جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مختلف اسڪول جي شاگردن پاران لاڙڪاڻي بورڊ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  شاگردن اعجاز احمد کوسو، حسنين گولاٽو، فائق علي جکراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار پاران اعلان ڪيو ويو ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي مفت ۾ تعليم ڏني ويندي پر لاڙڪاڻو بورڊ انتظاميا پاران امتحانن جي نالي تي 2600 کان 4200 روپيا فيس اوڳاڙي ڪري رهيا آهن، غريب شاگردن سان ظلم ڪيو  ويو آهي، نوٽيس وٺي فيصلو واپس ورتو وڃي.