سرحد پار دهشتگرد موڪلڻ وارو ڀارتي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي: پاڪستان

0
277

ڪراچي(م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان تي لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تان مبينا دهشتگرد سرحد پار موڪلڻ واري الزام کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي کاتي جي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري ڀارتي ميڊيا جي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ موجود آهي ته پوءِ هي ڪيئين ممڪن آهي، والاريل ڪشمير ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوج جي موجودگي وارو علائقو آهي جتي ڀارت ڪنڊيدار باڙ، سيڪيورٽي ۽ نگراني جي جديد ترين نصب ڪيل آهن.
پرڏيھي کاتي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارت هميشه ڪجهه وقت کانپوءِ اهڙا ڪوڙا الزام مڙهيندو آهي ۽ دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف ساڙ تي ٻڌل ڪردار ڪشي واري مهم هلائي رهيو آهي، مڪروهه مقصد يورپي ڊس انفوليب پڪڙجڻ سان پوري طرح بي نقاب ٿي چڪو آهي، زاهد چوڌري پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۽ پاڪستان جي خلاف رياستي دهشتگردي ۾ ملوث آهي، فيبروري 2007 ۾ سمجهوتا ايڪسپريس سانحي ۽ جون 2021 ۾ لاهور ڌماڪي ۾ ڀارت جو هٿ هو، 2020 ۾ رياستي دهشتگردي ۽ سرپرستي ۾ ڀارت ملوث هو جنهن جا ثبوت به ڏئي چڪا آهيون، هن چيو آهي ته ڀارت جنگ بندي معاهدي کان فرار ٿيڻ جا بهانا نه ڳولي، ڪوڙا ڳالهائڻ کان پاسو ڪري ۽ غير ذميوارڻو ڀارتي رويي جا نتيجا خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سٺا نه هوندا.