سوال/سروي شهيد بينظير ڀٽو عظيم ليڊر هئي، 14 سال گذرڻ باوجود قاتلن کي سزا ناهي آئي؟ ڪيس جي پوئيواري ڪئي وڃي: عوام

0
392
سوال/سروي شهيد بينظير ڀٽو عظيم ليڊر هئي، 14 سال گذرڻ باوجود قاتلن کي سزا ناهي آئي؟ ڪيس جي پوئيواري ڪئي وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي جي موقعي تي سندس ياد ۾ اوهان ڇا چوندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عظيم ليڊر هئي، غريبن جو سهارو هئي، جمهوريت ۽ عوام جي حقن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي کيس سدائين ياد رکيو ويندو، 27 ڊسمبر 2007ع تي کيس پنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو، 14 سال گذرڻ باوجود قاتلن کي سزائون ناهن آيون، شهيد بينظير جي ڪيس جي پوئيواري نه ڪئي وئي، شهيد محترمه جو ڪيس ري اوپن ڪري قاتلن کي وائکو ڪري انهن کي سزائون ڏنيون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ماجد سمون لکيو ته مشرف مارايو، پ پ ڪيس نه هلايو، ٻئي ڌريون ڏوهي آهن،

شاهد ميراڻي لکيو ته پيپلزپارٽي بينظير ڀٽو ڪيس جي پوئيواري ڪري، ۽ پارٽي قيادت کي گهرجي ته شهيد راڻي جي ويجهن ساٿين کي گڏ کڻي هلي، محسن ملاح لکيو ته محترمه سنڌ جي عظيم راڻي هئي جنهن کي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڏوھه ۾ شهيد ڪرايو ويو، رزاق بجير لکيو ته 14 سالن جي گذري وڃڻ بعد به پ پ بينظير جي ڪيس جي پوئيواري ناھي ڪئي. فقير صادق لاشاري لکيو ته شھيد بي بي هڪ عظيم ليڊر هئي، منير گائنچو به سروي ۾ حصو ورتو، گل حسن شر لکيو ته شھادتن جي تسلسل کان وٺي جدوجھد جو تسلسل بينظير واقعي بي مثال ھئي ۽ لازوال ڪردار آهي، کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڀ لفظ ننڍڙا ٿا لڳن، اعجاز کوسو لکيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو عظيم ليڊر هئي، 14 سال گزري ويا پر قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،

آصف رضا لکيو ته بينظير عظيم ليڊر هئي، بلاول پ پ جي ڪارڪردگي واضح ڪري، لال بخش درس لکيو ته هي دور ته اچڻا وڃڻا آهن پر هي مانجهي ڪڏهن به مرڻا ناهن، نبي بخش لکيو ته سنڌ جي سياسي مرڪز لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ شهيد راڻي بينظيرڀٽو عظيم پيءُ جي عظيم ڌيءَ آهي، علي بخش شر لکيو ته شهيد بينظير ڀٽو بهترين ليڊر هئي عوامي ليڊر هئي پر افسوس محترما جا قاتل هن وقت تائين آزاد آهن، عبدالحق لنجواڻي لکيو ته پاڪستان جي عظيم ليڊر هئي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته شھيد راڻي بينظير ڀٽو پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي، اعجاز علي تيوڻو لکيو ته ورسي تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، شيراز چانگ لکيو ته پاڪستان جي تاريخ جي اھل اڪابر وزيراعظم بينظير ڀٽو جو خال ڀرجي نه سگھندو، مجاهد رند لکيو ته عظيم ليڊر کي سلام پر افسوس سندس پارٽي اقتدار ۾ رھي ڪري به قاتل نه پڪڙي سگھي. نعمت الله خان نهڙي لکيو ته اسان اهو ٿا چاهيون ته شهيد بينظير ڀٽو جو ڪيس ري اوپن ڪرايو وڃي، آصف علي منگي لکيو ته شهيد راڻي جو ڪيس هلائي انصاف ڪيو وڃي،

عطاءُالله لکيو ته افسوس شهيد محترما جا قاتل اڄ تائين ظاهر نه ٿي سگهيا، لال محمد جلباڻي، اويس قرني ۽ محمود امين لکيو ته عظيم ليڊر هئي، سنتوش ڪمار ۽ احسان فقير لکيو ته عظيم ليڊر کي سلام، جنهن جمهوريت لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي،  جميل ڪلاتري لکيو ته دختر مشرق شھيد بينظير ڀٽو پاڪستان سان گڏ ھڪ بين الاقوامي ليڊر هئي، ذڪر حسين ڪلمتي لکيو ته بينظير دنيا جي عظيم ليڊر هئي، قربان ديناڻي لکيو ته شهيد بي بي جو ڪيس ري اوپن ڪرايو وڃي، نعمت الله راهمون لکيو ته  شهيد بينظير جمهوريت لاءِ جان ڏني، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته شهيد محترمه غريب مسڪينن اٻوجهه ماروئڙن جو آسرو هئي هوءَ ڪارڪنن سان گڏوگڏ هر هڪ سان پيار ڪندي هئي، کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، مجيب الرحمان بينظير جي سياست مثال آهي باقي هن وقت سياست پنهنجا گهر ڀري رهيا آهن،

ممتاز علي سميجو لکيو ته شهيد بينظير غريبن،مظلومن جو سگهارو آواز هئي پاڻ پارٽي جي ننڍي وڏي ڪارڪن کي هڪ جيتري عزت ڏيندي هئي ايتري تائين جو جيالن جي اعتراض تي سردار شبير چانڊيو کان ٽڪيٽ واپس ورتائين ته جيستائين توهان جيالن کي نه پرچائيندا تيستائين توهان کي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ نه ملندي، محمد ايوب لکيو ته ان جي خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي، کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو، غلام رسول راهمون لکيو ته زندگي جو المناڪ ڏينهن 27 ڊسمبر 2007ع، اھا قھر ڀريل شام ھر گھڙي اکين سامهون ٿي گذري اھو درد اھڙو مليو جنهن دنيا کي روئاري ڇڏيو، طارق حسين راڄپر لکيو ته شهيد محترم بينظير ڀٽو جو خال پوري زندگي نه ٿو ڀرجي سگهي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته شھيد راڻي ھڪ عظيم ليڊر ھئي جيڪا شايد وري ناهي موٽڻي، محمد حنيف خاصخيلي لکيو ته  محترمه وقت جي ظالم ۽ جابر ڊڪٽيٽرن سان جهڙي ريت مهاڏو اٽڪايو تاريخ ۾ اهڙو مثال ورلي ئي ڪو ملي ٿو،

نياز ڪلوئي لکيو ته  اسان کي فخر آ ته اھا بھادر ليڊر سنڌ جي نياڻي ھئي، ان جي خون سان انصاف ٿيڻ گھرجي، رضا راڄپر لکيو ته شھيد راڻي بينظير ڀٽو سنڌ جي عظيم ليڊر هئي هن کي سنڌ سميت پوري پاڪستان جي ماڻهن جي ڳڻتي هئي، عبدالخالق سميجو لکيو ته خون سان انصاف ڪيو وڃي، عبدالعليم کوکر لکيو ته بينظير پنهنجي جواني ۾ ڪافي جدوجهد ڪئي اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي ھن مان ڪافي اتساهه مليو، شاهد حسين لکيو ته هن جي وڃڻ بعد سنڌ جي ڀينگ ٿي وئي، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته سندس خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو، حفيظ ملاح لکيو ته محترمه بينظير ڀٽو عالمي سطح جي ليڊر هئي پوئواري نه هجڻ ڪري سندس ڪيس منطقي انجام تائين ناهي پهچي سگهيو اهو هڪ وڏو الميو آهي،

ايم ڪي چانڊيو لکيو ته بينظير ڀٽو ايشيا جي عظيم ليڊر ھئي جنھن جمھوريت جي بحالي ۽ مسڪينن لاءِ جان جو نظرانو ڏنو، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته شھيد راڻي جو قتل دنيا جو لاوارث قتل ھو جنهن جي اڄ تائين وارثي ناهي ڪئي وئي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته محترمه جي وڇوڙي کي اڄ 14 سال گذري ويا آھن پر ان جي ياد اڄ به غريب عوام جي دلين ۾ سمايل آھي، حبيب الله مهر لکيو ته افسوس پ پ حڪومت هوندي ان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، نذاقت گپچاڻي لکيو ته چئني صوبن جي زنجير هئي، امان الله چانڊيو لکيو ته ڀارت ۾ مهاتما گانڌي، اندرا گانڌي، راجيو گانڌي کي قتل ڪيو ويو، قاتلن کي سازشون ڪندڙن سان گڏ ماريو ويو.،بنگلاديش ۾ شيخ مجيب جي قاتلن ۽ سازش ۾ ملوث ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، مير شاهنواز ڀٽو، مير مرتضي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو، سندن قاتلن کي سزا ئي نه آئي؟ مير سردار چنڙ لکيو ته بهادراڳواڻ جيڪا راولپنڊي جي جناغ باغ ۾ گولين جو کاڄ بڻجندي شھيد ٿي وئي،

زاهد حسين لکيو ته شھيد بينظير کي پنڊي جي سرزمين ۾ مشرف جي آشيراوڌ سان شھيد ڪرايو ويو پر افسوس جو ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، راشد الطاف لکيو ته غريبن جو سهارو هئي، گلشير سومرو لکيو ته سلام بينظير، عبدالرحمان چانگ لکيو ته محترمه جا قاتل اڄ تائين گرفتار نه ٿيا، سمير احمد لکيو ته محترمه جي جدوجهد کي سلام،محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته هتي انصاف ناهي، رياض سولنگي لکيو ته پ پ قيادت کي گهرجي ته شهيد راڻي جي قاتلن کي وائکو ڪري، گلاب خاصخيلي لکيو ته قاتل اڄ ڏينھن تائين قانون جي پڪڙ کان آجا آھن؟ شوڪت علي درس، ظهير شر، آفتاب لغاري،  محمد سليم، علي گوهر، فرحان احمد، غلام نبي بلوچ، عبدالخالق، ممتاز علي لاکو، لجپت راج مينگهواڙ، علي احمد لاشاري، خالد ٿري، عاشق حسين، عرفان سيلرو، اين بي شر، اعجاز فقير لاشاري، عرض محمد پيرزادو، بشير رضا مهر، ذاڪر کوسو، جنيد جمالي، بشير ميراڻي، عابد ڀٽي، ذوالفقار علي آدماڻي، اين اي بلوچ، عرفان شاهه راشدي، علي رضا وڻجارو، شمس سمون، ذيشان سومرو، فيصل چانڊيو به شهيد بينظير ڀٽو جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيو ۽ قاتلن جي کي سزا جو مطالبو ڪيو، شهروز دراني لکيو ته شهيد بينظير عظيم اڳواڻ هئي،

نبي بخش لکيو ته سنڌ جي عظيم سورمي ھئي، فيصل چانڊيو لکيو ته بينظير جي خون سان نه ڪرائي سگهيا آهن، علي مراد جوکيو لکيو ته ھميشه اصولن جي سياست ڪئي، بهاول سيلرو، ابراهيم خليل، عبدالغني لاشاري، حاجي محمد، سيد شاهه من شاهه، ثناءُالله چنا، حاجي خان پنهور، عبدالغني لاشاري، ساگر امير حيدر، ارڏو اترادي، مخدوم مينهل مڱريو، لال محمد رند، موهن راجستاني، علي محمد کوسو، فيصل کنڀڙو، عظمت علي، عبدالحڪيم، غلام حسين، عزيز احمد بجاراڻي، ايل جي راٺوڙ، وزير علي پنهور، مسرور شر، پرڪاش ڪمار، قدير حسين، جنيد ڳهيلڙو، اي ستار بلوچ، ايم يونس لغاري، عصمت الله رند، منظور احمد سڌايو، عيدل ڪنڀر ۽ ٻين به شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي.