پکو: پکو ۾ مقامي صحافي مٿان وڏيري پاران بدترين تشدد جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي پکو ٿاڻي تي پنجن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. ڳوٺ الھڏنو تنيو ۾ بااثر وڏيري رياض تنيو ساٿين سان گڏجي مقامي صحافي نواب علي تنيو تي هنٽرن سان حملو ڪري سخت تشدد ڪيو ۽ تشدد واري وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي پڻ رکي ڇڏي. وڊيو وائرل ٿيڻ تي انتظاميه نوٽيس وٺي بااثر وڏيري رياض تنيو سميت پنجن ڄڻن مٿان پکو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ھن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي. تشدد جو نشانو بڻيل صحافي نواب علي تنيو ٻڌايو ته ڳوٺ جو بااثر رياض تنيو ساٿين سميت سرعام ڏينھن ڏٺي تشدد جو نشانو بڻايو آھي، هن جو قصور صرف ۽ صرف پنھنجي ڳوٺ جي غريبن جي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ آھي، ڳوٺ ۾ پنھنجي گھرن جي ڀرسان واري زمين تي جابر وڏيرن قبضو ڪيو جنھن جي مون مخالفت سان گڏوگڏ قانوني رستو پڻ اپنايو جنھن تي جوابدارن مڇرجي سخت تشدد ڪيو آھي