سرمد سنڌي گيتن سان ماروئڙن جو درد ونڊيو: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا

0
274
سرمد سنڌي گيتن سان ماروئڙن جو درد ونڊيو: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا

 قومي راڳي سرمد سنڌي جي روسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس گيت شيئر ڪري ياد تازي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ريحان خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  سرمد جھڙو فنڪار سنڌ ۾ وري شايد پيدا ٿـئي، ٿوري به ڪنھن مان جھلڪ اچي ٿي اھو پولٽيڪل سياست جي ور چڙھي ٿو وڃي، سرمد سنڌي جي25ھين ورسي آھي، ان وڏي عرصي ۾ ڪو به سرمد جي جڳھه ولاري نه سگھيو ، بلاول لاکو سرمد سنڌي جو گيت شيئر ڪندي لکيو ته سرمد سنڌي، 27 ڊسمبر وڇوڙي جو ڏينهن، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ گونجندڙ آواز اسان کان جدا ٿيو،

زاهد شيخ به سرمد سنڌي جو گيت شيئر ڪيو، محمد اويس پنهور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سرمد سنڌي، ساڳيو ئي سرمد آهي جنهن اورنگزيب کي مات ڏيئي نئين اندز مان آلاپ اٿاري سنڌ جي سرحدن کي اورانگھيندي سڄي ماحول کي واسي ڇڏيو. ڪوئي به ماڻهو نه مڃيندو ته سرمد مري ويو آهي. جيسين سرمد جو آواز خوشبو جيئن ھوائن جي جھرڻن ۾ ڦھليل ھوندو تيسين سرمد زندھه آهي. احمد خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي قومي گلوڪار شهيد سرمد سنڌي سڄي زندگي سنڌ جي قومي تحريڪ جي نوجوانن کي پنهنجي خوبصورت گيتن سان حوصلو ڏنو، ظفر عزيز ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سرمد سنڌي سنڌ جو حلالي پٽ آهي، سرمد اڄ به اسان جي دل ۾ سمايل آهي سرمد سنڌي سنڌ ۽ سيد جي فڪر کي ڪڏھن به پٺي نه ڏني سرمد آخري ساھ تائين پنهنجي آواز جي جادو سان سنڌ لاءِ سنڌي قوم کي بيدار ڪيو. بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪي ڪردار امر ٿي ويندا آهن. فنڪار ته سنڌ ۾ ڪيئي آيا ويا پر هن جهڙو سنڌ سان بي لوث محبت ڪندڙ ۽ هڪ سياسي ڪارڪن بڻجي پنهنجي ڏات ذريعي سنڌين کي جاڳائيندڙ ورلي ڪو ڄميو هجي. سرمد سنڌي کي سنڌ جو سلام. رخسانه پريت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خوبصورت انقلابي آواز جنھن ھڪ وڏي دور تي پنھنجا اثر ڇڏيا .

سرمد سنڌ اڄ به توکي ياد ڪري ٿي. ولهار خان لکيو ته سرمد سنڌي لاءِ راڳ گھور وٺڻ ۽ سستي شھرت ماڻڻ جو ذريعو نه ھو، پر ھن لاءِ راڳ روحاني ۽ سماجي انقلاب آڻڻ جو ھٿيار ھو. شمع منور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پليجي صاحب سان آخري دفعي ٿيل سائوٿ سٽي ھاسپيٽل ۾ ڪچھرين دوران ھڪ دفعي اوچتو چئين ته اڄ ھُن ڇوڪري جو گيت لڳائي ته ٻڌون ، مون حيرت مان پڇيس ڪھڙو ڇوڪرو ؟  چئين سرمد !! جنھن جي گيتن ۾ صرف انقلاب ۽ سنڌ جي خوشبو  ايندي آھي. شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 27ڊسمبر  انقلابي ماڻهو  سرمد سنڌي جي وڇوڙي جو ڏينهن جن پنهنجي گيتن ۾ سنڌ جي آزادي ۽ انقلابي گيتن سان ماروئڙن جو درد ونڊيو ۽ جاڳايو.سنديش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏سرمد سنڌي جو سمورو راڳ سچ جو پڙاڏو آهي وفا جو وچن آهي پنهنجائب جو احساس آهي آزادي جي للڪار آهي پيار جي گفتار آهي مطلب ته سرمد سراسر سچ آهي سراپا پيار آهي،سرمد امر آهي امر رهندو،ديس واسين جي دلين ۾ هيمشه زنده رهندو.سرمد 27 ڊسمبر تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو پر سندس آواز جو هڳاءُ اڄ به هوائن ۾ سمايل آهي.