حيدرآباد:7 سالن کان ساڳا ڪاغذ کڻي ٿا اچو، گم ٿيل ماڻهو ڪاٿي آهي؟، عدالت جاچ آفيسر کي هٽائي ڇڏيو

0
305
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قاسم آباد مان 7 سال اڳ کنڀي گم ڪيل جونيئر ڪلارڪ جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شهباز بلڊنگ ۾ قائم پيون ڪالوني جي رهواسڻ مسمات ملوڪ زادي عمراڻي، وڪيل علي پلهه معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪئي

درخواستگذار چيو ته 26  آڪٽوبر 2015ع تي قاسم آباد مان پٽ امداد علي عمراڻي کي اڳوڻي ايس ايڇ او سڪندر ڀٽي ۽ ٻين دڪان تان کنڀي گم ڪيو آهي،  7 سال ٿي ويا پر اڃا تائين هن جو ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو

عدالت جاچ آفيسر کان سخت پڇاڻوڪندي چيو ته اوهان ستن سالن کان رڳو ساڳيا ڪاغذ کڻي ٿا اچو، اڄ تائين ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي، ماڻهو ڪاٿي آهي؟

جسٽس امجد علي سهتو جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته اوهان کي ته ڄاڻ هوندي، ان لاءِ سچ ٻڌايو ته کنڀي گم ڪيل جو تعلق ڪهڙي سياسي، سماجي يا مذهبي تنظيم سان آهي؟

جاچ آفيسر جسٽس جي پڇيل سوال جو جواب نه ڏنو، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ڀلا اوهان جي ايس ايس پي کي گهرايون پوءِ ڪجه ٻڌائيندو؟

عدالت پاران بار بار پڇڻ تي جاچ آفيسر ڪو به خاطر خواه جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي عدالت مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ايس ايس پي کي نئون جاچ آفيسر مقرر ڪري 10 نومبر تي اڳڀرائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.