سرحد ويجهو نوجوان اغوا، پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

0
185
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

سرحد (ن پ ا) سرحد ويجهو ڳوٺ نبي بخش بوھڙ واسي نوجوان وحيد بوهڙ جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، وحيد بوهڙ جي بازيابي لاءِ وارثن عورتون قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو، مائي حسنه، مائي ممتاز،سعيد ۽ عبدالمجيد بوهڙ احتجاج ڪندي نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، هنن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان ٽن ڏينهن کان اغوا ٿي ويو آھي پوليس بازيابي لاءِ ڪوششون نٿي ڪري، مغوي وحيد بوهڙ کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.