مسنگ پرسنس جو معاملو حل ٿي سگهندو؟

0
211
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو مسلسل ناسور بڻيل آهي،جن جا پيارا ڪيتري وقت کان گم آهن انهن جو جيئڻ جنجال آهي،نه اهي سک سان سمهي ٿا سگهن نه کين  پنهنجن پيارن کي وساري آسرو پلي ٿا سگهن.احتجاج کان وٺي عدالتن جو دروزو کڙڪائڻ تائن هر رستو اختيار ڪيو ويو پر پوءِ به ڪٿان ڪا اميد ذري نظر نه ٿي اچي ته انهي مسئلي مان ڪو جان ڇٽندي ۽ زوري ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ واري مهم آڏو ڪو بند ٻڌي سگهبو. انهي مسئلي تي ملڪ جو ڪهڙو حصو آهي جتي احتجاج نه ٿيا هجن،ملڪ جي ڪهڙي طبقي جو ماڻهو آهي جيڪو انهي جو نشانو نه بڻيو هجي،ترقي پسند هجي يا قومپرست ،مذهبي هجي يا لبرل مطلب هر خيال رکندڙ ماڻهو کنڀيو ويو، نه رڳو کنڀيو ويو پر گم به ڪيو ويو. مٿان ظلم اهو جو انهن کي نه ڪنهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي نه ئي ملڪي آئين ۽ قانون جو احترام ڪيو ويو.ايتري تائين جو هر حڪومت کي ماضي جي ٻين مسئلن سان گڏ اهو مسئلو به وراثت ۾ ملندو رهيو آهي .نيون نيون ايندڙ حڪومتون شروع ۾ ان تي ڳالهائينديون به آهن ته مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري به ڪرائينديون آهن پر جيئن ڏينهن گذرندا ويندا آهن تيئن اهو مسئلو حڪومتن جي ايجنڊا تان هٽندو ويندو آهي يا انهن کان وسرندو ويندو آهي.

موجوده اتحادي حڪومت جي ٽيبل تي به اهو ساڳيو مسئلو ٻين سان گڏ اڳيان آهي.وزيراعظم ڪالهه پنهنجي چونڊ کان پوءِ پهريون ڀيرو بلوچستان جي دوري تي خضدار  پهتو،  جتي بلوچستان جي پٺتي پوڻ سان گڏ مسنگ پرسنس جو مسئلي به ذڪر هيٺ آيو آهي. جنهن تي ڳالهائيندي وزير اعظم شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن کي سنگين قرار ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بااختيار ماڻهن آڏو اٿاريندس ۽ انصاف جي بنياد تي مسئلو حل ٿي ويندو. خضدار ۾ ڪچلاڪ قومي شاهراهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ترقي جي حوالي سان بلوچستان پوئتي رهجي ويو آهي، سئي مان گئس نڪري ٿي پر مقامي ماڻهو گئس جي سهولت کان محروم آهن.هن چيو ته بلوچستان جي قيادت مسنگ پرسن تي ڳالهائي رهي آهي، وڪيل به آواز اٿاري رهيا آهن، يقين ڏياريان ٿو ته مسنگ پرسنس جو مسئلو اعليٰ اختيارين آڏو اٿاريندس ۽ مسئلو انصاف تحت حل ڪرائيندس.بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ اختر مينگل شروع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جو اتحادي هو ،

هن مسنگ پرسنس کان وٺي بلوچستان جي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ جي شرط تي ان حڪومت سان اتحاد ڪيو هو پر جڏهن انهن مسئلن تي اڳڀرائي نه ٿي ته هو انهي حڪومت کان الڳ ٿي ويو . هاڻي وري هن گڏيل حڪومت جو به حصو ٿيڻ وڃي رهيا آهن ۽ انهن آڏو به اهي ئي مسئلا رکيا آهن جيڪي شروع ۾ ذڪر هيٺ ته اچن ٿا پر پوءِ وري اهي مسئلا ئي گم ٿي وڃن ٿا.جڏهن ته  مسنگ پرسنس جي مسئلي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي گم ٿيلن جو معاملو نئين وفاقي ڪابينا سامهون رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ درخواستن تي چيف جسٽس اطهر من الله ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته وفاقي حڪومت کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو پيو وڃي ته اها پاليسي جوڙي. ڪرنل رٽائرڊ انعام الرحيم عدالت کي ٻڌايو ته 31 مارچ جي ڪميشن رپورٽ آهي ته 76 ڄڻا مارچ ۾ گم ٿيا ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري مارچ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي رپورٽ ڪابينا جي سامهون پيش ڪري.

اسان سمجهون ٿا ته وقت اچي ويو آهي ته انهي مسنگ پرسنس جي معاملي مان سدائين لاءِ جان ڇڏائجي جتي انتظاميه کان وٺي عدالتن تائين ۽ ادارن کان وٺي حڪومت تائين اهو معاملو اٿندو رهيو آهي، اتي انهن ادارن مٿان به سوال اٿندا رهن ٿا.جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو تي ڪو الزام آهي ته ان جي گرفتاري ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.اميد ڪجي ٿي ته موجوده حڪومت نه رڳو پنهنجي اتحادين پر ملڪ جي عوام جي خواهشن جو خيال رکندي سدائين لاءِ  انهي مسئلي جو ڪو حل ڪڍندي،جيئن وزيراعظم پاڻ خاطري ڪرائي آهي.