ڪوهاٽ: ڪوهاٽ ويجهو بابوخيل جي مقام تان هڪ اجتماعي قبر مان 16 لاش ڪڍيا ويا آهن. پوليس موجب لاش هيليڪاپٽر واسيلي روانا ڪيا ويا آهن، معاملي جا جاچ جاري آهي. رپورٽن موجب 2011ع ۾ ڪجهه پورهيتن کي اغوا بعد قتل ڪري پهاڙن ۾ لاش اڇلايا ويا هئا. گهڻي وقت کانپوءِ پورهيتن جي وارثن پاران حڪومت کي لاشن جي ڳولا لاءِ چيو ويو، جنهن تي اڄ لاشن کي برآمد ڪيو ويو. 2012 ۾ پڻ هڪ ريسڪيو آپريشن وسيلي 50 لاشن کي اجتماعي قبر مان ڪڍيو ويو هو.