نئون ڪوٽ ويجهو ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب ٻارڙو فوت

0
274

نئون ڪوٽ(ن پ ا) نئون ڪوٽ ويجهو ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب ٻارڙو فوت، احتجاج، ڳوٺ بهاردر چانڊيو واسي زمان چانڊيو جو تازو ڄاول ٻارڙو عطائي ڊاڪٽر جي مبينه غفلت سبب فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن ٻارڙي جو لاش نئون ڪوٽ پوليس اسٽيشن ۾ رکي احتجاج ڪندي عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، فوتي ٻارڙي جو پيءُ زمان چانڊيو چيو ته عطائي ڊاڪٽر عابد قائمخاني جي غفلت سبب اسان جو ٻارڙو فوت ٿيو آھي عابد قائمخاني اسان کي ڪلينڪ مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هن چيو آهي ته اسان رات دير سان شنهاز قائمخاني ۽ سندس مڙس عابد قائمخاني جي ڪلينڪ ۾ آياسين جتي ڊليوري ٿيڻ بعد منهنجي ٻارڙي کي آڪسيجن لڳائي وئي، ٻن ڪلاڪن بعد عابد قائمخاني ٻارڙي کي لڳل آڪيسجن ڪڍي ته اڌ ڪلاڪ بعد هو فوت ٿي ويو، زمان خاصخيلي جو چوڻ آهي ته عابد قائمخاني پنهنجي غلطي تسليم به ڪئي آھي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.