لاڙڪاڻو جو گاجي ديرو ٻيلو بچايو!‎‎

 لاڙڪاڻي کي لٽڻ ڦرڻ ۾ ڪنهن به ڪاموري ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي آهي، اھو ناممڪن آھي، ظالمن ذلفي کسڻ کان بينظير کي بخش نه ڪيو، اھو مثال اکين آڏو آھي، گڏوگڏ لاڙڪاڻي جي ھر ھڪ اثاثي سان پنهنجي دشمني نڀاييندي لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ کي پوکيل ٻوٽن ٻيلن ناياب وڻن کي ول جيان وڪوڙي ويل لاڙڪاڻو ٻيلي کاتي جي انتظاميا، ڊي ايف او، لاڙڪاڻو جي ڪيل ڪلورن ۾ ڏوڪري تعلقي جي پوسٽ آفيس موھن جو دڙو ايريا ۾ ڪچي جو گاجي ديرو ٻيلي کي اباڻي ملڪيت سمجهي وڻ وڍرائي قبضا مافيا جي حوالي ڪري ڇڏڻ سان گڏ ٻيلن ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ ٻڌرائي درياهه مان غيرقانوني واٽرڪورس زمينن ۾ ٽيوب ويل ذريعي 95 سيڪڙو قبضا مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، باقي بچيل نالي ماتر جھنگ به مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي کاتي وارا مھمان طور وڃي “چڪر” ڪاٽي واپس موٽي اچن ٿا. تازو سماج سڌارڪ ڌرين پاران ڪيل وزيراعظم کي ڪيل ڏھاڪو کن شڪايتن باوجود ٻيلي کاتي انتظاميا سيزمين تي وڃڻ بدران ڪوڙيون رپورٽون ٺاھي جنهن ۾ پراڻي ڪينسل ٿيل ليز جا ڪاغذ جنهن کي سپريم ڪورٽ رد ڪري چڪي اھا اھڙا ڪاغذ  اٽيچ ڪري وفاقي سرڪار کي اکين ۾ ڌوڙ وجھي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي گڏوگڏ ڊي سي لاڙڪاڻو ڪنزويٽر ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ سرڪاري اطلاع کاتو ڪن لاٽار ڪرڻ سبب ڪا چرپر نظر نه پئي اچي، ان لاءِ چيد سيڪريٽري سنڌ کي گذارش آھي ھن اخبار ذريعي هن شڪايت جو نوٽيس وٺندي مذڪوره ٻيلي جي تباھيءَ ۾ ملوث اختيارن خلاف قدم کڻي.

منظورھاليپوٽو/ ٽلٽي

هڪ چٺي ڊسٽرڪٽ ايڊمنيسٽر ميرپوخاص جي نانءُ!

  هيءَ قوم ويچاري اڳ ته چونڊيل ٽائون چيئرمين ۽ يوسي چيئرمينن تي ڪاوڙجي پوندي هئي، انهن کان حق گهرندي گهرندي ٿڪجي پوندي هئي پر کين ڪڏهن هلڪي موٽ به ملندي هئي، ٻيو ته ڪجهه ڪون ورندو هو پر پاڻي پئيڻ لاءِ اڌ کارو نلڪو کن ملندو هو ۽ هاڻ ته اهو به نٿو ملي، خبر نٿي پوي ته بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيڏانهن پئي خرچ ٿئي. سنڌڙي تعلقي ۾ لڳ ڀڳ 11 يونين ڪائونسلون آهن، تقريبن هڪ يونين ڪائونسل جي بجيٽ 5 لک رپيا آهي، اها بجيٽ عوام اڳيان ثابت ڪري ٻڌائي ۽ ڏيکاري وڃي ته اها بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن به انهن ايڊمنيسٽرز آفيسرز کان پنهنجو حق گهرڻ لاءِ سوال يا وقت گهرون ٿا ته اهي جواب ڏيڻ کي غير ضرروي سمجهن ٿا. هر مهيني جي بجيٽ لکين رپيا هئڻ باجود يوسيز ۾ سروري ڪجي ته ٽي هزار به خرچ نه ڪيا ويا هوندا. ٻيو ته ٺهيو ڀلا ڪجهه هن ڌتڙيل قوم ۾ نلڪا ته ورهايو جو پاڻي لپ پئين پر لاڳاپيل انتظاميا عوام کي ڪو به رليف نه پئي ڏي، منهنجي خيال موجب يونين ڪائونسل جو ايڊمنيسٽر مختيارڪار هوندو آهي، جنهن سان ملڻ ايئن آهي ڄڻ اسان سي ايم سنڌ يا وزيراعظم سان ملڻ ٿا وڃون، سندس آفيس تي ويٺل پٽيوالا به صاحب جي اڻهوند جي ثابتي جي پيا ساک کڻندا، کين ايئن نه چوندا ته صاحب ميٽنگ ۾ ويل آهي يا وري موڪل تي آهي ۽ اهڙي طرح آيل سائل خالي هٿين واپس روانو ٿيندو آهي جهڙو آيو ئي ڪونه هو. جڏهن کين يونين ڪائونسل جو ايڊمنيسٽر مقرر آهي ته ان کي هن عوام جا سور ٻڌڻا ۽ ڏسڻا آهن ته قوم ڪهڙي حالن ۾ آهي، مان سمجهان ٿو ته جيترا سياسي ڪامورن ڪم ڪيا اهي به ڏسڻ وٽان هئا پر جڏهن کان سياسي ڪامورا لٿا آهن، ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين ذري برابر به ڪو ترقياتي ڪم ناهي ٿيو. ان لاءِ منهنجو ضلعي ايڊمنيسٽر تعلقي ايڊمنيسٽر مختيارڪار کي اپيل آهي ته يونين ڪائونسلن جي بجيٽ جو صحيح استعمال ڪن ۽ بجيٽ ۾ آيل ۽ ضروري شيون ورهائي.

محرم علي شر /هنڱورنو

صحت کاتي سانگهڙ ۾ جعلي ڀرتين وارو سوال!

  پوري سنڌ ۾ جعلي ڀرتين جي هڪ ڊگھي تاريخ موجود آهي ۽ انهن جعلي ڀرتين جي ڪري الائي ڪيترن ئي حقدارن کان سندس حق ڦريا ويا، ايئن چوڻ به غلط ناهي ته ميرٽ جو قتل عام ڪيو ويو! تازو صحت کاتي سانگهڙ جي اڳوڻي ڊي ايڇ او تي 94 جعلي ڀرتين جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 7 سال قيد ۽ 10 ڪروڙ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪو يقينن بهترين عدالتي فيصلو آهي. هي ته رڳو هڪ ضلعي سانگهڙ جو ڊي ايڇ او آهي، جيڪڏهن سنڌ جي سمورن اڳوڻن ڊي ايڇ اوز جي سروس جي ڪاغذن کي اٿلائي ڏسندا سين ته ڪٿي نه ڪٿي جعلي ڀرتين جا ڪيس ضرور ملندا پر اهو ثابت ڪرڻ لاءِ عدالتن کي از خود نوٽيس وٺڻ گهرجي. هي ته رڳو هڪ صحت کاتو هو پر سنڌ جي هر سرڪاري کاتي جي سروي ڪنداسين ته اهڙيون هزارين جعلي ڀرتيون ظاهر ٿي وينديون پر افسوس جعلي ڀرتين جي ڪيسن ۾ سزائون تمام گهٽ ماڻهن کي ملڻ ڪري آفيسر ناجائز ڀرتيون ڪندا پيا اچن ۽ ميرٽ جو قتل ڪندا پيا رهن.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

رٽائرمينٽ ۽ الوداعي تقريب تي منهنجي پياري ڏاڏا کي لفظن جي ڀيٽا!

  اڄ تاريخ ٻڌائي ٿي ته پشڪرانا برهمڻ ڪميونٽي گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ڪيترائي بهترين دماغ پيدا ڪيا آهن، پوءِ اها تعليم هجي، سياست هجي يا سماجي ڪم، پشڪرانا ڪميونٽي انهن اڳوڻن ماڻهن ۾ شامل آهن، جن مٺي، ٿرپاڪر جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ هاڪاري تبديليون آنديون، اڄوڪو ڏينهن ڪميونٽي لاءِ هڪ ٻيو عظيم ڏينهن آهي، جيئن اڄ جي تاريخ هڪ عظيم تعليمي ماهر، استاد، پروفيسر ڪيلاش ٽي واسو جي رٽائرمينٽ جي نشاندهي ڪري ٿي. اهو شخص جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس سٺ سالن جو ڪم پاڻ ڳالهائي ٿو، پنهنجي اخلاقيات، ايمانداري جي ڪري آهي. سالميت، نظم و ضبط، لڳاءَ ۽ غير معمولي تدريسي صلاحيتن، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين سندس خدمتون مهيا ڪرڻ، شاگردن جي مختلف نسلن جي پرورش ۽ معيار قائم ڪرڻ ٻين لاءِ. پيارا دادا جي، توهان هميشه اسان کي متاثر ڪيو، اسان کي پيار ڪيو ۽ اسان کي پنهنجو پاڻ جو بهتر نسخو بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ايترا سال شوق ۽ محبت سان خدمت ڪرڻ کان پوءِ هاڻي توهان بابت پاڻ لاءِ ٿورڙو وقفو وٺو ۽ باقي زندگي خوش، تندرست ۽ شادابيءَ سان گذاريو، پنهنجي شاگردن، پٽن ۽ پوٽن کي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ شاندار نموني سان ڏسندا. ٽيڪواڻي پريوار ۽ پشڪرانا ڪميونٽي کي توهان جي خدمت جي آخري ڏينهن تي تمام گهڻو فخر آهي. اسان واقعي برڪت وارا آهيون ته توهان اسان جي مرشد، گائيڊ ۽ استاد جي حيثيت ۾ آھيو.

مھاوير ٽيڪواڻي/ مٺي ٿرپارڪر

قمبر شهدادڪوٽ ۾ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڀاڻ ڊيلر!

  ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف آبادگارن جون دانهون ورنائڻ وارو ڪو ناهي، ڀاڻ جا ڊيلر زرعي توسيعي کاتو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري زرعي ڀاڻ مھانگي اگھه تي وڪرو ڪري ننڍن آبادگارن لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آھن. قمبر شهدادڪوٽ ضلعي انتظاميا مداخلت ڪري داد رسي ڪري.  وارهه، نصيرآباد، ميروخان، قمبر، سجاول، شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان ۾ زرعي ڀاڻ جي وڪرو ڪرڻ جي ڊيلرن جون من مستيون جاري آھن. زرعي ڀاڻ جا ڊيلر زرعي توسيعي کاتو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ سان ملي ڀڳت ڪري ڳري اگھن تي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ وڪرو ڪري ننڍن آبادگارن جي حق تلفي ڪري رھيا آھن. آبادگارن جون دانھيو آھن ته زرعي ڀاڻ جا ڊيلر ملاوٽ ڪيل يوريا ۽ ڊي اي پي پڻ وڪرو ڪري آبادگارن کي لکين رپيا مالي نقصان پيا پهچائين. مون سميت سڀني آبادگارن قمبر شهدادڪوٽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته مداخلت ڪري آبادگارن جو استحصال ڪرڻ ۾ ملوث ڊيلرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

علي محمد کوسو/ سوشل ورڪر، قمبر شهدادڪوٽ

ٻلين جو عام ماڻهن سان رشتو!‎‎

  عام طرح سان ڏٺو وڃي ته اسان جي معاشري ۾ ٻليون انسان جي فطرت تي وڏو اثر وجهن ٿيون بنيادي سبب انهن جي جوڙجڪ آهي، جيڪا هڪ ننڍڙي ٻار سان ملي ٿي ڪجهه ٻليون شرارتي ڪجهه وري معصوم هونديون آهن ۽ ساڳي عمل ننڍڙن ٻارن ۾ به هوندو آهي ننڍڙا ٻار هميشه ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيا آهن، وڏا جڏهن انهن کي ڏسندا آهن ته مرڪي پوندا آهن ۽ راند ڪرائڻ لڳي ويندا آهن، ايئن ٻليون به ماڻهن جون دادليون رهي چڪيون آهن، ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي انهن جا سٺا نسل ڏسي شوق سان پاليندا آهن، رڳو ان لاءِ ته پنهنجو پاڻ کي خوش رکي سگهن يا مصروفيتن مان واندا ٿي انهن سان راند کيڏي ٿڪاوٽ لاهي سگهن، ڪجهه ماڻهو ڪتا به پاليندا آهن پر انهن جو مزاج ٻيو هوندو آ، هو يا ته چوڪيداري لاءِ پاليا ويندا آهن يا رعب ڏيکارڻ لاءِ اعليٰ نسل جا وڏا وڏا ڪتا پاليا ويندا آهن، فرق صرف ايترو هوندو آهي ته ڪتا يا ته زنجيرن ۾ قيد هوندا آهن يا ته گهر جي گهٽي ويٺل هوندا آهن پر ٻلين جو مزاج ۽ ماڻهن جو مزاج پاڻ ۾ سٺي وابستگي رکندا آهن، ٻليون سمجھه واريون هونديون آهن، انهن کي ٻڌڻو ناهي پوندو، اهي ته بسترن تي کيڏڻ ۽ آرام ڪرڻ پسند ڪنديون آهن، جيئن ٻار لاءِ نرم بسترا ٺاهبا آهن ساڳي طرح ٻلي به انهن سان مناسبت رکي ٿي، ٻليون چاهينديون آهن ته انهن کي ڪير سنهي ساسور ڪندو رهي، لاوارث ٻليون ۽ لاوارث ٻار هميشه ماڻهن جي نظرن ۾ معصوميت سان ڏسندا آهن، انهن کي اها آڇ هوندي آهي ته هنن جي ڪير مالڪي ڪري ۽ ڪير پنهنجي هنج ۾ سمهاري، ڇو جو انهن جو هميشه فطرتي ڳانڊاپو رهيو آهي.

اعتزاز احمد ملڪ/ٽنڊوباگو، بدين

نيوڇور واسين جي رولو ڪتن مان جان ڪڏهن آجي ٿيندي؟

  ڪتا ماريو جان ڇڏايو، جيئن ته گذريل ڪجھه ڏينهن کان نيوڇور ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، انهن خبرن کان پوءِ ٽائون انتظاميا هڪ ڏينهن عملو موڪلي چند ڪتا ماريا ۽ ٻيا ڇڏي ڏنا، هن وقت مڳڻهار پاڙو ۽ عمراڻي پاڙي ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، اسان پاران انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا ڪتا مارڻ جو چيو ويو آهي پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، اسان مسڪين ماڻهو آهيون، اسان کي هر وقت اهو الڪو هوندو آهي ته ڪٿي اسان جا ٻار انهن ڪتن هٿان ڏاڙهجي نه اچن، افسوس ان ڳالھه جو آهي ته پوري نيوڇور کان اسان جي پاڙن ۾ ڪتا گهڻا آهن پر افسوس انهن کي ڪير مارڻ لاءِ تياري ناهي، اسين اعليٰ اختيارين کان گذارش ٿا ڪيون ته اسان جي انهن ڪتن مان جان ڇڏائي وڃي ته جيئن اسين سک جو ساهه کڻي سگهون ۽ اسان جا ٻار معمول جيان راند روند ڪري سگهن ۽ گهر کان ٻاهر بي خوف نڪري سگهن، نيوڇور شهر اندر هن وقت ڪتن جو آزار گهڻو آهي، ڪتا ماري نيوڇور واسين کي هن جهنجهٽ مان آزاد ڪيو  وڃي.

ڪاشف جوکيو/نيوڇور

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                         اڄ صداقت کي سمجھايم ته پنهنجي رويي کي بهتر ڪر ته هُن روئڻ شروع ڪري ڏنو، هو ڪجھه  ڏينهن کان اسٽريس وٺي رهيو آهي، مون اُن کي سمجھايو ته جيل ايئن ناهي ڪٽبو، ايئن تون چرين جي وارڊ ڀيڙو وڃي ٿيندين. جتي چريا قيدي ايئن واڙيل آهن جن کي ڏسي انسان کي انسانيت تي شرم اچڻ ٿو لڳي. هڪ جهادي مُلا پکي ۾ رسي ٻڌي آپگھات جي ڪوشش ڪئي جنهن کي عملدار مصطفيٰ کوسي بچائي ورتو، اهو نفسياتي قيدي جيل جي آفيسرن کي صفائي ڏئي رهيو هو ته مون آپگھات نه پي ڪيو، آئون پکي جي صفائي ڪري رهيو هئس وغيره، آئون اهو فيصلو اُتي ئي ڇڏي پنهنجي دوست ذيشان صواتي سصان ڪاري چڪر ۾ مشقتي جي ڳولا ۾ نڪري ويس، سائين لياقت لغاري صاحب ڪاري چڪر ۾ اسان جي ڏاڍي خدمت ڪئي، اسان کي فياض پنهور ملي ويو، فياض ڪنهن هوٽل تي ويٽر هو ۽ هاڻ ڦر جو ڪچو قيدي آهي، ان لاءِ بستر وغيره منهنجي کوليءَ ۾ دوستن تيار ڪيو، هو فجر سان چوڻ لڳو ته صاحب آئون ٽي سال انگريزن جو به خادم رهي چڪو آهيان. اُهي انگريز جڏهن دادو کان آمريڪا وڃڻ لڳا ته مون لاءِ ڏاڍو رُنا، شام جو دير سان فياض پنهور جي ڪرائيم اسٽوري ٻڌم، هو ڏوهاري قرضين کان تم ٿي پيو آهي، غلام حسين ۽ دلدار سان مانيءَ کان پوءِ پسار ڪيم، هي ٻئي مون کي پنهنجو وڏو سمجھندا آهن ان لاءِ آئون انهن جو ٿورائتو آهيان. هينئر غلام حسين وساڻ وضو ڪري رهيو آهي ۽ دلدار دعا گھري رهيو آهي، صداقت ۽ فياض ٽي وي ڏسي رهيا آهن، کوليءَ جي مٿان نومبر جو اڌ چنڊ چمڪي رهيو آهي، جيڪو مون کي ڪنهنجي ياد ڏياري رهيو آهي، الله پاڪ کان دعا آهي ته هو منهنجي چنڊ کي آباد رکي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (13 نومبر 2021، رات جا 07:24 وڳا)

قيديءَ جي ڊائري!

  رات ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ ڀائو آصف فهيم قريشي جي ڏاڙهي ٿي ٺاهي پر آصف ڇلگريءَ جي هٿ نواز چڙهي ويو، جنهن جي اڌ ڏاڙهي آصف اڌ مون واري ڀاءُ غلام حسين وساڻ ٺاهي، بهرحال نواز ماڇي صفا هيرو ٿي پيو، صبح جو ننڍ مان سپاهي سائين رضوان شاهه اچي اٿاريو، سائين اسان لاءِ ناشتو وغيره وٺي آيو هو، جنهن جا ڪالهه مون هن کي پئسا ڏنا هئا، ناشتي کان پوءِ آئون ۽ آصف ٻاهر پارڪ ۾ پسار لاءِ نڪري پياسين، پريتم ۽ سپاهي صابو سان ڪچهري ٿي، هڪ قيدي تي اڄ منهنجي نظر پئي جيڪو نارا جيل ۾ مليو هو، مون ٿي ڀانيو ته ان کي ڪا به سزا لڳي آهي پر هُن ٻڌايو ته هو ٻيهر ڦر ڪندي سوگھيو ٿيو آهي، خبر ناهي ته انهن ماڻهن جو ڇا ٿيندو جيڪي يا ته پنهنجي زندگي جيل ۾ ساڙي ڇڏيندا آهن يا وري ٻين جي زندگي ٻاهر عذاب بڻائي ڇڏيندا آهن. کوليءَ ۾ موٽي آيس ته نواز ڪپڙا ٿي ڌوتا، مرڪي پڇومانس ته ٻاهر ڪڏهن ڪپڙا ڌوتئي؟ وراڻيائين ته ٻاهر ڪهڙو بل گيٽ هئس ۽ ان ئي ڪري اڄ قيدي آهيان جي امير هجان ها ته چرس ڇو کپايان ها، منجھند جي مانيءَ کان پوءِ آصف علي شير کوسي وارن جي کوليءَ ڏي هليو ويو، آئون بالي ووڊ جا پراڻا رڪارڊ (گانا) ٻڌندو رهيس، جن مون کي پراڻيون يادگيرين ڏي ڌڪي ڇڏيو، منهنجي به هڪ حسين زندگي هئي جنهن کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي، منهنجو اڳڻ ويران هوندو اهو سوچي تمام گھڻو اُداس ٿي پوندو آهيان، دل ڪڏهن ڪڏهن وري قسمت کي ميارو ڏيندي آهي، سج لٿي جي نماز کان پوءِ ورزش ڪئيسين، ارطغرل غازي ڊرامي سان اکيون اٽڪايم، هن وقت غلام حسين گھري ننڍ ۾ آهي ۽ ڀائو آصف ۽ فهيم ٽي وي ڏسي رهيا آهن، آئون سمهڻ جي تياري ڪري رهيو آهيان پر ڪنهن کوليءَ مان شمن ميراليءَ جو آواز اچي رهيو آهي جيڪو مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. آئون اميد ٿو ڪريان ته هاڻ مون کي ننڍ سٺي ايندي، کوليءَ مٿان چنڊ ليئا پائي رهيو آهي.

قيدي دلدار علي وساڻ/سينٽرل جيل حيدرآباد (12 ڊسمبر 2021 شام جا 09:15 وڳا)

سونهاري سنڌ جو امر راڳي سرمد سنڌي!‎‎

                         “اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو” جي سدا بلند ڪندڙ سنڌ جو امر ڪلاڪار انقلابي راڳي عبدالرحمان مغل عرف سرمد سنڌي جو وڇوڙو اسان پرستارن کي هميشه لاءِ غمگين ڪري ويو، سرمد سنڌي نه فقط عشقيه ڪلام ڳايا پر هن پنهنجي درديلي آواز ۾ سنڌ جي ماروئڙن جي دانهن، دردن کي پڻ پنهنجي سُريلي آواز وسيلي بلند ڪيو، ايتري قدر جو سنڌ جي ظالم قوتن، وڏيرن ۽ جابرن خلاف سرمد جا ڳايل انقلابي ڳيت هر ظالم سامراج جي منهن تي چماٽ هوندا هئا. سرمد سنڌي ئي اهو واحد ڪلاڪار هو جنهن ٿر جي معصوم ماروئڙن، مسڪينن، يتيمن، غريبن ۽ اٻوجھن جو آواز بڻجي انهن جي زخمن جو مرهم بڻيو. سرمد جو آواز هڪ قدرتي ڪلا هو، جنهن سبب عبدالرحمان مغل ٿورڙي ئي عرصي ۾ سنڌ جي واهڻن وستين، پوڙهن، پڪن، نوجوانن ۽ ٻارن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي ۽ عبدالرحمان مغل سرمد سنڌي بڻجي ويو. سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي ڪيئي ورهيه وهامي ويا آهن پر سرمد اڄ به امر آ، سنڌ سرمد کي ساري پئي، سرمد جو اهو درديلو آواز اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي پيو، سرمد هميشه سنڌ کي ياد رهندو. او سرمد! هر هر 27  ڊسمبر تنهنجي ياد ڏياري پيو.

نبيل احمد ميمڻ /پير ڳوٺ

تنهنجي ياد جي وري آ وير!‎‎

  بلڪل جڏھن به ٿڌڙي هير لڳندي آھي ته سرمد سنڌي جي ياد ضرور ايندي آھي، ترسيل لب مرڪي پوندا آھن ۽ دل جھومي پوندي آھي، جڏھن به سرمد جو آواز ڪنن تي پوندو آھي ته ڄڻ دل ۾ آٿت ھوندي آھي ته سرمد سنڌي اڄ به جسماني طور زنده آھي پر جڏھن به 27 ڊسمبر لفظ زبان تي ايندو آھي ته ڄڻ دل ڇڄي پوندي آھي ته ھي شخص اسان کان ڪڏهوڪو جدا ٿي ويو آھي. سرمد سنڌي ھڪ اھڙو فنڪار ھو، جنھن کي وسارڻ اوکو آھي، سندس سنڌ جي لاءِ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، سرمد سنڌي جي آواز ۾ ٿر وارن جي صدا ھوندي ھئي، سندس ڪيترا ئي گيت سنڌ جي ماروئڙن جي لاءِ سرمد سنڌي ڳايا، “ساھڙا سڃ ۾ اڃ ئي اڃ ۾، ماروئڙا سانگيئڙا، دلدار بي منھنجا.” سرمد سنڌي ھڪ انقلابي سوچ رکندڙ انسان ھو، هن مارشل لا جھڙي سخت دور ۾ به انقلابي گيت ڳايا، سندس ھي گيت تمام گھڻا مشھور آھن “جلا وطن مان ڪئين رھا، جلا وطن، نا اھل اسان جو مالھي آ، فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون” پر ان سدا بهار سرمد سنڌي سان زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ ھي سنڌ جو گل اسان کان جلد ئي وڇڙي ويو، سرمد سنڌي کي گذرندي 26 سال ٿي ويا آھن پر اڄ بي سرمد سنڌي ھر غيرتمند سنڌين جي دلين ۾ زنده آھي ۽ رھندو.

طارق سومرو/ احمدپور ڪنگري

سنڌ جو ٻيجل، سرمد سنڌيءَ جي وڇوڙي جو ڏينهن!‎‎

  سرمد جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو، هن خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ 7 مئي 1958ع تي جنم ورتو. ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هوندي هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت “سورن سندي سڪرات آ” جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو، تمام گهڻو مشهور ٿيو، سرمد سنڌي جي قومي گيتن ڳائڻ جي ڪري کيس سنڌ جو قومي راڳي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي شروع ۾ ٽي ويءَ تان هڪ گيت “لڳي رهي آ ٿڌڙي هير” ڳايو، جنهن جو شاعر سميع بلوچ آهي، جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. سرمد سنڌي، شاهه عبدللطيف ڀٽائيءَ جا پڻ ڪيترائي گيت ۽ وايون ڳايون آهن، سرمد سنڌي جا سنڌي انقلابي گيت تمام گھڻا مشهور ٿيا، جن ۾ “او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان، انقلاب ساٿيو” ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي بهترين گيت مشهور آهن. هڪ ڀيري هڪ جلسي ۾ سرمد سنڌي کي اسٽيج تي گهرايو ويو، سرمد سنڌي اسٽيج تي اچڻ سان ئي اول رهبر سنڌ مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد جي ڀاڪر ۾ اچي آلين اکين سان لڙڪ لاڙيندي سائين کي دانهن ڏيندي چيائين ته “سائين سنڌي قوم مون کي اڃا تائين سنڌي تسليم نٿي ڪري، سائين مان سنڌي آھيان، مون کي سنڌ جي مقدس هنج ۽ سنڌ جي پاڪ پوتر مٽي ملي آھي، سائين آئون سنڌي آھيان، پر سنڌي قوم مون کي اڃا مغل پنجابي ٿي سمجهي، سائين توهان ٻڌايو مان پنجابي آھيان يا سنڌي؟” تنهن تي سائين جي ايم سيد سرمد جي لڙڪن کي ڏسي ڏکارو ٿيندي جلسي ۾ وڏي آواز سان چيائين ته اڄ کان پوءِ هي رحمان مغل نه پر سنڌ جو ٻيجل سرمد سنڌي آھي. پنهنجي گيتن ۾ سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب جو درد ڀريندڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي ورسي جي موقعي تي سندس عظمت کي سرخ سلام.

بلاول شاهاڻي/گلاب لغاري