رياض: سعودي عرب ۾ پهريون روزو 13 اپريل تي اڱاري ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي. عرب ميڊيا موجب فلڪياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ پهريون روزو 13 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي. فلڪياتي ماهرن موجب هن ڀيري رمضان شريف ۾ 30 روزا ۽ چار جمعا ٿيندا. ماهرن موجب هن سال عيدالفطر 13 مئي تي ٿيڻ جو امڪان آهي.