انساني اسمگلنگ جو منظم ڪاروبار

0
245
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

هڪ هفتو اڳ ڏکڻ يونان جي ساحل تي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٻڏي ويا آهن. هڪ سئو کان مٿي ماڻهن کي بچايو ويو آهي، جن مان 12 پاڪستانين جي تصديق ٿي آهي، جن جو تعلق آزاد ڪشمير ۽ پنجاب جي شهرن سان آهي. هڪ اندازي مطابق ماهيگيريءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ان ٻيڙيءَ ۾ 750 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 100 ٻار هجڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. عالمي نشرياتي ادارا ٻيڙيءَ ۾ سوار پاڪستانين جو تعداد 400 رپورٽ ڪري رهيا آهن. پنجاب ۽ آزاد ڪشمير مان ڪجهه انساني اسمگلرن جي گرفتاريءَ جون خبرون پڻ رپورٽ ٿيون آهن. وزير اعظم شهباز شريف جاچ جو حڪم ڏيندي ان سانحي تي سڄي ملڪ ۾ اڄ هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ هڪ منظم ڪاروبار بڻيل آهي، جيڪو صرف انساني اسمگلرن جي اڪيلي سر وس جي ڳالهه نه آهي، اهو مختلف ادارن جي سهڪار ۽ آشيرواد کانسواءِ ممڪن ئي نه آهي. اهو ڪاروبار گهڻو ڪري سمنڊ جي ذريعي ٿئي ٿو ۽ شديد بيروزگاريءَ سبب ماڻهو پرڏيهه ۾ روزگار خاطر الهه تلهه وڪڻي انهن اسمگلرن جي حوالي ڪريو ڇڏين. اهي اسمگلر انهن کي پرڏيهه ۾ روزگار جا سونهري خواب ڏيکاري نه صرف کين لٽين ٿا، پر انهن جي حياتين کي به خطري ۾ وجهيو ڇڏين. اڪثر ڪري بيروزگارن کي لبيا موڪليو وڃي ٿو، جتان اهي يورپ جو رخ ڪن ٿا. اهو سفر گهڻو ڪري ماهيگيري ڪندڙ ٻيڙن ۾ ٿئي ٿو. هونئن ته سڄي ملڪ ۾ انساني اسمگلرن جا ٽولا سرگرم آهن، جيڪي نوجوانن جي برين واشنگ ڪندي انهن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائين ٿا، پر پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ اهو منظم ڪاروبار بڻيل آهي. هڪ ته بيروزگاريءَ سبب نوجوان انهن انساني اسمگلرن وٽ ڦاسن ٿا، ٻيو وري هتي سماجي گهٽ ۽ ٻوسٽ، سخت پابندين واري سماج مان آزاد سماج ڏانهن سفر جو خواب انساني اسمگلرن جو ڪم سهل ڪري ٿو. هي ڪو پهريون موقعو ناهي، جو غيرقانوني طور تي پرڏيهه ويندي ٻيڙي اٿلڻ ڪري پاڪستاني نوجوان موت جو شڪار ٿيا هجن، هن کان اڳ به اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. هن ڀيري پاڪستانين جو تعداد گهڻو آهي. ڪجهه سالن کان ته پاڪستاني نوجوانن جو لاڙو يورپي ملڪن ڏانهن آهي، نه ته هن کان اڳ دبئي ۽ ٻين نار وارن ملڪن ڏانهن انهن کي غير قانوني طور تي نيو ويندو هو ۽ ائين به ٿيندو هو ته، انساني اسمگلر لانچن ۾ انهن کي پنهنجي منزل تي پهچائڻ بدران ڪنهن ويران ٻيٽ تي لاهي ڇڏيندا هئا، هئا، جتان انهن جا صرف هڏاوان پڃرا ملندا هئا. مائٽ خوش هوندا هئا ته سندن اولاد دبئي ڪمائڻ ويو آهي ۽ جڏهن لانچ جي عملي وٽان ڪو راز فاش ٿيندو هو يا انهن ماڻهن مان ڪو ماڻهو بچي ماهيگيري ڪندڙ ڪنهن لانچ جي مدد ملڻ سبب واپس پاڪستان پهچندو هو ته، پوءِ مس مس وڃي خبر پوندي هئي.

پاڪستان ۾ هونئن ته هر ڪڌو ڪاروبار جاري هوندو آهي، پر جڏهن اهو ‘اشو’ عالمي ميڊيا تي رپورٽ ٿيندو آهي ته اسان جا حڪمران ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي تحرڪ وٺندا آهن پر پوءِ ڪجهه وقت گذرڻ سان اهو ويسر جي ڪٻاڙخاني ۾ هليو ويندو آهي. وري ڪو ٻيو هاءِ پروفائل واقعو انهن کي ننڊ مان جاڳائيندو آهي. پاڪستان ۾ انساني اسمگلر ڪئين ڏهاڪن کان سرگرم آهن. هن ملڪ ۾ حڪمرانن طرفان روزگار جا وسيلا پيدا نه ڪرڻ ۽ شديد غربت سبب نوجوان انهن اسمگلرن جي ور چڙهن ٿا. هاڻي ڇا ٿيندو؟ صرف هڪ ڏينهن جو سوڳ ۽ بس! اصل ڳالهه اها آهي ته انهن سببن کي ختم ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻا پوندا. گذريل حڪومت ۾ عمران خان جيڪو نوڪرين جو اعلان ڪيو هو، ان مان نوجوانن کي ڪيتريون نوڪريون مليون؟ موجوده حڪومت ڪيترن ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي؟ ملڪ ۾ انساني اسمگلرن، انهن جي پشت پناهي ۽ سرپرستي ڪندڙ فردن توڙي ادارن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ضرورت آهي ته جيئن انساني اسمگلنگ جو ڪڌو ڪاروبار بند ٿي سگهي.