريگستان جي واري هوندي آهي ۽ سر تي نيرو آڪاش پر پوءِ به ڪو پڇتاءُ نه هوندو آهي. خانه بدوشن تي جڙيل هڪڙي فلم جو ڊائلاگ آهي ته: “خانه بدوشن جا گهر انهن جي ڪلهن تي هوندا آهن” ۽  يورپ جي خانه بدوش شاعر جي نظم جون سٽون آهن؛

مون کي بيٺل دفن ڪجو،

جو پنهنجي ڪاروان جي،

گهوڙي گاڏي ۾،

صدين جو سفر ڪندي،

اوڪڙو ويهي

هاڻي ٿڪجي پيو آهيان.

مون کي بيٺل دفن ڪجو.

تنهنجي “دل جي خانه بدوشي” به  ڏات جي ڏيئي جي سهائي ۾ اندر جي سمورين تنهاين، زماني جي سمورين تلخين ۽ پنڌ جي سمورين پيڙائن کي شاعريءَ جي سٽن ۾ سمائڻ سان گڏ سونهن جي خيمن جون خوبصورتيون بيان ڪري ٿي.

مون تنهنجي خطن جي مجموعي ۽ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي ڪيل پورهئي شاهه لطيف جي شاعري ۾ درد جي جمال کي گهڻو وقت اڳ ۾ پڙهي پوري ريت ليڪي ڇڏيو هو. تازو ڪجهه ڏينهن کان آئون جديد سنڌي شاعريءَ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي شاعري ۽ خطن تي تنهنجي تحقيقي پورهئي کي پڙهي رهيو آهيان. شيخ اياز جي عشق ۾ تو پنهنجن اکڙين کي اوجاڳا ڏيئي جيڪا محنت ڪئي آهي، سچ اها انتهائي ساراهه لائق آهي. مون تنهنجا ڪتاب پڙهي، مون پنهنجي نوٽ بُڪَ تي لکيو آهي ته، شيخ اياز جي ڪوتا سان بي پناهه محبت ڪندڙ فياض لطيف کي حق آهي ته، هُو پنهنجي همعصر کان پُڇي ته، منهنجا همعصر! تو ڪڏهن رِڻَ ۾ رات  کي سيهڙ وانگر  واريءَ جي واٽن ڏانهن واجهه وجهندي ڏٺو آهي؟ تو ڪڏهن پٿرن جي شهر ڄامشوري تي لهندڙ سَرءُ – رُتِ جي سانجهي ۾ املتاس جي وَڻن تان ڇَڻندڙ پَنن جو رنگ پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪيو آهي!؟ ڇا تو ڪڏهن ڀالوا جي ڀِٽَ تي ٿوهر جي ڪَنڍياري ٽاريءَ ۾ ڳاڙها گُلَ ڏِٺا آهن؟ ڇا تو ڪڏهن صحرا ۾ پِرهَه ٽاڻي جو اَڪن جي ڦلڙين مٿان پوندڙ ماڪ ڦڙن جي شفافيت پَسي آهي؟ ڇا تو ڪڏهن واهيري جي وير ڪوهستان جي ڪارن ڏونگرن جي وچ ۾ موجود سَر تي هيڪلي ڪَرهل جي تنهائي معلوم ڪئي آهي؟ ڇا تو کي معلوم آهي ته، سانوڻ رُتِ ۾، موراڙين وٽ مٽڪو رمندي مور اکين مان آنسو ڇو وهائيندو آهي!؟ ڇا تون ڄاڻين ٿو ته ڏڪارن جي ڏينهن ۾، وِيڙهيچن جا ويلا ڪيئن گذرن ٿا!؟ ڇا تو کي اهو پَتو آهي ته، ٿرن جا ٿاٻا کائيندي به اُوٺي پنهنجن اُٺن جي سينگار ۾ جهوڙا ۽ جهاٻا ڇو شامل ڪندا آهن؟ ڇا تون ڄاڻين ٿو ته، جبلن تان وَهندڙ جل ڌارا وسيع ميداني علائقن ۾ اچڻ کان پوءِ ماٺي ڇو ٿي ويندي آهي؟ تون اُهو ٻُڌائي سگهندين ته، صحرا جي سانجهيءَ ۾ ميندي رَتا هٿ مِٽيءَ جو ڏيئو ٻاري، تارن طرف ڇو تڪيندا آهن!؟ تون اُهو ٻُڌائي سگهندين ته، ننگرپارڪر جي جين مندرن ۾، ڪنهن اَڄاتي آرزوءَ کي نِوِڙي نَمسڪار ڪندڙ پِروهت پنهنجي وطن جي مِٽي ڇڏي پرڏيهه ڇو هليا ويا!؟ ڇا تو ڪڏهن ڪنهن قصه گو کان سوال ڪيو آهي ته، سومل، مومل سان گڏ ڏاگهه تي ڇو نه چڙهي هئي؟ ڇا مومل جي بدن مان سومل کي راڻي جو واس نه مِليو هو!؟ ڇا تون اُهو ٻُڌائي سگهندين ته، عشق جي اُڀن ڪاوَن تي هلندڙ ناريءَ جا وار پنهنجي پريتم جي لاءِ سانوڻ گهٽائون ۽ مُنهن روهيڙي جو گلڙو ڇو ٿي ويندو آهي!؟ ‘گوگل’ جون گِهٽيون گُهمندڙ ماڻهوءَ جي مَن ۾، پيار جي هڪ پَلَ جي، ‘لينڊنگ’ ۽ عشق جي هڪ احساس جي، ‘ٽيڪ آف’ ڪيئن ٿيندي آهي!؟ ڇا تون ٻُڌائي سگهندين ته، هي دور صوفين جو آهي يا صارفين جو!؟ دڪاندار جو ڪَنُ هڪ طرف ۽ دماغ ٻي طرف ڇو هوندو آهي؟ ڇا تو ڪڏهن اَروڙ ۾ اُها غار ڳولي لَڌي آهي، جنهن ۾ لَهڻ سان مَنَ مان موهُه ختم ٿي ويندو ۽ وجود کي ويراڳ وَرائي ويندو آهي!؟ ڇا تون اُهو ٻُڌائي سگهندين ته، سنڌڙيءَ جي عشق جي آسمان تي، عُقاب بَڻجي اُڏامندڙ ڪهڙو دانشور هو، جنهن جي پوري ايمانداري سان ڪيل مستقل علمي ۽ ادبي محنت کيس سنڌ جو پروميٿئس بڻائي ڇڏيو هو؟ ويهين صديءَ ۾ ڪهڙو سنڌي سياستدان درد ۽ دانائيءَ جو سَنگم بَڻجي دِليريءَ جي دَستور تي هَليو هو!؟ ڪهڙو سُگهڙ، عشق ۽ عقل جي اَنوکين لوڪ روايتن مان، مِٽي هاڻن ماڻهن جي درد جي ڳجهارتن جا اَرٿ ٻُڌائيندو هو!؟ ڇا تو ڪڏهن دل جي دليلن کي اهميت ڏيئي، اَڻ ٿيڻي کي چاهيو آهي!؟ ڇا تون اُهو ٻُڌائي سگهين ٿو ته، شيخ اياز اُها سٽ ڪهڙي ڪيفيت ۾ لکي هئي ته:

’باغي شاعر شيخ اياز، آيو ڪيئن ڀٽائي ڀاڻ‘

سڻئي ڦل جهڙا اڇا اجرا منهنجا دوست! تخليق جي تجلن سان گڏ تنهنجي تحقيقي پورهئي جو معيار ويرا وير وڌ رهي. اسين تنهنجي لکڻين کي پڙهي اهو پروڙيندا رهون ته فطري حسناڪي جي ڏيکن  کي  گيتن ۽ دوهن ۾ ائين آڻبو آهي. هڪ سگهارو آرٽسٽ پنهنجي پريت کي پڪار ائين ڪندو آهي. ٻهراڙي جا رنگ روپ، رويا ۽ الهڙ جوانين جا احساس ڪوي جي ٻوليءَ ۾ هن ريت پڌرا ٿيندا آهن. پرماريت جي پنجوڙن ۽ استحصالي قوتن جي مهرن تي طنز ڀري ڌڪار ڌرتي ڌڻي ايئن ڪندا آهن.

آئون نِجُ نِبار ٿر جي ٻَهراڙيءَ جو ماڻهو آهيان. منهنجي ست پيڙهياتي روايتن ۾ شامل آهي ته، ‘سِڪَ جي سَڏَ’ ۽ ‘پوڄا گهر’ کي پُٺي نه ڏبي آهي، اُن ڪري طبيعت جي ناچاڪي باوجود تنهنجي  ڪتاب شيخ اياز جي شاعري جو تحقيقي تنقيدي مطالعي جو مهاڳ لکي ڏيڻ کان جواب ڏيئي نه سگهيس. تون مون کي تمام گهڻو پيارو آهين. تنهنجي  لفظن ۾ سدائين منهنجي لاءِ سِڪَ ۽ ڇِڪَ جو سَنيهو رهيو آهي. تون سنڌ جي اُنهن قلمڪارن منجهان آهين، جن تاريخ سان ڪيل پنهنجي وَچن جي واسطي حالتن جي بنواس کي ڀوڳي، پنهنجي قلم ۽ ڪَنڌ کي سدائين اوچو رکيو آهي. تنهنجو هيءُ شيخ اياز جي شاعريءَ جي اڀياس وارو ڪم، نه صرف ڌرتيءَ جي مَهان ڪوي اياز جي ڪوتا سان عشق آهي، پر دل وارن لاءِ پريم جي پرچار به آهي ته، ڪينجهر جي ڪنول گلن تي نِڇاور ٿيندڙ چانڊوڪي جي ڪِرڻن جي ڪهاڻي به آهي. تنهنجي هِن تحقيق مان، مَلير جي مِٽيءَ جي مَهڪ به ماڻي سگهجي ٿي ته، جهوناڳڙه جي ٻيجل جي ساز جي وَڄت به لفظن ۾ سُڻي سگهون ٿا.

آئون ڪيترن ڏينهن تائين اُهو فيصلو نه ڪري سگهيس ته، تنهنجي ڪتاب جو مهاڳ، طويل خط جي صورت ۾ لکجي يا مختصر چِٺي جي روپ ۾، ‘هوٿل پَري ۽ ڪيهر اوڍي’ جي لوڪ ڪهاڻي ۾ آهي ته:

چِٺيون لِکيم چَارِ، هوٿل جي هَٿڙي،

اوڍا اچي نِهارِ، اسان اچڻ ايترو.

ٿر جي لوڪ داستان جھڙا منهنجا مٺا دوست! تنهنجي لاءِ هِڪَ نه، پر چَارِ چِٺيون لِکي سگهجن ٿيون، ڇو ته تو کي پڙهندي، مون کي سدائين تنهنجين لِکڻين ۾، ٿَر جون راتڙيون مُسڪرائيندي محسوس ٿينديون آهن. لاڙ جي سُڳداسي چانورن جي خوشبوءِ ايندي آهي، اُتر جي کجين جي مِٺاس اَندر ۾ لهندي آهي. ساهتي پَرڳڻي جي سونهن جا روپ نِروار ٿيندا آهن. سوچن جي سفر ۾، ڪنهن پَل منهنجي من ۾ اُهو ويچار به آيو ته، تنهنجي ڪتاب جو مهاڳ نثري نظم يا لوڪ گيت جي صنف ۾ لکجي. هڪ شاهڪار نثري نظم جي ڪلائمڪس جهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون دل جي چمن ۾ پوپٽن جيان اُڏري آيون، ڪونج ڳچين گيتارين جي گفتن جهڙا ٻول مَن اندر ۾ جنم وَٺندا رهيا، ڌرتيءَ جون ڌُنون دل جي ڌَڙڪن ۾ گونجنديون رهيون، پر ڪنهن به ويچار کي پَنن تي آڻي نه سگهيس. نيٺ ٿر جي آڌيءَ رات جو ڪَتين جي جهرمر هيٺ، مضمون جا ‘آنٽا’ ڏيڻ لڳس. گهوڙي جي پَنڌن وانگر منهنجو قلم،

ڪنهن وقت ‘وِکَ’، ‘ڊُگَ’، ‘رَلي’ ۾ هَليو آهي ته، ڪنهن وقت ‘واري’ ۽ ‘چوباز’ تي پهتو آھي.

ويساک جي پونم رات جو، چَنڊَ جي چوڌاري مِينهنَ جي جرهيڙي جي بدران ‘واءَ جو پڙ’ آهي. منهنجي من جي چنڊ کي ‘جرهيڙي’ جي پڙ وانگر شيخ اياز جي شاعريءَ جي پڙ گهيري رکيو آهي. مون کي منهنجو ڍاٽي دوست ياد اچي رهيو آهي، جيڪو شيخ اياز جو نظم ‘هاءِ حياتي ٿوهر جو وڻ’ اُچاري چوندو آهي ته، خبر نه آهي، هيءَ ڌرتي گُل و گلزار ڪڏهن ٿيندي!؟ هن سٽ ۾ مٽيءَ جي مهڪ جي لاءِ ڪيڏي تڙپ ۽ تمنا آهي. ڌرتيءَ جي ماڳن مڪانن ۽ ڪردارن سان هينئين جي اُڇل جهڙو رشتو جڙيل آهي.

منهنجا دلبر دوست! ڪلهه صحرا جي سانجهيءَ ۾ جڏھن آڪاش تي نوَ لک تارا اڀريا ھئا، تڏھن آئون تنھنجي جوڙيل شيخ اياز جي شاعري جي لغت پڙھي رھيو ھوس. مون آڪاش ڏانھن نھار وجھي وري تنھنجي پورھئي ڏانھن نھاريو ته سچ تنھنجي پورھئي تي پيار آيو. تو ھڪ ھڪ لفظ آڪاش جي ستارن وانگر شيخ اياز جي شاعريءَ مان ميڙي وڏي محنت سان معنيٰ سميت پيش ڪيو آھي. اندر ۾ آرزو اڀري ته تو کي فون ڪري اھڙي منفرد پورھئي تي وڌايون ڏيان پر شيخ اياز جي شاعري سوچن جي سلسلي کي اوچتو راڻاسر طرف وٺي ويئي.

اڄ به منھنجي جندڙي، راڻاسر تي رات،

ڪيڏا منھنجي ڏات تارا تر تروڪڻيون.

مون کي ياد آيو ڪنھن وقت جپسي جي سري سان لکندڙ دلبر دوست امداد سومرو چيلھار ۾ پنھنجي پاڙي کان سڌو پيادل پنڌ وارو گھاڙو جھليو صبح مھل راڻاسر ھليو ھو. وسڪاري جي موسم ھئي. وچ رستي ۾ وک وک تي ھڪ ھڪ گاھ وڻ ٻوٽي کي لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ جاچي ڏٺو ھو. ھي ڪھڙو وڻ ٻوٽو ۽ گاھ آھي!؟ لطيف ۽ اياز ھن کي ائين ڳايو آھي! جڏھن ھن ڳنڍير جو گاھ ۽ موگر ول کي ڏٺو ته اتي ڳچ دير تائين ويھي رھيو. منھنجي چپن تي بي اختيار تري آيو ھو ته،

ڳنڍيون منجھ ڳنڍير، تيئن مون من مارن سين

*****

ھي جي موگر ول، پِيلا پِيلا گلڙا،

تن تان ٿڌي ماڪ مون، لاتي پنھنجي ڳل،

مان سوچان ٿو ڀل، ھاڻي مان ڌرتي ٿيان.

  ان وقت امداد سومرو اياز تي سٺو ڪم ڪري رھيو ھو. ھن جو “شيخ اياز ۽ شڪارپور” جي موضوع تي شاندار ليک عبرت مئگزين ۾  ڇپيو ھو ۽ ھن جي ڪالمن ۾ اڄ به اياز شناسي جي حوالي انتھائي معتبر پھچ رھي آھي. اڄڪلھ امداد سائين گھٽ لکي ٿو يا ھن جون لکڻيون مون کي گھٽ ملي رھيون آھن. امداد جو ائين تذڪرو نڪرڻ تي آئون امداد جي لاءِ ڏور چيلھار مان پونم جي چنڊ جھڙو پيار ارپيان ٿو.

منھنجا مٺا دوست! تون به اياز جي شاعريءَ تي بي انتھا جذبي جي شدت سان ڪم ڪري رھيو آھين. منھنجو اوھان ٻنھي سان سڻئي ڦل جھڙو اڇو اجرو ۽ ڪيسوڦل جھڙو سرھو سڳنڌي تعلق رھيو آھي. شيخ اياز جي شاعري جي جوڙيل تنھنجي لغت تي اڪيڊمي ادبيات پاران ايوارڊ ملڻ تي نھايت خوشي ٿي. دلي واڌايون شال قبول پون.

چڱو ساٿ سلامت