مئي ۾ ڪهڙن شهرن ۾ لاڪ ڊائون ٿيندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

0
448
سڀاڻي کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) مئي ۾ لاڪ ڊائون لاءِ وزارتن ۽ انتظاميه ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي. اين سي او سي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته وڌيڪ ڪورونا ڪيسن سان وارن ضلعن ۽ شهرن ۾ لاڪ ڊائون جو هڪ عبوري منصوبو آهي، جتي ٻن هفتن جو لاڪ ڊائون 2 يا 3 مئي کان لاڳو ٿيندو. خط موجب اسلام آباد ، راولپنڊي ، لاهور ، ملتان ، فيصل آباد ، گوجرانوالا ، بهاولپور ، حيدرآباد ، لوئر دير ، مردان ، نوشهره ، مالاڪنڊ ، چارسده ، سوات ۽ صوابي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو. خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مظفر آباد ، سڌناوتي ، پونچھ ۽ باغ ۾ به لاڪ ڊائون بابت مشاورت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل شهرن ۾ ڪورونا ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ مناسب اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.