تماش گاهه … سياست ۽ عورتون

0
117
تماش گاهه ... سياست ۽ عورتون

  اخباري اطلاعن مطابق پوليس 9 مئي جي واقعن کانپوءِ عورتن جي گرفتارين ۽ آزادي جي انگن اکرن تي ٻڌل رپورٽ پنجاب جي نگران وزير اعليٰ وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق 8 شهرن مان 66 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو. لاهور مان 37، فيصل آباد مان 8، گجرات ۽ چڪوال مان هڪ- هڪ، جڏهن ته پاڪ پتن مان 2 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ملتان مان 4 عورتن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. وزير اعليٰ وٽ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 15 عورتن جي شناخت پريڊ ڪرائي وئي، جڏهن ته 38 عورتن کي ضمانتن تي آزاد ڪيو ويو آهي.

                 پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هنگامي ۾ ملوث هجڻ تي پوليس عورتن کي گرفتار ڪيو آهي. پنجاب پوليس عورتن سان جنهن قسم جو رويو اختيار ڪيو، انهيءَ مان ظاهر ته اهو ٿو ٿئي ته عورتن جي تذليل ڪرڻ کانسواءِ انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هاڻي ته وڊيو جو زمانو آهي. عورتن کي مرد پوليس وارا جنهن انداز ۾ جانورن وانگر کڻي پوليس جي گاڏين ۾ اڇلائي رهيا آهن، اهو عمل تذليل ڪرڻ يا تشدد ڪرڻ کان وڌيڪ ئي ڪجهه آهي. سياست ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي وڏي تعداد حصو ورتو آهي. انهن جو جهڪاءُ عمران خان جي پارٽيءَ ڏانهن آهي. هڪ سياسي مبصر مطابق، انهن جو مقصد سياست ۾ متحرڪ عورتن کي سندن ان رجحان جي سزا ڏيڻ آهي.

اهو مبصر ان جي ذميواري عمران خان جي مخالف سياسي ڌرين تي وجهي ٿو. تحريڪ پاڪستان ۽ ان کانپوءِ سياست ۾ عورتن جو تعداد بنهه نه هئڻ جيترو هو. توڙي جو اهو مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي صدارتي اميدوار جي حيثيت سان به چونڊن ۾ حصو وٺڻ وقت به نه هو. 1970ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران به عورتن جو ايڏو وڏو تعداد سامهون نه آيو هو. هڪ طرح سان اهي چونڊون مردن جون چونڊون هيون. توڙي جو مادر ملت کي ڪراچي ۽ ڍاڪا ۾ پنهنجي مخالف اميدوار جنرل ايوب خان تي سرسي حاصل هئي ۽ حيدرآباد ۾ ٻنهي اميدوارن جا ووٽ برابر هئا. سياسي جماعتن به عورتن جي همت افزائي نه ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي سربراهه ته مرحومه بينظير ڀٽو هئي. کيس گهرجي ها ته عورتن جي وڌيڪ تعداد کي سڌي ريت چونڊن ۾ اميدوار بڻائي ها پر مردن جي سماج ۾ اها به خوفزده هئي ته خبر ناهي ماڻهو ووٽ ڏين به يا نه ڏين! توڙي جو ان جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ملڻو ئي ملڻو هو. بهرحال مردن به عورتن جي ڪڏهن به شعوري طرح همت افزائي نه ڪئي آهي. سياسي جماعتن به جي وڏي مهرباني ڪئي ته اها به هيءَ ته انهن عورتن کي مخصوص سيٽن تي اميدوار نامزد ڪيو آهي. بيگم عابده حسين جهڙيون عورتون ته آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون به نه آهن، جن چونڊن ۾ مردن جي مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي هجي.

مون کي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته عورتن جي دانسته ۽ شعوري طور تي همت شڪني ڪئي وئي آهي. عورتن جو وڏو تعداد پنهنجي مرضي سان عمران خان جو حمايتي بڻيو آهي. انهن مان ته ڪيترين ئي عورتن پنهنجي والدين ۽ ڪجهه عورتن پنهنجن مڙسن کي مجبور ڪيو ته اهي کين عمران خان جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏين. نوجوان اولاد جي سامهون والدين جو موقف گهڻو ڪري هيڻو بڻجي ويندو آهي. عورتون مختلف روين جي ڪري به سياست کان بدظن رهنديون آهن.

اڌ رات جو انهن جي گهرن تي جڏهن انهن جا مرد ساٿي تنظيم سازي ڪرڻ پهچي وڃن ته اهي سياست کان وٿيرڪو رهڻ ئي مناسب سمجهنديون آهن. اڻوڻندڙ حالتن ۽ روين باوجود تمام گهڻين عورتن تڪليفون سهندي بردباريءَ جو ثبوت ڏنو آهي پنجاب حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا وزير اعليٰ ۽ اسپيڪر رهندڙ شخصيت چوڌري پرويز الاهي جي زال سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي. پرويز الاهي پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ مزاحمت جي سياست کان پاسو ڪيو آهي پر سندس گهر واري قيصره الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي جي تجويز تي هن تحريڪ انصاف ۾ باضابطه شموليت اختيار ڪئي ۽ پوءِ اڏول ٿي بيهي رهيو.

ان کي ڪنهن واضح ڪيس جي غير موجودگيءَ ۾ جهڙي ريت گهليو پيو وڃي، ان مان صاف نظر اچي ٿو ته انتقامي سياست ٿي رهي آهي. ان جي گهر واري قيصره الاهي پنهنجي مڙس سان ڪيترين ئي ڪوششن کانپوءِ پهرين ملاقات بعد پنهنجي بيان تي ٻڌل وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن کي ڏسي دل ڪنبڻ لڳندي آهي ته سياسي مخالف هجڻ جو نتيجو اهڙي ريت به ڀوڳڻو پوندو آهي. محترمه قيصره پنهنجي وقت جي مخالف ڌر جي قدآور اڳواڻ چوڌري ظهور الاهي جي ڌيءَ آهي. سڀني کي ياد هوندو ته ظهور الاهي مرحوم ڀُٽي دور ۾ سياسي مخالفت جو ڳرو نتيجو ڀوڳيو هو ۽ ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي هئي. نواب اڪبر بگٽي مرحوم هڪ انٽرويو ۾ مون کي ٻڌايو ته ڀٽو ته ظهور الاهي کي قتل ڪرائڻ جي پٺيان هو. ڀُٽي اڪبر بگٽي کي چيو هو ته هو ظهور الاهي کي قيدي جي حيثيت ۾ بلوچستان موڪلي رهيو آهي، آئون (اڪبر بگٽي) کيس سفر دوران قتل ڪرائي ڇڏيان. اڪبر بگٽي جو چوڻ هو ته هن گٿو ڳالهائيندي ڀُٽي کي چيو هو ته هو بلوچستان ۾ اسان جو مهمان آهي ۽ اسان مهمان سان اهڙو سلوڪ ناهيون ڪندا. اڪبر بگٽي ان وقت بلوچستان ۾ ڀُٽي طرفان نامزد ڪيل گورنر هو. ان واقعي کان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت ممڪن آهي ته واقف هجي، ڇو ته اڪبر بگٽي سان ان جا دوستاڻا لاڳاپا هئا.

بيگم پرويز الاهي کي هڪڙي رات جو فون آيو ته هوءَ اسپتال پهچي، سندس مڙس جي طبيعت خراب آهي. هوءَ چوي ٿي ته پاڻ تڪڙي تڪڙي اسپتال پهتي پر سندس بقول ته کيس 4 کان 5 ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ کانپوءِ ملاقات کانسواءِ ئي واپس موڪليو ويو. ان کانپوءِ وري هن ملاقات جي نئين سري سان ڪوششن جي شروعات ڪئي پر ان ۾ به هوءَ ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ ٽئين ڪوشش ۾ هوءَ مختصر ملاقات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. ان هيستائين ٿيل آخري ملاقات کانپوءِ سندس چوڻ هو ته کيس سندس گهر وارو جسماني طور تي گهڻو ڪمزور نظر آيو پر ان جو حوصلو پهاڙن وانگر اٽل هو. هن جو چوڻ هو ته کيس ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سندس مڙس مضبوط اعصاب سان اٽل بيٺو آهي.

عدالت ۾ پنهنجي هڪ پيشي جي موقعي تي پرويز الاهي شڪايت ڪئي ته هن کي 10 ڏينهن تائين هڪ ئي شلوار قميص پاتل آهي. پرويز الاهي جو ڳاڻيٽو اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جن کي خوش لباس چيو وڃي ٿو. هن چيو ته 6 فوٽن جي هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ قيد رکيو ويو آهيان، جنهن ۾ منهنجون ٽنگون به سڌيون نٿيون ٿي سگهن. اڳوڻي وزير اعليٰ پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته ان جون دوائون به اڃان تائين کيس پهچايون نه پيون وڃن. هن شڪايت ڪئي ته سندس پير سڄي ويا آهن، ڪارڊيولاجي ۾ اڌ ٽيسٽون ٿيون آهن، مطلب ته بظاهر ان کي ذهني طور تي اذيت ۾ رکڻ ئي انهن جو مقصد آهي. پرويز الاهي سان اهو سڀ ڪجهه ان صورت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ته عدالت ان کي 2 ڪيسن مان آجو ڪري چڪي آهي.

سياست جي موجوده دور ۾ سمورين تڪليفن جي باوجود تمام گهڻا ماڻهو اڏول بڻجي پنهنجي سياسي سوچ سان ڪنهن سهاري بنا بيٺا آهن. اهڙي ئي اڏولتا ۽ استقامت وارا ماڻهو ڪنهن سماج ۾ مستحڪم سياسي اصول متعارف ڪرائي سگهن ٿا. پاڪستان کي اهڙن ئي ماڻهن جي ضرورت آهي. لوٽا يا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندڙ ماڻهو پنهنجو مقصد حاصل ناهن ڪري سگهندا. ان تماش گاهه ۾ سياسي مخالفن خلاف سياسي انتقامي ڪاررواين جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستاني سياست گدلي ۽ آلودا ئي رهندي.