سعودي عرب ۾ ڪنهن به قيمت تي انڪم ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو: محمد بن سلمان

0
438

رياض (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته سعودي عرب ۾ انڪم ٽيڪس ڪنهن به قيمت تي لاڳو نه ٿيندو. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ شهزادي محمد بن سلمان چيو ته 15 سيڪڙو ويليو ايڊڊ ٽيڪس عارضي آهي ، جڏهن ته سعودي عرب ۾ بيروزگاري جي شرح هن سال 14 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو ٿي ويندي. شهزادي محمد بن سلمان چيو ته عالمي وبا ڪورونا باوجود سعودي عرب جي سڀني شعبن ۾ ڪاميابي جا انگ اکر بهترين آهن.