ڪنري (ن پ ا) تعليم واري صوبائي وزير جي پنھنجي ضلعي ۾ تعليمي صورتحال انتهائي خراب، پرائمري اسڪول بند، معصوم ٻارڙا 5 ڪلو ميٽر پري واهه تي رکيل ڪاٺي تان گذري ٻي اسڪول وڃڻ لڳا، خبر موجب گورنمينٽ پرائمري اسڪول پانڌي خان لاشاري ڪيتري ئي وقت کان بند ھجڻ ڪري سوين شاگردياڻين ۽ شاگردن کي تعليم جي سھولت حاصل ٿيل ناھي، جڏهن ته ٻارڙا 5 ڪلو ميٽر پري واهه تي رکيل ڪاٺي تان گذري تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن، جڏهن ته انتظاميا ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن پرويز علي، بھار علي، نياز علي لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته استاد کي 6 مهينا اڳ بدلي ڪري اسڪول کي تالو لڳايو ويو، هنن چيو ته ڪاٺي جي پل تان ڪراس ڪري ٻار اسڪول وڃن ٿا، ڪنهن به وقت حادثو ٿي سگهي ٿو، هنن اسڪول کولرائي استاد مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.