سري لنڪا ۽ سياسي آئينو

0
516
جمهوري راند جا اصول طئي ڪريو

ننڍائپ ۾ اڃان هنڌ ۾ سمهيا پيا ئي هوندا هئاسين ته اسانجو محترم ڏاڏو سائين مرحوم غلام محمد شيخ جيڪو خبرن جو شوقين هوندو هو، مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي خبرون ٻڌڻ شروع ڪندو هو. جيڪي ريڊيو ايران زاهدان، سئلون، آڪاش واڻي، سرينگر ڪشمير، بي بي سي کان ٿينديون ريڊيو پاڪستان تي دنگ ڪنديون هيون ۽ ان وچ ۾ اسانجي اسڪول وڃڻ لاءِ ننڊ مان سجاڳي جو وقت به اچي ويندو هو. بعد ۾ ريڊيو سيلون گم ٿي ويو ۽ خبر پئي ته انگريزن پاران ننڍي کنڊ تي قبضي مهل نقشي تي اک جي ڳوڙهي وانگر نظر ايندڙ ملڪ جو نالو 1972ع ۾ سئلون مان مٽائي سري لنڪا رکيو ويو آهي. لنڪا سنهالي لفظ آهي جنهن جو مطلب ٻيٽ آهي ۽ سري سنسڪرت جنهن جو مطلب عزت ماب، خوشحال يا چمڪندڙ آهي. رامائڻ موجب راوڻ بادشاھه شهزادي سيتا کي ڀڄائي لنڪا ۾ لڪو هو. سري لنڪا جو نالو الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ پڙهبو رهبو هو يا تامل علحدگي پسندن جي گهرو لڙائي سبب وڏو عرصو خبرن ۾ گونجندو رهندو هو. تاملن جي شڪست بعد پهريون دفعو ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي ٻيٽ تي وڃڻ جو موقعو ڏھه سال پهريائين فرينچ ري انشورنس ڪمپني اسڪور جي دعوت تي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت سبب ٿيو. سندن ماڻهن جي سادگي، گهرائي ۽ سئلون چانھُه جي خوشبو ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي. سندن ناريل جا ڊگها وڻ ڊگهن وارن ۾ منهن لڪائيندڙ ڪنهن شرميلي ڇوڪري جو ڏيک ڏيندا هئا. ناشتي تي انناس ۽ ڪچا ڪيلا فرائي ڪري کائڻ جو پهريون تجربو به اتي ئي ٿيو هو. پر اڄ لنڪا بحرانن سبب لهڪارجي چڪو آهي ۽ سندس ڪرنسي هڪ ڊالر جي مقابلي ۾ 325 رپين تي پهچي چڪي آهي.

سري لنڪا جي آبادي پاڪستان جي ڏهين حصي ۽ معيشت چوٿين حصي برابر آھي پر سندن تعليم 93سيڪڙو آھي. 70سيڪڙو  آبادي ٻڌ مت جي پيروڪار آھي جيڪو سرڪاري ڌرم به آھي. خاص ايڪسپورٽ ۾ گارمينٽس، هيرا، موتي، زيور، چانھه، مرچ مصالحا، ناريل، رٻڙ، مڇي شامل آھن. ملڪ تي51 ارب ڊالر پرڏيھي قرض آھي جنھن مان35 ارب ڊالرن تي واجب الادا قسط جي عدم ادائگي سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آھي.کاڌو مھانگو ، پيٽرول راشن تي، بجلي 14 ڪلاڪ بند ۽ دوائون اڻلڀ ٿي چڪيون آھن جنهن ڪري ماڻھن جا مظاھرا جاري آھن. پرڏيھي ناڻي جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ پهريائين غلط فيصلو ڪري ڀاڻ جي امپورٽ تي بندش وڌي وئي پر ان سان چانورن ۽ چانھه جو فصل متاثر ٿيو جنهنڪري کاڌي لاءِ چانور ٻاهران امپورٽ ڪرڻ مجبوري بنجي وئي جنهن پرڏيهي ذخيرن کي وڌيڪ گهٽائي ڇڏيو ۽ چانورن جي بحران سبب اهي مهانگا به ٿي ويا.

ان بحران جي شروعات ڪورونا سان ٿي جنهن سياحت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ يوڪرين جي جنگ ان کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو ڇوته روس سان عالمي واپاري بندشن سبب چانھه جي ايڪسپورٽ ۽ سياحت وڌيڪ گهٽجي وئي. سري لنڪا جي ٽيون حصو سياحت روس، يوڪرين، بائلوروس ۽ پولينڊ سان ٿيندی ھئي. روس چانھه جو به وڏو خريدار ھو. ڪورونا ۽ يوڪرين جنگ کانپوءِ جي ڪنهن وڌيڪ نقصان ڏنو ته اهو راجا ڪپسا خاندان جي حڪومت هئي جيڪا 2004ع ۾ تاملن کي شڪست ڏيڻ بعد شروع ٿي، جڏھن مھندا پھريائين وزيراعظم ۽ بعد ۾ صدر ٿيو. پيشي جي لحاظ کان مهندا راجاڪپسا وڪيل ھو ۽ ان کان پھريائين پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت وزير خزانه، دفاع، پورٽس، شپنگ، شھري ترقي، قانون، امن امان، مڇين جي افزائش، محنت، ھنري تربيت جو وزير رھي چڪو ھو. وزيرراعظم ٿيڻ وقت سندس ڀاءَ گوتاٻايا وزيردفاع هيو جيڪو 1971ع کان فوج ۾ آفيسر ھو ۽ 1998ع۾ رٽائرمينٽ وٺي آمريڪا ھليو ويو جتان هو واپس 2005ع ۾ آيو. هو تاملن جي علحدگي جي تحريڪ خلاف گهرو لڙائي ۾ اڳيان ھو. گهرو لڙائي ۾ تاملن جي شڪست سان هن خاندان جي پوزيشن مضبوط ٿي. ھو2015ع تائين اقتدار ۾ رهيا بعد ۾ 2018ع ۾ کيس صدر پاران وزيراعظم نامزد ڪيو ويو، جنهن کي ان وقت جي وزيراعظم رنيل وڪرم سنگهھ جيڪو سابق صدر جئي وردني جو ڀائيٽو هو ۽ سابق وزيراعظم پريماداسا جي قتل بعد وزيراعظم ٿيو هو تنهن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي ڪرسي تي نه فقط ويٺو رهيو پر نومبر 2018ع ۾ پارليامينٽ مان ٻه دفعا پڪسا جي نامزدگي خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءَ پاس ڪرائي ڇڏيو جنهن کي ڪپسا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

صدر سرسينا به ٻنهي ٺهرائن کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ڪري آئيني بحران پيدا ٿي ويو. ڊسمبر ۾ سپريم ڪورٽ راجاپڪسا خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو جنھن بعد ھن استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ وڪرم سنگهھ ٻيھر چونڊجي ته آيو پر اڪثريت نه هئڻ سبب مخالف ڌر جي 35 ميمبرن کي 35 وزارتن جي بدلي پنهنجي پاسي ڪري گڏيل حڪومت ٺاهي وزيراعظم ٿيو. پر2019ع جي چونڊن ۾ پڪسا ٻيهر چونڊجي آيا ۽ کين2/3 اڪثريت ملي ۽ ان جي مدد سان هنن آئين ۾ ترميمون ڪرائي صدر کي وڌيڪ اختيار ڏياريا.گوتاٻايا صدر ٿيو جيڪو فوجي پسمنظر رکندڙ پھريون ملڪي صدر ھو، جنھن پنھنجي ڀاءَ مھندا کي وزيراعظم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ٽئين ڀاءَ باسيل کي گذريل سال وزير خزانه مقرر ڪيو هو جيڪو آميريڪا ۽ سري لنڪا جي ٻٽي شهريت رکندڙ هو. مهانگائي خلاف تازن مظاهرن بعد باسيل سميت سموري ڪابينا استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ سندس جاءِ تي علي صابري کي خزاني جو نئون وزير مقرر ڪيو ويو. اسٽيٽ بينڪ جو گورنر به استعيفا ڏئي هليو ويو ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کي به تالا لڳي ويا آهن ڇو ته ملڪ جي قرض جو وڏو حصو اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙيل آهي. پر خانداني رعايتن جي ڪهاڻي اتي ختم نه ٿي. چوٿين ڀاءَ چمل کي وزير ۽ سندس پٽ کي مملڪتي وزير مقرر ڪيو ويو.

چمل اڳي اسپيڪر سان گڏوگڏ آبپاشي، زراعت، ھوابازي، بندرگاهه جو وزير به رهي چڪو هو. وزير ٿيڻ کان اڳ هو سئلون پوليس فورس ۾ سب انسپيڪٽر ۽ سرڪاري ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ جنرل مينيجر به رھي چڪو هو. وزيراعظم مھندا جو ھڪ پٽ نمل ڪابينا ۾ نوجوانن ۽ راندين جو وزير، جڏهن ته ٻيو سندس چيف آف اسٽاف آھي ۽ ڀائٽيو پارليامينٽ جو ميمبر!. ايئن 75 سيڪڙو ملڪي بجيٽ ڪپسا خاندان جي ڪنٽرول ۾ رهندي آئي آھي. هن وقت سريلنڪا جا پرڏيهي ذخيرا 2 ارب ڊالرن تي پهچي چڪا آھن، جڏهن ته هن سال قرض ۽ وياج جي قسط 7 ارب ڊالر ڏيڻي ھئي جيڪا هو ادا نه ڪري سگهيا. اسٽاڪ ايڪسچينج تي38سيڪڙو قرض آھي. جڏھن ته چين جو 10سيڪڙو قرض آهي. پڪسا راجا جي اباڻي علائقي ھمبنٽوٽا ۾ سندس نالي پويان ٺاهيل مهندا سامونڊي بندر جيڪو چين ڏھه سال اڳ قرض تي ٺاهي پورو ڪيو هو سو “ون بيلٽ ون روڊ” جو حصو آهي ۽ معاشي طور قابل عمل ثابت نه ٿيو.

جنهن ڪري چين کي قرض جي قسط ادا نه ٿرڻ سبب سري لنڪا اهو 99 سالن جي ليز تي چين کي ڏئي ڇڏيو. اهو بندر ڪولمبو بندر بعد ٻيون وڏو بندر آهي. وزيراعظم وڪرم سنگھه انجي ٻه دفعا فيزيبلٽي ٺهرائي هئي جنهن۾ اهو بندر BOT بنياد تي 1.8 ارب ڊالر تي ٺهرائڻ لاءِ شروع ۾ نان ڪنٽينر ٽريفڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ چيل هو جيئن ڪولمبو بندر جي ڪنٽينر ٽرمينل جي خالي گنجائش کي ڀري سگهجي جنهن جي ڀرجڻ بعد  انجي ڪنٽينر ٽرمينل کي ٺهرائجي پر راجاڪپسا اقتدار ۾ اچڻ سان ٻنهي رپورٽن کي رد ڪري اهو منصوبو چين حوالي ڪري ڇڏيو جنهن 6.3سيڪڙو  تائين وياج تي 9 ارب ڊالر قرض سان ان منصوبي کي مڪمل ڪيو. هڪ سال بعد بندر کي 47 ارب رپيا نقصان پيو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ چين سان نئون معاهدو ڪري سوا ارب ڊالر بدلي کيس 99 سالن جي ليز تي ڏنو ويو پر گذريل سال پرڏيهي وزير اعلان ڪيو ته اها سندن غطي هئي پر ان غلطي تسليم ڪرڻ ۾ دير ٿي چڪي هئي ۽ سريلنڪا قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي.

گوتاٻايا راجاڪپسا جي پارٽي جي پارليامينٽ ۾ وڏي اڪثريت آھي ۽ چونڊون ٻن سالن بعد ٿيڻيون آھن انڪري کيس مخالف ڌر جي ڪا پرواھه ناھي پر پوءِ به هن معاشي بحران سبب سمورين پارٽين کي گڏيل حڪومت ۾ شامل ثيڻ جي دعوت ڏني آھي جيئن گهمبيرتا کي منھن ڏئي سگھجي.

سري لنڪا مذهب، نسل، زبان سوڌو ڪيترين ڳالهين ۾ پاڪستان کان مختلف آهي پر موجوده صورتحال جا ڪافي رنگ ساڳيا آهن. سياسي افراتفري، گڏيل سياسي حڪومت، ميمبرن جو پارٽي مٽائڻ، ڊگهيون ڪابينائون، آئيني بحران، خانداني حڪومتون، رپئي جو ڪرندڙ ملھه، وڌندڙ مهانگائي ۽ قرضن جي ڌٻڻ مشترڪه آهن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته ظاهري ۽ باطني حڪمران طبقا ان جي روشني ۾ پنهنجو منهن آئيني ۾ ڏسي، آئيني کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ بجاءِ چهري کي مستقل داغدار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته هو ڪاوڙ ۾ آئيني کي ڀڃڻ بدران پنهنجي چهري کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪن نه ته سياسي معاشي سفارتي سرڪڻ ۾ ڦاسڻ بعد کين اها مهلت به نه ملندي.