ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنون اغوا انڊسٽري ۾ تبديل : ميرپورخاص ۾ به بدامني وڌي وئي

0
308
لاڙڪاڻي ۽ خيرپور جي

ڪراچي: ڪراچي ۾ قتل جي واقعن ۾ 50 سيڪڙو، پوليس تي حملن ۾ 73 سيڪڙو، ريپ جي واقعن ۾ 28 سيڪڙو، گينگ ريپ جي واقعن ۾ 23 سيڪڙو، اغوا وارداتن ۾ 608 سيڪڙو، ڀنگ لاءِ اغوا واقعن ۾ 10 سيڪڙو، ٻارن کي کنڀڻ وارن واقعن ۾ 158 سيڪڙو ۽ ڌاڙِن ۽ ڦرن ۾ 2 هزار سيڪڙو واڌ ٿي رپورٽ موجب هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ڪراچي ۾ قتل جا 240 واقعا رپورٽ ٿيا، قتل جي ڪوشش جا 320 واقعا رپورٽ ٿيا، هنگامن جا 665، پوليس تي حملن جا 172 واقعا رپورٽ ٿيا، ريپ جا 87 ۽ گينگ ريپ جا 41 واقعا رپورٽ ٿيا، 1455 ماڻهو اغوا ٿيا، 17 ماڻهن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو، 223 ٻار کنڀيا ويا. رپورٽ موجب بينڪ ۽ پيٽرول پمپن سميت ٻين هنڌن تي ڌاڙن جا 214 واقعا رپورٽ ٿيا، هاءِ وي ۽ پيٽرول پمپن سميت ٻين هنڌن تان ڦر جا 3190 واقعا رپورٽ ٿيا، 615 ڪارون چوري ٿيون، 65 ڪارون ڦر ڪيون ويون، 15786 موٽرسائيڪلون چوري ۽ 1804 ڦر ٿيون.
حيدرآباد ڊويزن ۾ قتل وارن واقعن ۾9 سيڪڙو، ڪاروڪاري ۾ 2 سيڪڙو، ريپ واقعن ۾ 10 سيڪڙو، اغوا جي وارداتن ۾ 72 سيڪڙو واڌ ٿي، 6 مهينن ۾ 124 ڄڻا قتل ٿيا، اهڙي ريت قتل واقعن ۾ 9 سيڪڙو واڌ آئي، ڪاروڪاري جا 2 واقعا رپورٽ ٿيا، 460 هنگاما ٿيا، پوليس تي 153 حملا ٿيا، ريپ جا 37 واقعا رپورٽ ٿيا، هڪ عورت کي گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو، 231 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، 6 ٻار کنڀيا ويا، ڌاڙن ۽ ڦرن جا 119 واقعا رپورٽ ٿيا، ڪارن سميت 64 گاڏيون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 189 موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، چوپائي مال سميت 143 جانور چوري ڪيا ويا. هوڏانهن سکر ڊويزن ۾قتل جي واقعن ۾ 25 سيڪڙو، اغوا وارداتن ۾ 49 سيڪڙو واڌ ٿي، ريجن ۾ قتل جا 110 واقعا رپورٽ ٿيا، اهڙن ريت قتل واقعن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪاروڪاري جي واقعن ۾ 5 سيڪڙو گھٽتائي آئي، ريجن ۾ ڪاروڪاري جا 18 واقعا رپورٽ ٿيا، 246 هنگاما ٿيا، پوليس تي 260 حملا ٿيا، هنگامن ۾ 60 سيڪڙو ۽ پوليس تي حملن ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي. اغوا جا 145 واقعا رپورٽ ٿيا، اغوا وارداتن ۾ 49 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ 5 سيڪڙو گھٽتائي آئي، ريجن ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جا 4 واقعا رپورٽ ٿيا، 5 ٻارن کي کنڀيو ويو، ڌاڙن جا 18 واقعا رپورٽ ٿيا، ڦر جا 36 واقعا رپورٽ ٿيا، ڦر واقعن ۾ 6 سيڪڙو واڌ آئي. رپورٽ موجب چوري جا 82 واقعا رپورٽ ٿيا، 10 ڪارون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 74 موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، گاڏين جي چوري ۽ ڦر واقعن ۾ 6 سيڪڙو واڌ آئي. ريجن مان 33 جانور چوري ڪيا ويا.هوڏانهن لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ به قتل ۾ 36 سيڪڙو، ڪاروڪاري ۾ 4 سيڪڙو، ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ٿي، ريجن ۾ 192 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، قتل واقعن ۾ 36 سيڪڙو واڌ آئي، ريجن ۾ ڪاروڪاري جا 41 واقعا پيش آيا، جن ۾ 4 سيڪڙو واڌ آئي، 150 هنگاما ٿيا، پوليس تي 356 حملا ٿيا، ريپ جا 27 ۽ گينگ ريپ جا 2 واقعا رپورٽ ٿيا، انهي ڏوهه ۾ 7 سيڪڙو واڌ آئي، 169 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، ڀنگ لاءَ 16 ماڻهو اغوا ڪيا ويا، اغوا واقعن ۾ 4 سيڪڙو ۽ ڀنگ لاءِ اغوا وارداتن ۾ 8 سيڪڙو واڌ آئي. 8 ٻار کنيا ويا، خودڪشي جا 4 واقعا رپورٽ ٿيا.
رپورٽ موجب ڦر ۽ ڌاڙن جا 102 واقعا رپورٽ ٿيا، چوري جون 79 وارداتون ٿيون، 186 موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 5 ڪارون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 60 پالتو جانور چوري ڪيا ويا، جانورن جي چوري ۾ 14 سيڪڙو واڌ آئي. ٻئي پاسي ميرپورخاص ڊويزن ۾ 23 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 91 هنگاما ٿيا، پوليس تي 21 حملا ٿيا، ريپ جا 6 واقعا رپورٽ ٿيا، 47 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، 4 ٻار کنڀيا ويا، ڦر ۽ ڌاڙن جا 28 واقعا رپورٽ ٿيا، 31 موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 2 ڪارون ڦر ڪيون ويون، 42 جانور چوري ڪيا ويا. جڏهن ته شهيد بينظيرآباد ريجن ۾ 71 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، قتل واقعن ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿي، ريجن ۾ ڪاروڪاري جا 10 واقعا رپورٽ ٿيا، پوليس تي 81 حملا ٿيا، ريپ ۽ گينگ ريپ جا 17 واقعا رپورٽ ٿيا، اغوا ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جا 62 واقعا رپورٽ ٿيا، ڦر ۽ ڌاڙن جا 75 واقعا رپورٽ ٿيا، چوري جون 67 وارداتون ٿيون، ڪارن سميت 18 گاڏيون چوري ۽ ڦر ٿيون، 172 موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، 48 جانور چوري ڪيا ويا.