نيو ملٽري ڊاڪٽرائن

0
222
ڇا هاڻ مزاحمت بيڪار آهي؟

اڄڪلهه پاڪستان  جي “نيو ملٽري ڊاڪٽرائن” تي بحث ٿي رهيو آهي.اهو بحث اڳتي وڌائڻ کان پهرين اهو واضح هجڻ گهرجي ته اها نيو ملٽري ڊاڪٽرائن ڇا آهي ۽ اها آهي به يا نه ؟پاڪستاني فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ميجر جنرل افتخار بابر طرفان تازي پريس ڪانفرنس ۾ چيل انهي ڳالهه کي “ نيو ملٽري ڊاڪٽرائن” سان ڀيٽ ڏني پئي وڃي.جنهن ۾ هن چيو ته “انشاءَالله پاڪستان ۾ هاڻي ڪڏهن به مارشل لا نه لڳندو،فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي ،پاڪستان جو مستقبل جمهوريت سان لاڳاپيل آهي” انهي ڳالهه کي ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو پاڪستاني فوج جي نئين نظريئي (نيو ملٽري ڊاڪٽرائن ) جو نالو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي  ۽ انهي جي تعريف سان گڏوگڏ انهي تي تنقيد به شروع ڪري ڇڏي آهي.انهي تعريف ۽ تنقيد ۾ ملڪ  جي طاقتور ڌرين جي سوچ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.

 سياستدانن توڙي جو ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کي نيو ملٽري ڊاڪٽرائن جو نالو نه ڏنو آهي پر انهن به انهي بيان جو خيرمقدم ڪيو آهي ۽ انهي کي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري جو چوڻ آهي ته اهو بيان جمهوري قوتن لاءِ تازي هوا جو جهوٽو آهي .پاڪستان جي عام ماڻهن  لاءِ اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته پاڪستان جي فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪندي.پر ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان سان ماڻهن کي اطمينان ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن حد تائين گهٽ ٿي آهي .

اسان جنهن کي نيو ملٽري ڊاڪٽرائن چئون ٿا انهي تي فوج پاران باقاعده ڪو ردعمل نه آيو آهي تنهن ڪري انهي کي ”ڄاڻايل” نيو ملٽري ڊاڪٽرائن چوڻ مناسب ٿيندو. ڇو ته انهي کي حقيقي ڊاڪٽرائن ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.۽ گهڻن آزمائشي مرحلن مان گذرڻو پوندو.پراڻي ڊاڪٽرائنز جيڪو مائينڊ سيٽ ٺاهيو هو اهو ڄاڻايل نيو ڊاڪٽرائن خلاف سخت مزاحمت ڪندو۽ انهي مزاحمت لاءِ پاڪستان ۾ اڄڪلهه حالتون سازگار آهن.انهي مائينڊ سيٽ (ذهنيت )جي مڪمل عڪاسي سينئر صحافي۽ تجزيه ڪار شاهين صهبائي جي انگريزي ۾ لکيل هڪ تازي آرٽيڪل ۾ ٿئي ٿي.شاهين صهبائي وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات جي جاري ڪيل تصوير  تي تبصري سان پنهنجي آرٽيڪل جي شروعات ڪئي ۽ انهي ڳالهه تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪ فوج جو ڪمانڊر سندس چواڻي هڪ انتهائي ڪرپٽ ۽ ڪيسن ۾ گهربل شخص آڏو هٿيار ڦٽا ڪيو ويٺو آهي .اڳتي هلي شاهين صهبائي ريٽائرڊ فوجي آفيسرن سان لاهور ۾ آرمي چيف جي ملاقات تي پنهنجو تبصرو ڪيو ۽ اها راءِ ڏني ته ريٽائرڊ فوجي آفيسرن عمران خان جي حڪومت  ختم ٿيڻ بابت آرمي چيف جي بيانيي سان اتفاق نه ڪيو.شاهين صهبائي اها به دعويٰ ڪئي ته حاضر سروس آفيسر ۽ جوان به ايئن ئي سوچين ٿا. شاهين صهبائي اها تجويز ڏني ته جنرل قمر جاويد باجوه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.نئون آرمي چيف بي شڪ نيو ملٽري ڊاڪٽرائن تي عمل ڪندي فوج کي سياست کان پري رکي پر سندس چواڻي جنرل باجوه جي غلطين کي درست ڪري. يعني عمران مخالف سياسي قوتن خلاف نه رڳو مفاهمت نه ڪري بلڪه انهن سان غير جانبدار رويو به اختيار نه ڪري .هن اها به تجويز ڏني ته ترت چونڊون ڪرايون وڃن.

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان به اها ئي ڳالهه چئي رهيو آهي ته جنهن به غلطي ڪئي آهي اهو پنهنجي غلطي جو ازالو ڪري ۽ فوري طور اليڪشن ڪرائي پر انهي ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته اليڪشن جي نتيجن کي تحريڪ انصاف يا انهي جي بيانيي جا حامي ماڻهو تسليم ڪندا.هو پنهنجي سڀني مخالفن کي غدار ۽ ڪرپٽ سمجهن ٿا. هو انهن جي جمهوري حڪومت يا نمائندگي  کي مڃڻ لاءِتيار نه آهن.هو هرحال ۾ پاڻ حڪومت ڪرڻ چاهين ٿا.جيڪڏهن فوج به انهن جي انهي سوچ جي حامي ناهي ته هو فوج جي ڪردار کي به سواليه نشان بڻائي ٿا ڇڏين. اها فسطائي سوچ ڏاڍي طاقتور ٿي وئي آهي ۽ ڄاڻايل نيو ملٽري ڊاڪٽرائن خلاف مزاحمت جون اهڙيون حالتون پيدا ڪري چڪي آهي جيڪي“عرب اسپرنگ”وقت عرب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هيون.انهي نام نهاد تحريڪ دوران انتشار پيدا ٿيو ۽ ڪنهن به ملڪ جي فوج غيرجانبدار نه رهي سگهي.مصر ،تيونس ۾ فوج انهي وقت جي حڪومتن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.شام ۽ بحرين ۾ فوج طاقت ذريعي مظاهرو ڪندڙن کي چٿيو.يمن ۽ لبيا ۾ فوج ورهائجي وئي.نتيجو اهو نڪتو جو ٻين تباهين سان گڏوگڏ نه رڳو فوجون ڪمزور ٿيون پر انهن جا ادارا به تباهه ٿي ويا.

2014ع ۾ مصر جي صحت ۽ ثقافت جي اڳوڻي وزير ۽ افرو ايشين پيپلز پارٽي ساليڊيرٽي آرگنائيزيشن جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر صلمي الحديدي ڪراچي آيا.مان ۽ نذير لغاري صاحب گڏجي هن جو انٽرويو ڪيو هو.جنهن ۾ عرب اسپرنگ تحريڪ ۽ انهي جي تباهڪارين بابت هن کان سوال ڪيا.هن ٽي اهم ڳالهيون ڪيون.پهرين اها ته پين اسلام ازم،پين عرب ازم ۽ هر ملڪ جي قومپرستي ڪمزور ٿي.انهن ٽنهي جو جوهر سامراج مخالف هو.ٻي ڳالهه اها ته عرب اسپرنگ تحريڪ ۾ جيڪي انقلاب آيا يا انتشار پيدا ٿيو انهن جو محرڪ مڊل ڪلاس هو.جن وٽ روزگار به هو ۽ معاشي تحفظ به هو پر هو ڪرپشن جي خاتمي ،جمهوريت ۽ آزادي جي نعري جي آڙ ۾ فسطائيت ۽ آمريت پسنداڻي ((Authoritarianسوچ ۾ وهي ويو.اهو مڊل ڪلاس انتهاپسند تنظيمن جو ٻارڻ بڻيو ۽انتهاپسند تنظيمون آمريڪا خلاف نعرا هڻي آمريڪا جي ايجنڊا تي ڪم ڪنديون رهيون.ٽئين ڳالهه هن اها ڪئي ته انتهاپسند تنظيمن سان ويڙهائي آمريڪا عرب ملڪن جي فوجي ادارن کي تباهه ڪرڻ گهري ٿو.ڊاڪٽر الحديدي انهي زماني ۾ مصر جي حوالي سان گهڻو پراميد هو ته مصر انهن تباهه ڪارين مان نڪري ايندو.انهي جا هن ٻه سبب ٻڌايا.هن چواڻي پهريون سبب اهو هو ته مصر جي فوج قومي فوج آهي جنهن ۾ مصر جي سڀني قوميتن نسلي ۽ مسلڪي گروهن جي نمائندگي آهي ۽ ڪنهن هڪ گروهه جي پٺڀرائي نه ٿي ڪري. هن جي پنهنجي سوچ  به گروهي نه آهي .مصري فوج جي قومي هجڻ جو هن وٽ دليل اهو هو ته اها حسني مبارڪ خلاف به عوام سان گڏ هئي۽ محمد مرسي خلاف به عوام سان گڏ هئي. مصر جي فوج آمريڪا جي جنگ جو حصو نه ٿي۽ ڊالرز کي لت هڻي ڇڏي.ڊاڪٽرالحديدي ٻيو سبب اهو ٻڌايو ته مصر جو مڊل ڪلاس پنهنجي جوهر ۾ قومپرست آهي.انهي تي اندريان ۽ ٻاهريان اثر نه آهن.اهو جلد ئي فسطائي وهڪري مان نڪري آيو.مصر جو مڊل ڪلاس غير نصابي آهي ۽ انهي ۾ سڃاڻپ جو بحران آهي.

پاڪستان جي هاڻوڪي حالتن ۾ ڊاڪٽرالحديدي جي ڳالهين کي مڪمل گهرائي ۾ وڃي سمجهڻ جي ضرورت آهي.پاڪستان جي فوج جي جوڙجڪ ۽  بيهڪ مصر جي فوج کان گهڻي مختلف آهي ۽ پاڪستان جو مڊل ڪلاس مطالعي پاڪستان ۽ پراڻي  رياستي بيانيي مان متاثر نصابي مڊل ڪلاس آهي .جيڪو سدائين فسطائي سوچ جو ٻارڻ ٿيندو رهندو آهي. هن وقت جيڪي علاقائي ۽ عالمي حالتون آهن انهي ۾ تحريڪ انصاف طرفان انتشار ۽ گهر گهر ويڙهه جو جيڪو بيانيو ڏنو وڃي پيو اهو ملڪ ۽ ادارن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اهو بيانيو پاڻ ئي دم ٽوڙي ڇڏيندو جيڪڏهن ڄاڻايل نيو ملٽري ڊاڪٽرائن کي عمل جوڳو بڻايو وڃي۽ پراڻي ڊاڪٽرائنز  ۾ ڦاٿل نه هججي.سياست ۾ مداخلت جي هر دليل کي رد ڪيو وڃي.بنيادي ڌارا جون سياسي قوتون ئي ملڪ ۽ ادارن جو بهتر طور تي تحفظ ڪري سگهن ٿيون۽ انتشار جو مقابلو ڪري سگهن ٿيون.