سرڪاري ٽي وي جي ميزبان ۽ شعيب اختر ۾ جهيڙو، وفاقي وزير فواد چوڌري پاران جاچ جو حڪم

0
287
سرڪاري ٽي وي جي ميزبان

اسلام آباد: سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سرڪاري ٽي وي جي لائيو پروگرام ۾ اسپورٽس شو جي ميزبان ۽ شعيب اختر وچ ۾ جهيڙي جو نوٽيس وٺندي ان جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. وفاقي وزير معاملي جي جاچ لاءِ ايم ڊي پي ٽي وي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي

وفاقي وزير پاران جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس اڄ ئي ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ ميزبان ڊاڪٽر نعمان نياز ۽ شعيب اختر  وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جاچ دوران ميزبان ۽ شعيب اختر وچ ۾ ٿيل آن ايئر ۽ آف ايئر ڳالهه ٻولهه جو جائزو به ورتو ويندو. ڪميٽي پنهنجي جاچ رپورٽ وفاقي وزير فواد چوڌري ڏانهن اماڻيندي ۽ ميزبان جي غلطي ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ هن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

وفاقي وزير فواد چوڌري پاران جوڙيل ڪميٽي اسپورٽس پروگرام جي ميزبان نعمان نياز ۽ شعيب اختر کي طلب ڪري ٻنهي جو موقف به معلوم ڪندي

ٻئي پاسي سڌسماءَ بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به واقعي تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته پي ٽي وي! توهان مڪمل طور پٽڙيءَ تان لهي ويا آهيو، پنهنجي ساک کي بحال ڪيو. هي ڪنهن فرد نه پر اداري جو معاملو آهي. پنهنجي ٽويٽ ۾ فيصل جاويد چيو ته اهو ڪنهن جي لاءِ سٺو آهي؟ ورلڊ ڪپ کانپوءِ بحث ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اها خوشي خراب ڪرڻ نه ٿا چاهيون جيڪا اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم آڻي رهي آهي

ھي به پڙھندا

اسپورٽس پروگرام ۾ ڏند چڪ: ميزبان شعيب اختر کي هلندڙ پروگرام مان ڪڍي ڇڏيو